• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجهه سنڌيءَ جي حوالي سان سوال

گل حسن لاکو

سينيئر رڪن
دوستو! هڪ دوست ڪجهه سنڌيءَ جي حوالي سان سوال پڇيا آهن، جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ انهن جا جواب هجن ته موڪلين. آئون ان دوست جو شڪر گذار رهندس.
هيٺين لفظن جا ضد لکو.
سڪيلڌو
يتيم
سگھڙ
هيٺين لفظن جا مونث لکو.
ڪانگ
چتون
بدڪ
منهنجو بلاگ وزٽ ڪريو
 
تمام دلچسپ لفّظ پڇيا ويا آهن۔۔۔۔:p :)
سڪيلڌو مطلب ڀاڳن وارو يا پيارو۔۔۔ّضد ٿيندس اِڪيلڌو يا نڀاڳو۔۔o_O
يتيم۔۔جو ضد منهنجي ڄاڻ ۾ نه آهي۔۔۔:(
سُگهڙ جو مطلب آهي هوشيار، تميزدار۔۔۔ضد ٿيندس ڊل، بدتميز يا بي هنر۔۔۔:eek:
:rolleyes: ڪانگ ، چتون، بدڪ جا مونث به ساڳيا لفظ ئي استعمال ٿيندا آهن۔۔:cool:
والله علم۔۔۔
 
نهايت سٺي ڳالهه ونڊ ڪئي وئي آهي۔۔ يقينن انهن لفظن جا ضد ۽ جنسون اچڻ گهرجن۔۔ اسان به پنهنجي عقل جي آهر ڪوشش ڪيون ٿا ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي۔۔باقي هتي وڏا ڏاها موجود آهن اميد ته اهي ضرور درست جواب موڪليندا۔۔
هيٺين لفظن جا ضد لکو.

سڪيلڌو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڻ لڌو
يتيم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ابي امان وارو
سگھڙ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نپٽو

هيٺين لفظن جا مونث لکو.
ڪانگ ۔۔۔۔ ڪنويلي
چتون۔۔۔۔۔ طوطي
بدڪ۔۔۔۔۔ڪاز
 
”يتيم“ ان کي چئبو آهي، جنهن جو پيءُ فوت ٿي چڪو هجي۔ ڇا توهان هتي ”يتيم“ مان اها مراد ٿا وٺو ته جنهن جي ماءُ گذاري وئي هجي؟
جنهن ٻار جي ماءُ گذاري وئي هجي، ان کي ”عَجيّ“ چئبو آهي۔ جڏهن ته ڪنهن ٻار جا پيءُ ۽ ماءُ ٻئي مري چڪا هجن ته ان کي ”لطيم“ چئبو آهي۔
 
”يتيم“ ان کي چئبو آهي، جنهن جو پيءُ فوت ٿي چڪو هجي۔ ڇا توهان هتي ”يتيم“ مان اها مراد ٿا وٺو ته جنهن جي ماءُ گذاري وئي هجي؟
جنهن ٻار جي ماءُ گذاري وئي هجي، ان کي ”عَجيّ“ چئبو آهي۔ جڏهن ته ڪنهن ٻار جا پيءُ ۽ ماءُ ٻئي مري چڪا هجن ته ان کي ”لطيم“ چئبو آهي۔

ادا ابو واصف مهرباني ، اها مونکي خبر نه هئي
 
لُغت ۾ يتيم جون هيٺيون معنائون بيان ٿيل آهن۔۔
1۔جنهن جو پيءُ فوت ٿي ويو هجي۔
2۔نهايت قيمتي پٿر، وڏو موتي۔
3۔اڪيلو، تنها۔
يتيم الطرفين؛ جنهن جا ماءُ پيءُ ٻئي مري ويا هجن۔۔
 
Back
Top