• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ رات ڪاڇي ۾

9مارچ 2013 تي جئين ئي 11 وڳي ريڊيو جو پروگرام پورو ڪيو ته علي مراد ٽانوري صحاب ،خالد چانبيو ۽ حاجي خان جاگيراني پهتا
چئيو ن ته ڪاڇي سائين شآھ گودڙي جي مزار تي هلون ثا گهمڻ جي ڳالھ هجي انڪار ٿي نٿو سگهي
اسان لاڙڪاڻي کان سڌو نصير آباد آياسين جتي اسان جو انتظار اسان جو دوست جبار آزاد ڪري رهيو هو ملياسين منجهند جي ماني کائي ڪجھ ٻيا دوست به آيا سڀ گڏجي موٽر سائيڪلن تي روانه ٿيا سين....ميهڙ باءِ پ
اس کان فريد آباد وارو لنڪ روڊ تي اڳتي وڌندا وياسين سيلاب جا ڇڏيل نيشآن ڏسندا فريد آباد پهتاسين رات جي ماني جو سامان خريد ڪري سڀني چانه پيتي حمل ڊنڊ جو سير ڪري روانه ٿياسين آخر ڪار جبلن جي قطار نظر آئي ۽ موسم به مٽجي و.ي هاڻي گرمي گهٽ ٿيندي محسوس ٿي رهي هئي
ٻن وجبلن جي وچ مان ٿيندي روڊ اسان کي شاه گودڙي جي مزار وٽ پهچايو پهريون سڌ اسان پنهنجي ميزبانمحمد شريف چانڊيو وٽ پهتاسين هي نوجوان ڳو ٺ شاه گودڙي وٺي هليو هن اسان کي پهنجي اطاق ۾ ويهاريو ته مون موبائيل تي گهر ٻڌائيڻ پي چاهيو ته سان شا ھ گودڙي پھچي وياسين پر موبائيل ۾ سنگنل ئي ڪون ھئا محمد شريف ٻڌايو ته شاه گوڌڙي جي مزار ڀرسان ھڪ جبل آهي جنهن کي اڊھائي جهول يا چوياري چوندا آهن اتي اوهان کي سنگنل ملندا
ڪجه دير کان پو۽ سڀ هن ڳوٺ کان پنڌ سائين جي مزار ڏانهن روانه ٿياسين گوٺ جي ڪچين گهٽين مان ٿيندي سائين شاھ گودڙي جي مزار ۾ داخل ثياسين هڪ اندازي مطابق 4000 هزار فٽ هم چورس ۾ سائين جي مزار هي ساين جي قبر 30 فٽ ڊگهي ۽ 6،7 فٽ ويڪري هئي
۽هن ڳوٺ جي آبادي 300 گهرن تي مشتمل آهي 80 % ماڻھون سرڪاري نو ڪرين سان وابسته آهن
سائين شاھ گودڙي جو اصل نالو عبد الله شاھ آهي پاڻ بخارا کان آيا
 
تمام سٺو ، اوهان پنهنجي سفر کي هتي ونڊ ڪري ۽ تصويرون ڏئي ڄڻ ته اسان کي به سير ڪرائي ڇڏيو ۔۔۔ لاجواب
 
منهنجو جڏهن به ڳوٺ وڃڻ ٿيندو آهي ته دوست ڇوندا آهن ته شاهه گودڙي جي مزار جي زيارت ڪري اچون پر وڃي نه سگهندو آهيان۔ مان به سڀاڻي جمعي تي ڳوٺ وڃي رهيو آهيان۔ جيڪڏهن شاهه گودڙي تي وڃڻ ٿيو ته سمورو احوال سنڌ سلامت تي ونڊ ڪندس۔۔انشاءَالله
 
توهان جي سفر جي رام ڪهاڻي وڻي
۽ تصويرون اسان به ڏسي ورتيون
جهڙوڪر اسان به گهمي آياسين
مهرباني سائين۔۔۔جو ديدار ڪرايو
 
توهان جي سفر جي رام ڪهاڻي وڻي
۽ تصويرون اسان به ڏسي ورتيون
جهڙوڪر اسان به گهمي آياسين
مهرباني سائين۔۔۔جو ديدار ڪرايو
 
اسانکي به ان بزرگ جي زيارت نصيب ٿيل آهي ، اگر ڪنهن دوست وٽ شاھ گودڙئي جي حالات زندگي ۽ سوانح حيات بابت ڪا مستند معلومات هجي ته شيئر ڪندا ۽ مونکي ان ۾ ٽيگ به ڪندا مهربانيون
 
Back
Top