• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جا ٻيٽ ۽ ان جي مالڪي

سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جو حصو آهن انهن جو سودو ڪنهن کي به ڪرڻ نه ڏينداسين ...هي ترقي نه کپي جنهن ۾ فحاشي جا اڏا ٺاهيا وڃن ....جي سنڌ جي ترقي چاهيو ٿا ته سنڌ جو انفراسٽرڪچر سنواريو سنڌ جو دادو جي گورک هل اسٽيشن کي ٺاهيو ...جيڪا 20 سالن کان ڊيولپمينٽ جي انتظار ۾ آهي باقي هن ٻيٽن تي کهاند نه ڪريو ...۽ ڪنهن کي به سنڌ جي زمين وڪڻڻ جو اختيار نه ڏبو...هي سنڌي ماڻهن جو مطالبو آهي.... ۽ گهر آهي
 
بلڪل سهي پيا چئو ۔۔۔ اسان جو به ساڳيو آواز ۽ ساڳيو مطالبو آهي، سنڌ جي ڌرتي، سنڌ جا اثاثا سنڌ جي ملڪيت آهن، تنهنڪري ان جي وارثي به سنڌ جي ئي هئڻ گهرجي۔ مونکي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي زمينن ۽ ڏنل جزيرن تي به اعتراض آهي ته اهي سنڌ جي ئي ملڪيت هئڻ گهرجن۔
 
اسان سڀ اوهان جي سڏ ۾ سڏ ڏيون ٿا۔۔ سنڌ کي ترقي وٺرائڻي آهي ته هتي سير و تفريح جا انيڪ ماڳ آهن انهن جو انفراسٽرڪچر جوڙي نئين سر تعمير ڪئي وڃي ته سنڌ ۾ سياحت واري شعبي کي ترقي ملي سگهي ٿي۔ گورک هل اسٽيشن، رني ڪوٽ، ڪوٽ ڏيجي، موئن جو دڙو، مڪلي، ڪينجهر، چوکنڊي، ٿر، ۽ ٻيا انيڪ سنڌ جا اهڙا سياحتي ماڳ آهن جنهن کي سڌارڻ لا اپا ورتا وڃن ته سنڌ ترقي ڪري ۽ دنيا ۾ به مشهوري ماڻي۔ ان لا اسان جي سماجي ۽ قومپرست توڙي اقتداري ساڃاهه وند تنظيمن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ پنهنجو مؤقف چٽو رکڻو پوندو تڏهن ڪو کڙ تيل نڪرندو۔
 
بلڪل سهي پيا چئو ۔۔۔ اسان جو به ساڳيو آواز ۽ ساڳيو مطالبو آهي، سنڌ جي ڌرتي، سنڌ جا اثاثا سنڌ جي ملڪيت آهن، تنهنڪري ان جي وارثي به سنڌ جي ئي هئڻ گهرجي۔ مونکي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي زمينن ۽ ڏنل جزيرن تي به اعتراض آهي ته اهي سنڌ جي ئي ملڪيت هئڻ گهرجن۔




3872891_f520.jpg
(سکاري سنڌ ۾ ڏکارا سنڌي)
گذريل پنجهٺ سالن کان جنهن بيدرديءَ سان سنڌ کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي آهي، هتي جي ماڻهن جي بدقسمتي رهي آهي جو سندن ماڳن کي ڪڏهن سازشن ذريعي ته ڪڏهن ڀڳڙن مُٺ عيوض وڪرو ڪيو ويندو رهيو آهي. پر جيئن ته اسان پاڻ ۾ تتر ڀتر ٿيل آهيون ، تنهن ڪري سندن خلاف فيصلا ڪندڙ ڌر هر ڀيري ڦٻي وڃي ٿي ۽ پنهنجا مفادات حاصل ڪرڻ ۾ پڻ ڪامياب پئي وڃي ۽ انهن ڳالهين جي ڪري ، جنهن جو نتيجو هيءُ وڃي نڪتو آهي جو سنڌي ماڻهو پنهنجي بقا لاءِ بيوسيءَ مان هٿوراڙيون هڻڻ تي مجبور ٿي پيو آهي. اسان وانگر ڳالهيون ڪرڻ تائين محدود رهجي ويو آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪڏهن سنڌ کي ورهائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته ڪڏهن سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪيا پيا وڃن مطلب ته سنڌ نه سنبري سک اڀري سج لهي ويا۔ادا سليمان وساڻ صاحب توهان جي آواز وانگر اسان جو به اهيو آواز آهي ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي اصل وارثن حوالي ٿيڻ گهرجن ۽ انهن جي ترقي لاء ڪوششون ورتيون وڃن۔ نه ڪي پنهنجن مفادن کي اڳيان رکي ڪري فيصلا ڪيا وڃن، افسوس ته اهيو آهي ته حڪومت ويندي ويندي سنڌ جي ماڻهن جي فٽن تي مرحم بدران لوڻ ٻرڪيندي وئي آهي، جنهن جو افسوس هر پڙهيل لکيل سنڌي کي رهندو۔ ۽ اهڙا ڪيترا ئي فيصلا ٿيا آهن جن جي ڪري اسان جي سنڌ جو ماڻهون هميشه سکاري سنڌ ۾ ڏکارو سنڌي رهيو آهي، سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ٿيڻ بابت ڪجهه معلومات هيٺ ڏجي ٿي جنهن ۾ اسان جي سنڌ سلامت جي دوستن لاء ڪجهه معلومات ڏنل آهي،



