السلام عليڪم
شڪر الحمد لله سنڌ سلامت فورم تي موضوعن ۽ تحريرن سان گڏو گڏ ڏينهون ڏينهن رڪنن جو پڻ اضافو ٿي رهيو آهي۔۔۔ جنهن کان پوءِ ضرورت پئي ته انتظاميه پنهنجي ڪم کي درست طريقي سان ادا ڪري ان لاءِ ڪجهه سيڪشنس جو اضافو عمل ۾ آندو پيو وڃي جنهن سان نه صرف عام رڪن جي ڳالهه کي انتظاميه تائين پنهنجي ڳالهه پهچائڻ ۾ مدد ملندي پر انتظاميه پڻ پنهنجي ذميدارين کي احسن طريقي سان انجام ڏئي سگهندي۔۔۔
جن سيڪشن جو اضافو ڪيو ويو آهي انهن جا نالا ۽ مختصر تعارف هن ريت آهي
انتظاميه گڏجاڻي
جتي انتظاميه جا ميمبر سنڌ سلامت فورم جي بهتري لاءِ رايا ڏيڻ کان سواءِ ايندڙ ڏينهن ۾ مختلف موقعن جي مناسبت سان آگاهي ڏيندا۔۔ ته جيئن فورم لاءِ ان موقعي جي مناسبت سان اڳ ئي تياري ڪري سگهجي۔۔ يا وري ڪو به اهڙو مسئلو آهي جنهن تي ويهي ڪري غور ڪجي ۽ انتظاميه جي راء بعد ئي ان بابت اقدام ڪيو وڃي ۔
رپورٽس
ان جو مقصد اهو ئي آهي ته اگر ڪنهن به ميمبر کي ڪا پوسٽ يا ڪو ٿريڊ نظر اچي جنهن ۾ ڪي اهڙا الفاظ جنهن تي ان کي ڪو اعتراض آهي يا ان ان ۾ ڪا اهڙي لنڪ آهي جيڪا ڪم نه پئي ڪري يا ڪو ٻيو اعتراض آهي ته اوهان ان ٿريڊ يا پوسٽ جي رپورٽ ڪيو پر رپورٽ ڪرڻ جو سبب ضرور لکندا ته اوهان کي ڪهڙو اعتراض آهي ان کان بعد ٽيم ان ٿريڊ جو جائزو وٺندي يا ان کي درست ڪندي مطلب ته ان لاء معقول انتظام ڪندي ۔۔۔ ياد رهي ته هر ميمبر ڪنهن به پوسٽ جي رپورٽ ڪري سگهي ٿو ۔۔۔ رپورٽ ڪرڻ جي اختيار کي استعمال ڪرڻ هن تصوير ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي۔۔۔
ردي جي ٽوڪري
ايڊيٽر حضرات ڀل چڪ سان ٿيل پوسٽ يا ڪا به قابلِ اعتراض پوسٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ منتقل ڪري سگهن ٿا ته جيئين انتظاميه ان تحرير يا موضوع کي پڙهڻ کان پوء ان لاء حتمي فيصلو ڪري سگهي ۔۔۔۔
ان کان علاوه ڪا به ڳاله سمجه ۾ نه اچي ته پڇي سگهو ٿا