شاه جو پيار سان ڀريل بيت

نثارابڙو

نائب منتظم
602189_10151483661608948_1114201214_n.jpg

اڱـــڻ تازي، ٻَهــــرِ ڪنـــڍيون، پکــا پٽ سونـهنِ،
سُــــرهي سيـــــج، پاسي پرين، مُرُ پيا مينهن وسنِ،
اســـان ۽ پــــرينِ، شـــال هــــون بــــرابر ڏينهنـــــڙا.
سر سارنگ​
 
محبوب جي مُکڙي جهڙو بيت ۽ وري ان مٿان هي تصوير ۔۔ سائين سڌو سنئون ڇو نه ٿا چئو ته هرڪو هن بيت کي پڙهي ۽ تصوير کي ڏسي پنهنجي محبوب جو عڪس اکين ۾ چٽي۔۔اڃا به اڳتي اچون ٿا محبوب کي ويجهو پسڻ لا ته لطيف سرڪار چوي ٿو ته۔۔

آگَمَ اِيَ نه اَنگَ، جَھڙو پَسَڻُ پرينءَ جو؛
سيڻَنِ رِءَ سَيَّدُ چئي، رُوحَ نه رُچَنِ رَنگ؛
سَھَسين ٿِيا سارَنگَ، جاني آيو جُوءِ ۾.

وري اڃا به منڙو جهومجي لطيف جو هي بيت جهونگاري ٿو ته ابول صفا هنيا ڏري ٿو پوي۔۔۔

جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلبَ قَرارُ؛
وَھِلو وِچائِين وِيو، ڪَري غَمُ گُذارُ؛
نِظارو نِروارُ، پِي پَسايو پانھِنجو.
 
Back
Top