ها ادا زندگي جي فيٿي ۾ سڀ پيا پيهجون يار مزو به آهي ته ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ مطلب ته سواري به آهي ته وري تيل به ڀرائڻو ٿو پوي پيٽرول ڊيزل ڪيترو مهانگو آهي ۔ بس يار ان کي ئي ڇوندا آهين زندگي جو ٻن منٽن جي لوڏي لاء انسان ڇا ڇا نٿو ڪري ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔
سائين علي علي اهڙيون اونهيون ڳالهيون ڪندو آهي جن جو هڪ ئي وقت ۾ ڪافي مفهوم نڪرندو آهي ليڪن ادا علي علي جي ڦيٿي ۾ ٽي ٽائر ۔۔۔ آهن ئي ڪونه لڳي ٿو ته پاڻ هڪ ڦيٿي واري گاڏي کي پسند ٿا ڪن
hall chari سائين بس فٿو هجي پوء هڪ ٽآئر وارو يا ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ باقي سائين ڪلام جامع هجڻ کپي ته ڀلو آهي هرڪو پهنجي ذوق مطابق معني ڪڍي ڇا ڪيون جهونا جو آهيون پوء پيا مڙئي دل خوش ڪيون
سائين الله اوهان کي خوش رکي اسان جي خوشطبعي اوهان کي بور ته نه ٿي ڪري اگر اهڙي ڪا ڳالهه هجي ته سائين آئينده اهڙي گستاخي کان پاسو ڪيون۔
واه ادا رشيد واه، اوهان جي تحرير ۾ ڪافي ڳالهيون ڇُپيل آهن ، هن جديد دور ۾ جڏهن انسان پيدا ٿئي ٿو ته ان جا والدين ان کي واڪر ۾ ويهار گهمائن ٿا۔۔۔ وري جڏهن جهونو ٿئي ٿو ته وري انجو اولاد اني کي وهيل چيئر تي گهمائي۔۔۔ بس يار ناهي حال ويچاري انسان۔۔۔ بظاهر ته اهي شڪليون آهن پر وڏي معني خيز آهن۔۔ تمام پيارو ونڊ آهي۔۔۔۔۔۔
سائين رحيم بخش ادا اهڙي ڳاله نه آهي اسان به حوالي گروپ جا آهيون خدو ڪليري سان اسان جو پراڻو واستو آهي ان ڪري پاڻ به بس پيا دوستن جي چهري تي مرڪون وکيرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون اوهان اسان جا بزرگ آهيو ڀلا اسان کي اوهان جي ڳالهه ڇو بور ڪندي ؟ سنڌ سلامت جي بنياد ئي محبت تي رکيل آهي ان ڪري محبت کان سواء اسان کي ٻي ڪا ٻولي اسان جي مانڊول ۾ ويهي ئي ڪونه ما در همه حال با شما هستيم خنديدن را دورست دارم ۔ ۔ ۔۔ ۔ هر ڪسي ڪو در زبان الفت صحبت مي کند ما خودي را در پاي اون مي گزاريم :d
ماشآء الله اي خواجه من ، چه مي فرمائيد من خادم شما هستم شما خواجه من ، اين الفاظ از شما نمي خواهم بس از شما مي خواهم که دعا مي کنيد برائي ما که خدا عز وجل ما همه سلامت دارد و الفت که مقصود زندگي است درميانِ ما قائم دارد، ما هم دعا مي کنيم که خدا عزوجل شما را سلامت دارد و عمر دراز بخشد ۔
پوڙها، پوڙهن کي اهڙيون ئي دعائون ڪندا آهن ... ٻيو فارسي پاڻ کي نه ڪندم نه سمجهم، مٿي کان گذردم .. بس ڪجهه هي سمجهم ... خدا عزوجل شما را سلامت دارد و عمر دراز بخشد
آغآي رحيم ما همه وقت برائي شما دعا مي ڪنيم و براي همه برادران ڪه اينجا هستند و از خداي بزرگ دعا مي ڪنم ڪه اين محبت در دل دلهائي ما قايم باشد شما خوب گفتي ڪه محبت و الفت مقصود زندگي هست چونڪه انسان از ماده انس هست و معناي انس محبت و دوستي هست ۔ خيلي خوب hall chari
