مون کي لکڻ نه ايندو آهي۔ ۔ ڳالهائڻ ته بلڪ به نه ايندو آهي۔ ۔ ۔پر اها ماڻهن کي شابس آهي جو مون کي پڙهي به وڃن ٿا ۽ وڏي صبر جو مظاهر ڪندي ٻُڌي به وٺن ٿا۔ ۔ ۔ امان جو دعائون آهن يا ڪو ڳڀو اگهاميل آهي جو سنگت ايتري عزت ڏي ٿي جنهن جو شايد هڪ سيڪڙو به نه لهان۔ ۔ ۔ ۔ آئون جام ڳالهائي ۽ لکي ويندو آهيان ۔ ۔ ۔ڪافي ڊيگهه ڪندو آهيان ۔ ۔قلم پني تي ۽ آڱريون ڪي بورڊ تي وهائيندي دير نه لڳندي اٿم ۔ ۔ ۔۽ انهي کان پوءِ ويهي پاڻ پڙهندو آهيان ته کِل پئي ايندي اٿم سو اڪثر ته ورائي پڙهڻ بنا ٻين جي مٿي ۾ هڻي فرار ٿي ويندو آهيان ۔ ۔پوءِ به چون ٿا لکين ڇو نه ٿو؟ ۽ اهڙن چوڻ وارن مان منهنجو پيارو سليمان وساڻ ته سرِ فهرست آهي۔ پر اڄ سندس جنم ڏينهن تي ڪُجهه لکڻ جي همت نه ڪري سگهيس۔ ۔ ۔ڇا لکان هن جي باري ۾ ۔ ۔ مون وٽ اُهي لفظ ئي ڪٿي جيڪي سليمان جي شخصيت بيان ڪري سگهن ۔ ۔ ۔سليمان جي گهڻ رُخي شخصيت جو هر رُخ ايترو ڀرپور ۽ جاندار آهي جو يقينن ساڻس انصاف نه ٿيندو جو ڪُجهه لکي چوجي ته اهو سليمان جو مڪمل تعارف آهي۔ هو هڪ پُٽ جي حيثيت ۾ اُها حيثيت رکي ٿو جو سندس والد مرحوم محرم علي جو وس نه پُڄندو هو ته هو ڪيئن فخر سان ٻُڌائي ته سندس هي جوان پُٽ ڪيڏو ذميدار، فرمانبردار ۽ وڏن جو خيال ڪندڙ آهي۔ ۔ ۔رڳو والدين ئي نه پر پنهنجي سڀني وڏڙن ۽ عزيزن جي عزت ۽ سار سنڀال ۽ اونو رکندڙ هي شخص وس ويندي ڪڏهن به کين اوکو ڏسڻ نه چاهيندو آهي۔ هڪ دوست جي حيثيت ۾ ته سليمان جي ڇا ئي ڳالهه ڪجي؟ دوستي ۾ سر ڏيڻ جي سکڻي دعوى ته مون جهڙا کوڙ واتوڙا ڪندا رهن ٿا پر دوستي ۾ ساٿ ۽ سنڀال جيڪا سليمان وٽ آهي سا ڪنهن ۾ ڳولي نه ٿي لڀي۔ ڪنهن کي ڪٿي ڦاٿل ڏٺو ناهي ته پنهنجو سُک ڦِٽي ويندو اٿس۔ ۔ مون پنهنجي بيماري وارا ڏينهن ياد آهن جڏهن هفتو هاسپٽل ۾ هئس ۽ سليمان کي اونو هو۔ پروفيشنلي به سليمان ڪنهن کا گهٽ ناهي۔ هُن پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي ته کيس پنهنجي قابليت جي آڌار تي ڪافي آفرز آيون ۽ هُن تجربا حاصل ڪري هڪ سُٺي پوسٽ حاصل ڪري بهترين ڪارڪردگي جي بُنياد تي وقت جي رفتار سان هلندي ترقي ڪئي آهي ۽ مولا جو گنج اٿس۔ سدائين مٿيون هٿ اٿس جيڪو ڏيندڙ جو هُجي ٿو۔ ڪير به هُجي به وٽس لڙي آيو ته خالي نه ويندو۔ هو جيترو ڏي ٿو ڏاتار کيس هڪ جا ستر ڪري ڏي به ٿو۔ پر سندس سادي طبيعت مان شايد ئي ڪنهن کي لڳندو هُجي ته هو ڪو شاهوڪار مُڙس آهي۔ هو صفا درويش ماڻهو ۽ سراپاءِ سادگي جو مثال۔ علم ادب سان دوستي جي رشتي جي واڳ تي به پڪي گرفت اٿس۔ هُن جو مطالعو تمام گهڻو آهي۔ هُن الاهي ڪتاب پڙهيا آحن۔ وٽس کوڙ ڪتاب موجود به آحن جن مان هو پڙهڻ لاءِ ڏيندو به رهي ٿو (سندس مهرباني)۔ ۽ ايتري پڙهڻ کان پوءِ هو جڏهن لکي ٿو ته هر لفظ ڪنهن اهڙي موتي جيان چونڊي ٿو جيڪو ڪنهن تمام ڏکي ڊزائين ٺاهڻ لاءِ ڪتب ايندو هُجي ۽ هڪ به موتي جي غلط چونڊ يا بيهڪ سان ڊزائين خراب ٿيندي هُجي۔ علمي ادبي شخصيتن جا ڏهاڙا هُجن يا جنم ڏينهن۔ کين پنهنجي زندگي جهڙي رنگيني ڪارڊن تي اوتيندي مبارڪباد ڏيندي دنيا ڏسي ٿي ۽ ذميداري سان اهو ڪم سنڀاليو اچي۔ سنڌ سلامت لاءِ ته بس ڄڻ سندس زندگي وقف آهي۔ کيس مون پنهنجي پُٽ ذيشان محرم کان پوءِ اگر ڪنهن سان پيار ڪندي ڏٺو آهي ته اُها آهي سنڌ سلامت۔ ۔ ۔ ۔هو هن محبتي اڱڻ جو اهو ميزبان آهي جنهن کي مهمانن سان گڏو گڏ تڏي جي به وڏي فڪر رهي ٿي ۽ ڏينهن رات انهي ۾ وڌ کان وڌ ڪرڻ جي جستجو ۾ آهي۔ بس ڇا لکي ڇا لکجي۔ ۔ ۔دعائون آهن ته سدا خوش هُجي ۽ وڏي ڄمار ماڻي۔
ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا ٿر ۾ واقري ٿورڙي تهان گهڻيرا ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيان ڪيترا۔ خبر ناهي ڪيئن ادبي دنيا طرف آيس، خبر ناهي ڪيئن ۽ ڪهڙن دوستن ذريعي نيٽ تي راند ڪندي ادب ۽ ٻوليء طرف اچي ويس۔۔۔۽ ايندي ايندي سنڌ سلامت تي اچي ويس۔ اهو سڀ اتفاق هيو يا رت ۾ ڪا اهڙي ڇڪ هئي جنهن هن طرف آندو۔ واهڻ جي رستن ۽ واٽن تي راندين ۾ وقت گذاريندڙ ڇوڪرو جيڪو شهرن کان پري ڳوٺن ۾ رهڻ کي پسند ڪندو هو، اهو ڪيئن ڪراچيء جي رنگينين ۾ گم ٿي ويو ۽ هاڻي جڏهن کيرٿر تي سج لهي ٿو ته پريشان ٿي وڃي ٿو۔ هي اهوئي ته ساڳيو ڇوڪرو هيو جيڪو رات ۾ ٻنين ۾ پاڻي وهائيندو هو، رات جو ڳوٺن جي ڳلين کان نڪري ستارن سان ڳالهيون ڪندي گهمندو هو۔۔۔۔۔ هاڻي وقت اهڙي منزل تي آندو آهي جتي وقت گذرڻ جو احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي۔ دوست سڀ ڪجهه لکي ويا۔۔۔ ايترو گهڻو لکي ويا جو مان پاڻ پريشان آهيان ته مان ته ڪجهه به ناهيان، اهو ته اوهان جو پيار ۽ پنهنجائپ ئي آهي، جو سنڌ سلامت ۽ دوستن جي گلدستي جو هڪ ننڍڙو حصو بڻيو آهيان۔ مان ته انهن عظيم شخصيتن کي ڏسندو آهيان جن پنهنجي زندگي ماڻهن لاء وقف ڪئي، پر مان انهن مان آهيان جيڪي اڃان چيچ ڪپائي به شهيدن ۾ شامل ناهن ٿيا۔ ڪالهه کان فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت تي، موبائل تي سالگرهه جا انيڪ پيغام، رنگ برنگي ڪارڊ سڀني دوستن جي پنهنجائپ ۽ پيار ڀرين پيغامن جو عڪس آهن۔ مان هميشه پنهنجي دوستن تي فخر ڪندو آهيان، جيڪي عزت ۽ مان ڏيڻ ڄاڻن۔ مان ڪوشش ڪندو آهيان ته سڀني سان ٻانهن ٻڌڻ جي واٽ هجي ۽ مثبت رويو رکجي، پوء به انسان آهيان، ڪڏهن ڪڏهن جذبات الائي ڇو اڻڄاڻائي يا ڄاڻائيء ۾ غلطيون ڪرائي وجهن ٿا۔ پوء به دوستن کي شاباس هجي جيڪي دل ۾ نه ٿا ڪن۔ باقي مان ته ڪجهه به ناهيان، مان ڇو آهيان ۽ ڇا آهيان، اهو به نه سمجهي سگهيو آهيان، بلڪل اياز جي انهن سٽن وانگر : اڪيلو آهيان، ماڻهوئڙن جي ميڙ ۾، اڃا ڄاتم ڪينڪي، ڇو آهيان، ڇاهيان، آهيان يا ناهيان، سو به نه آيم سمجهه ۾. مون وٽ اوهان دوستن جي محبتن جي موٽ ۾ ڪي لفظ ئي ناهن جيڪي انهن مٺن ۽ مانائتن پيغامن جي موٽ ڏئي سگهن۔ بس دعا ڪجو ته ڏاهپ اچي پر ايتري به نه جو دوست ڇڏي وڃن۔۔۔ مون لاء منهنجو گهر ۽ منهنجا دوست گهڻي اهميت وارا آهن۔ الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀالڪيا