اڱـــڻ تازي، ٻَهــــرِ ڪنـــڍيون، پکــا پٽ سونـهنِ، سُــــرهي سيـــــج، پاسي پرين، مُرُ پيا مينهن وسنِ، اســـان ۽ پــــرينِ، شـــال هــــون بــــرابر ڏينهنـــــڙا. سر سارنگ
محبوب جي مُکڙي جهڙو بيت ۽ وري ان مٿان هي تصوير ۔۔ سائين سڌو سنئون ڇو نه ٿا چئو ته هرڪو هن بيت کي پڙهي ۽ تصوير کي ڏسي پنهنجي محبوب جو عڪس اکين ۾ چٽي۔۔اڃا به اڳتي اچون ٿا محبوب کي ويجهو پسڻ لا ته لطيف سرڪار چوي ٿو ته۔۔ آگَمَ اِيَ نه اَنگَ، جَھڙو پَسَڻُ پرينءَ جو؛ سيڻَنِ رِءَ سَيَّدُ چئي، رُوحَ نه رُچَنِ رَنگ؛ سَھَسين ٿِيا سارَنگَ، جاني آيو جُوءِ ۾. وري اڃا به منڙو جهومجي لطيف جو هي بيت جهونگاري ٿو ته ابول صفا هنيا ڏري ٿو پوي۔۔۔ جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلبَ قَرارُ؛ وَھِلو وِچائِين وِيو، ڪَري غَمُ گُذارُ؛ نِظارو نِروارُ، پِي پَسايو پانھِنجو.