آغآي من بر دعاء شما آمين مي خوانم و مزيد ڪلام در ين زبان تمام مي ڪنيم که برادر عظيم و برادران ديگر نمي فهمند ادا اها مٺڙي زبان فارسي آهي ايتري ڏکي نه آهي ليڪن جنهن جو ان سان واسطو نه رهيو آهي ان لاء شايد ڪجهه سمجهڻ ۾ مشڪل هجي سائين علي علي سڀني ڀائرن کي دعا ڪئي آهي ۽ محبت جو درس ڏيندي دعا پيو ڪري ته شال اسان سڀني ڀائرن ۾ محبت قائم رهي جو انسان جو ماده انس (وِرُونهه) مان ورتل آهي ان لحاظ سان اصل زندگي جو مقصد محبت آهي۔
قبلا سائين نثار احمد ماشآء الله اوهان جي فارسي تي هڪ نقل ياد آيو آهي ته هڪ فارسي وٽ ڪو سنڌي ملازم هو ان فارسي سردار ان کي چيو ته گهوڙِيء کي پاڻي پياري اچ هو ويچارو گهوڙيء کي ڪاهي درياه تي ويو گهوڙي جو لغام ڪنڌ تي رکي گهوڙيء کي درياه ۾ هڪلي ڇڏيائين گهوڙي ته هڪ ڪُن جو ڀنور ۾ ڦاسي پئي ، ڪُن جو پاڻي ڪنهن به شيء کي گول ڦيرائيندو آهي هي ڪافي دير تائين ڏسندو رهيو ليڪن جڏهن گهوڙي ٻاهر نه نڪتي ته نا اميد ٿي سردار وٽ پهتو سردار پڇيس ته کجا بودي ؟ هن سنڌي ملازم چيو سائين سنجن سوڌي وري فارسي چيس چه مي گوئي؟ چيائين سائين ائين پئي ڦري جينئن ڪُني ۾ ڏوئي ۔ سو سائين جيستائين ڪابه ٻولي مڪمل سمجهه ۾ نه اچي ته پوء اندازا ڪرڻا پوندا آهن ۔ ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا لطيفا به وجود ۾ اچي ويندا آهن جيئن سائين عبدالرشيد هڪ انگريزي ڳالهائڻ وارو آڊيو ڪلپ موڪليو۔ کجا بودي ؟ ڪاٿي هئين ؟ چه مي گوئي ؟ ڇا پيو چوين؟
ادا ڄامشورائي ادو عظيم فارسي جو ماهر آهي ۔بنا مبالغي جي فقط اسان جهونن )سائين رحيم بخش ۽ مون کان امتحان پيو وٺي) ادا عظيم مرِضي اٿئي يار۔hall chari
ها سائين جهونن کي دعا کان سواء ڪم ئي ڪهڙو آهي پر سائين اوهان به ته فارسي ڳالهائي ويا اوهان هر سنڌي لفظ جي آخر ۾ ميم هڻو بس فارسي ٺهي وئي ۔جيئن ته اوهان جي ڳاله ٻڌي مون کي به هڪ ڳاله ياد اچي وئي ته اسان وٽ جنهن کي عربي نه ايندي هئي اسڪول ۾ اهو چوندو هو ته مونکي عربي اچي ٿي ۔ پڇندا هئا سي ته ڀلا ڪيتري جواب ۾ چوندو هو الهرت پڇ زيلت hall chari ها ها ها مطلب ته ٻلي جو پڇ زيل آهي سو اهڙي عربي اسان کي به ايندي آهي ها ها ها ها سائين اوهان ته اصل عرب ملڪ ۾ رهندڙ آهيو سو اوهان ته ماهر هوندا ان شي ۾ الله سائين اوهان جي عمر دراز ڪري ۔ آمين
مهرباني سائين اوهان جي سچي پچڇو ته مون کي به ڏکي لڳندي آهي :d بس فقط عربي زبان ئي آهي جيڪا تمام آسان لڳندي آهي ڳالهائڻ ۾ باقي ٻين ٻولين سان ڪم ڪڍي ويندا آهيون :d باقي ادي عظيم کي سڀ کان گهڻي فارسي ايندي آهي مهنجو ادي کي عرض آهي ته فارسي سيکارڻ جو ڪلاس رکن تاڪه اسان جهڙا جڏا به ڪجه سکي پون ۔:d