ٿوري مڙسي سان سنڌ جا ٻيٽ تين وال ٿي نه سگهندا۔(سارا زمان۔۔۔ بشڪريه عوامي آواز )

سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ سامونڊي ٻيٽن ”ڏنگي“ ۽ ”ڀنڍار“ جي ٻيهر وڪري جون خبرون زورن سان جاري آهن. خبرون ايئن زورن سان جاري آهن ڄڻ ته ” سنڌ جو نيلام جاري آهي“ ان کان اڳ فوجي آمر جنرل پرويز مشرف به انهن ٻيٽن کي نيلام ڪرڻ لاءِ دبئي جي تعميراتي ڪمپني ” ايمار“ Emmar کي ڏيڻ لاءِ معاهدو ڪيو هيو، تڏهن به اها زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت هئي ۽ ڪي پي ٽي جي وزير بابر غوري ان ۾ خاص حصو ورتو هيو، جنهن تي سنڌي ماڻهن پنهنجي شديد نفرت جو اظهار ڪري دبئي تائين پنهنجون درخواستون موڪلي انهن کي ان منصوبي تان هٿ کڻايو هيو.تازو 10 مارچ 2013ع تي ساڳئي قسم جي معاهدي لاءِ شڪليون ۽ ملڪ تبديل ڪيا ويا آهن. اهو معاهدو ملڪ جي مشهور تعميراتي ڪمپني ”بحريه ٽائون“ جي ملڪ رياض ۽ آميريڪا جي هڪ بلڊر ٿامس ڪريمر جي وچ ۾ ٿيو آهي، ان ۾ ساڳي ڪي پي ٽي موجود اهي، وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت کان نه پڇيو آهي نه انهن کي ڪا خبر آهي نه وري انهن ڪو اعتراض ڪيو آهي. هن معاهدي موجب 20 ارب ڊالرن ( پاڪستاني ويهه کرب رپيا) جي سرمائيڪاري ۽ سيڙپڪاري ڪئي ويندي. اول 12 هزار ۽ پوءِ 16 هزار ايڪڙ زمين ان ۾ استعمال ڪئي ويندي. ان اسڪيم جو نالو ” بودا ٻيٽ پراجيڪٽ“ رکيو ويو آهي. اهو ٺاهه ڪنهن به آمر بدران جمهوري سرڪار سان ويجهو سمجهندڙ ملڪ رياض پاران ڪيو ويو آهي. ان ۾ سنڌ حڪومت کان ان جي ملڪيت کي تين وال ڪرڻ جي باري ۾ نه مشورو ڪيو ويو اهي نه وري ان جي باري ۾ اها صلاح وٺڻ مناسب سمجهي آهي.
بحريا ٽائون وارن جو چوڻ آهي ته جديد طرز تي هڪ شهر اڏيو ويندو. ان ۾ جديد مارڪيٽ، جديد گهر، جديد روڊ ۽ پليون هونديون. ان رٿا ۾ قديم انسانن عرف سنڌين جي باري ۾ ۽ انهن جي ملڪيت کي استعمال ڪرڻ عرف هڙپ ڪرڻ جي باري ۾ بحريا ٽائون جي ترجمان ڪجهه به نه چيو آهي.ٻنهي ڪمپنين جا ڪارناما ڪهڙا آهن؟ ان سوال جانچڻ ۽ ڳولا ڪرڻ جي گهرج آهي. پاڪستان واري ڪمپنيءَ جا ”ڪارناما“ سڀني ماڻهن جي اڳيان آهن. پر سنڌين کي ان آميريڪي شهري جيڪو اصل ۾ جرمن هيو تنهن ٿامس ڪريمر جي باري ۾ معلومات ملڻ ضروري آهي. ان جا حوال ٻڌي بنا دير اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ملڪ رياض کربين رپين جي زمين ڪنهن ”ترقي“ لاءِ نه پر ”هڙپ“ ڪرڻ لاءِ آهن. ان ڪري ان جي حمايت ڪرڻ جي باري ۾ ڪي به سوال پيدا نه ٿا ٿي سگهن. