کيس چئجو هتان گذر نه ڪري!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2013۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    نِشا نهال/حيدرآباد (هڪ دوست جو ڪاوش هائيڊش پارڪ ۾ ڇپيل خط)

    وقت واقعي مَٽجي ويو آهي، تاريخ پاڻ ۾ ڪيئي تبديليون آنديون آهن. چيلهه جيڏيون کاٽيون کڻڻ وارا ماڻهو موڪلائي ويا، انهن جي جاءِ وڏين مشينن والاري آهي، ٽريڪٽر ٽرالين کان ويندي لاباري واريون مشينون به اچي پهتيون، اهڙيون اهڙيون جديد مشينون اچي پهتيون، جيڪي اڳ اسان ڪڏهن ڏٺيون نه ٻڌيون. پر هاڻي وقت بلدجي ويو، نه صرف وقت بدليو پر ماڻهن جا مزاج به تبديل ٿيا. مسڪين ماڻهن جديد دور ۾ پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪري جن ماڻهن کي اقتدار ڏي اماڻيو، انهن کي به ڪڏهن ياد نه آيو ته ڪو اسانکي اقتدار جي پڄاڻيءَ تي به وري واپس پنهنجي ماڳ موٽڻو آهي، ڪيترن ئي ضلعن ۾ سياسي سرگرميون به شروع ٿي چڪيون آهن، پر هاڻ سنڌ جا مسڪين ماڻهو شعوري طرح سجاڳ ٿيڻ واري ڪوشش ۾ رڌل آهن ۽ هو اقتدار ڌڻين کان پڇاڻي جو سوچين پيا. ڪالهوڪي ڳالهه آهي، جيڪڏهن چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ لاءِ مسڪين ماڻهن وٽ پهتا هئا، تڏهن انهن جي آجيان گلاب جي گُلن سان ٿي هئي، انهن جي آجيان ڪندڙ به سنڌ واسي آهن، جن انهن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، پر هاڻ جڏهن واقعي وقت بدلجي چڪو آهي، تڏهن ڪنهن جي هٿ ۾ ڪي گلاب ناهن، سنڌ واسين جا من به گلاب جي گلن جيان مُرهجايل آهن، مڃيون ٿا ته، جديد دور آهي، رابطي جو جهان به جُڙي ٿو پر خبر ناهي ڇو اقتدار واري دور ۾ به هن چونڊيل نمائندن، جديد سهوليتن مان فائدو وٺندي به ڪڏهن پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي سار نه لڌي، هاڻ ته وڏي وزير به مڃيو آهي ته، بيروزگاري وڌي آهي، پر سوال ته اهو به اڀري ٿو اچي ته، ان بيروزگاريءَ کي روڪڻ لاءِ ڪي قدم ڇو نه کنيا ويا. اهو صرف انهيءَ ڪري جو هر گهڙي نور نظر رهندڙ ماڻهن کي نوازڻ وارو سلسلو جاري رکي، ماڻهن کي نظر انداز ڪيو ويو، ڪو وقت اهڙو هو جڏهن ڪٿي ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ڪو استاد اچي ويندو هو ته اتي موجود ننڍا توڙي وڏا احترام وچان اٿي بيهندا هئا. اڃا گوسڙو استادن وارو زمانو ڪونه آيو هو ۽ نه وري اسڪول وٿاڻن ۾ تبديل ٿيا هئا، هاڻ جڏهن استاد به گوسڙو ٿي پيا آهن ۽ اسڪول واڙن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، تڏهن عدالتي ڇاپن وسيلي اسڪول کولرائڻ وارو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي. هن جمهوري حڪومت جو وقت هاڻ جڏهن اچي پڄاڻيءَ تي پهتو آهي، تڏهن اقتدار ڌڻين به پنهنجن ڪيل غلطين کي تسليم ڪرڻ شروع ڪيو آهي، انهن جي ڪيل فيصلن تي هر گهڙي سنڌ سراپا احتجاج بڻي ۽ هر ڀيري حڪمرانن کي پنهنجا فيصلا واپس وٺڻا پيا، انهيءَ ڪاوڙ جو اثر شايد هاڻ اچي حڪمرانن کي به ٿيو آهي. اليڪشن ٿيڻ تي آهي، انهن ڪامورن ۽ ڀوتارن جو گُذر ضرور پنهنجن تڪن مان به ٿيندو، ان لاءِ عرض ته، سنڌ جو ماڻهو هاڻي پنجن سالن جو حساب وٺڻ جو حق بجانب آهي. غور طلب ڳالهه اها به آهي جو هاڻي سيارو به پڄاڻيءَ تي پهچي ويو آهي، وڏي وزير سميت سمورا چونڊيل نمائندا جڏهن پنهنجي تڪ جي ماڻهن وٽ ويندا، انهيءَ وقت گرمي هوندي، تڏهن 5 سالن تائين گم رهندڙ چونڊيل نمائندن کي ڪوٽ بدران ڪپڙن جي حفاظت ڪرڻي پوندي، ڇو ته سٻاجهڙي سنڌ جي سادن ماڻهن جي تاءُ تَوا ٽنگڻ واري احتجاج جي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.
    نِشا نهال/حيدرآباد


    منهنجو بلاگ وزٽ ڪريو
    سنڌ آن لائن لا۔بريري
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو