ادا هر سچي عالم جون سياسي سماجي ۽ علمي خدمتون هونديون آهن، اهڙي ريت هن عالم ( مولوي حسين شاهه صاحب قمبر واري ) جون به اهڙيون خدمتون ضرور ( ۽ انسان جي فلاح لاء ڪم ڪندڙ عالم ۾ ته اهڙيون خوبيون هجڻ گهرجن ) هونديون، جيئن علامه تاج محمد امروٽي رح صاحب جون سياسي سماجي ۽ علمي خدمتون آهن يا وري جهڙي ريت مولانه عبيدالله سنڌي رح ، علامه حاجي احمد ملاح رح، علامه علي خان ابڙي، علامه شبير احمد عثماني، علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح، مولانه عبدالڪريم ٻير واري، مولانه غلام مصطفه قاسمي صاحب، جون سياسي سماجي ۽ علمي خدمتون آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جنهن کي سنڌ سلامت جي دوستن جي اڳيان پيش ڪرڻ لاء درخواست ڪيم، مگر مون کي دوست صوفي شفيق احمد حسيني صاحب اهڙو جواب ڏنو آهي جو حيرت به آئي ته کل به آئي، ۽ انهيء ٻنهيء ڳالهين کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه لڳي اها آهي حيرت ته اهيو ڪو منهنجي سوال ( درخواست ) جو جواب ڪونهـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي۔