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ۽ جامي چانڊيو رياض ملڪ کي ”لينڊ مافيا“ سڏين ٿا. جڏهن ته ، ٿامس ڪريمر نالي اهو شخص اڄڪلهه آميريڪا جي شهر ”ميامي“ ۾ رهي ٿو. هو 27 اپريل 1957ع ۾ ڄائو . هن جي مارچ 2013ع ۾ ڪل ملڪيت 90 ملين ڊالر ( پاڪستاني 90 ڪروڙ رپيا) آهي. اوهان ٿورو غور ڪريو ته جنهن شخص وٽ 90 ڪروڙ رپيا هجن ان سان 20 کرب رپين جو معاهدو ڪيئن ڪيو وڃي ٿو.هڪ اهم ڳالهه ٿامس ڪريمر جي بي ايماني ۽ فراڊ جي به آهي. اوهان ان جي فراڊ جا قصا ٻُڌي وائڙا ٿي ويندا ته آخر اهڙي فراڊي ۽ نوسرباز سان پاڪستان سرڪار معاهدو ڇو ڪيو آهي؟ آميريڪا جو اهو فراڊي جنهن کي ميامي بيچ Miami Beach جي هڪ حصي تي تعميراتي ٺيڪو پڻ حاصل ڪيو هيو. پر اچو ته هن جا فراڊ جا ٻيا ڪارناما اوهانکي ٻڌايان ته جيئن اوهان کي سنڌ ۾ پنهنجي ڌرتي بچائڻ واسطي ڪي دليل ملي سگهن. جدوجهد جا ڪي دليل ملي سگهن.1: ڪريمر پاڻ کي مشهور ڪيو هيو ته هو هارورڊ ڪاليج ۾ پڙهيو آهي. پر جڏهن معلوم ڪيو ويو ته هارورڊ ڪاليج چيو ته هو نه رڳو اسان وٽ نه پڙهيو آهي پر اهڙا ماڻهو اسانجي ڪاليج ۾ داخلا ئي وٺي نه ٿا سگهن.2: آميريڪا جي فيڊرل اليڪشن ڪميشن هن کي ڏوهي ٺهرايو هيو، ڇوته، هن جرمنيءَ مان آميرڪا جي ڪجهه اميدوارن کي ”مالي مدد“ ڏني هئي. ڪميشن ۾ سندس خلاف ڪيس هليو. ڳالهه ثابت ٿي. مٿس ڏنڊ وڌو ويو.3: ڪريمر پنهنجي خريد ڪيل آميريڪي ٻيٽ ”اسٽار ٻيٽ“ جو گهر فلاحي ڪمن لاءِ ڪرائي تي ڏيندو آهي پر ملندڙ ڪرائي لاءِ مشهور اهو ڪندو آهي ته اهو ”ڀلائي جي ڪمن“ تي خرچ ڪندو آهي. پر سندس ٽيڪس جا وڪيل چون ٿا ته سال جي ٽيڪس انهن فلاحي ڪمن ڪرڻ وسيلي گهٽ به ڀري ٿو ۽ باقي ٽيڪس انهن ڪراين مان ڏئي ٿو.4: هن لاءِ مشهور آهي ته قيمتي شيون گهٽ اگهه تي وٺندو آهي ۽ مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندو آهي. مثال طور هن 1992ع عالمي مصور ”پيبلو پڪاسو“ جي ٺاهيل ” ڪرسيءَ تي ويٺل عورت“ واري تصوير ساڍن چئن ڪروڙ رپين تي ملندڙ تصوير ٻه ڪروڙ 86 لکن ۾ وٺي وري ساڍن چئن ڪروڙن ۾ وڪرو ڪئي هئي.سو، سنڌ هڪ نئين فراڊي جيڪو آميريڪي آهي سان مهاڏو اٽڪائيندي، جدوجهد ڪري رهي آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي هن منصوبي هيٺ جنرل مشرف جي نقش قدم تي گامزن آهي. هن جدوجهد جي ڪري پيپلزپارٽي کي مڪاني ادارن واري بل کان وڌيڪ نقصان پوندو. ان ڪري پيپلزپارٽي واسطي ضروري آهي ته اليڪشن کان اڳ نه پر هن ئي هفتي ۾ ان معاهدي جي مخالفت ڪرڻي پوندي. ان سلسلي ۾ ملڪ رياض جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جي ڪمپني ۾ 90 رٽائرڊ برگيئڊر آهن، جي اها رٿا ختم نه ٿي ته انهن رٽائرڊ فوجي آفيسرن جي ڪيل معاهدي جا اولڙا پاڪستان جي آرمي تي نه پوڻ گهرجن پر پاڪستان جي اعلي اختيارين کي ان سلسلي ۾ بنا دير تحرڪ ۾ اچڻو پوندو.

سنڌ جا ٻيٽ به وڪرو ٿئي ويا۔

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪراچي جا تاريخي ٻيٽ ڀنڊا ۽ ڏنگي ورلڊ ڪلاس ميگا پراجيڪٽ لاءِ بحريه ٽائون کي وڪرو ڪري ڇڏيا، سنڌ حڪومت بي خبر بڻيل رهي، ملڪ رياض ٻيٽن تي سيڙپڪاري لاءِ ميڊيا ۾ اشتهاري مهم شروع ڪري ڇڏي، سنڌ جي سڄاڻ ڌرين به تاريخي ٻيٽن جي وڪري تي خاموشي جو روزو نه ٽوڙيو، ابراهيم حيدري ويجهو سمنڊ ۾ سنڌ جي سون جهڙي ملڪيت پورٽ قاسم اٿارٽي بابت سنڌ سرڪار کي ڪا به آگاهي نه ڏني وئي آهي، ملڪ رياض اهڙي معاهدي کان پوءِ ورلڊ ڪلاس ميگا پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪندي سيڙپڪاري لاءِ اشتهاري مهم به شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻنهي ٻيٽن تي ڪجهه ڏينهن اندر اڏاوتي ڪم شروع ڪرڻ جون تياريون پڻ ڪيون پيون وڃن، ورلڊ ڪلاس ميگا پراجيڪٽ تي 45 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، جڏهن ته دنيا جو سڀ کان وڌيڪ بلند ترين ٽاور پڻ جوڙايو ويندو، هن منصوبي ۾ ابوظهبي گروپ ۽ يونائيٽڊ بينڪ جو شيئر پڻ هوندو، جڏهن ته هن منصوبي ذريعي 35 لک ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جون دعوائون ڪيون پيون وڃن، ٻئي طرف وفاقي حڪومت طرفان ٻئي تاريخي ٻيٽ چين جي طرز تي ورلڊ ڪلاس ميگا پراجيڪٽ لاءِ ڏيڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي ڪا به آگاهي ناهي ڏني وئي، ڪجهه سال اڳ به ٻئي ٻيٽ آمريڪي ڪمپني کي وڪرو ڪري ڏيڻ وارين خبر تي سنڌ جي ماڻهن سخت رد عمل ظاهر ڪيو هو، جنهن کان پوءِ حڪومت اهڙو فيصلو واپس ورتو هو، موجوده ورلڊ ڪلاس ميگا پراجيڪٽ چين ۾ سمنڊ جي ٻيٽ تي هڪ شهر جي طرز تي جوڙيو پيو وڃي، چين جي ان شهر کي الڳ صوبي جي حيثيت حاصل آهي.
 
اسان سڀ ان سنڌ دشمن منصوبي جي خلاف آواز اٿارڻ ۾ شامل آهيون، سنڌين کي اکيون پٽڻيون آهن۔ سنڌي وڏيرن ۽ سرمائيدارن وٽ به ايترو پيسو ضرور هوندو جيڪڏهن اهي نڀاڳا پنهنجو پيسو لڳائي ان کي محض سنڌين لا جديد شهر اڏين ته به شاهوڪار سنڌين جو ڀلو ٿي پئي۔۔پر افسوس جو پيٽ بکيا وڏيرا ۽ جاگيردار بس رڳو ماڻهن کي مارائڻ ۽ فيصلا ڦڙا ڪرڻ ۾ رڌل آهن، ترقي طرف ته انهن جو ڪو به ڌيان ڪونههي۔۔ مونکي ته حيرت ٿيندي آهي ڪراچي جهڙي شهر ۾ اڄ تائين ڪنهن به سنڌي سرمائيدار جو ڪو به اهڙو وڏو رهائشي پراجيڪٽ نه بڻجي سگهيو آهي، جيڪو محض سنڌين لا هجي، اها ته شابس هجي عام سماجي تنظيمن کي جيڪي رهائشي سوسائٽيون ٺاهڻ ۾ اڳتي اڳتي هوندا آهن۔ پر اهي جاگيردار اهو نه ٿا سوچن ته زمين هٿن مان نڪري ويندي پو اهي به هتان ڌڪيا ويندا۔ آخر ڪيستائين اسان ترقي کي خواب سمجهي تعبير جو انتظار ڪندا رهندا سين۔ جڏهن ته سنڌ ڌرتي اسان جي آهي جيڪا حقيقت آهي خواب ڪونهي۔
 
Back
Top