پيپلز پارٽي ڪالا باغ ڊئم جي مخالف ڪيئن ۽ ڪڏهن بڻبي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    اچو ته تاريخ پڙهون

    لوڪل آرڊيننس مسئلي تي ڳالهائڻ کان لنوائڻ لاءِ پي پي جا وزير ڪالا باغ ڊئم اشو اٿاري رهيا آهن،


    پيپلز پارٽي ڪالا باغ ڊئم جي مخالف ڪيئن ۽ ڪڏهن بڻبي!
    جميل گاد
    ڪالا باغ ڊئم منصوبي جو خيال پنجابي اسٽيبلشمينٽ کي سڀ کان اول ڊڪٽيٽر جنرل ايوب خان جي دور حڪومت ۾ آيو پر جيئن ته جنرل ايوب خود پٺاڻ هيو، امريڪا پاران ڊئم جي لاءِ سهڪار ڪرڻ باوجود جنرل ايوب ان منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ان ڪري به زور نه ڏنو ڇو ته سنڌين جي کڻي نقصان جو ان کي اونو نه به هجي پر ڪالا باغ ڊئم سان پٺاڻن جي نوشهره ۽ ٻين زرعي ضلعن کي نقصان پئي پهتو، جنهن ڪري ڪالا باغ ڊئم منصوبو ٿورو پاسي تي هليو ويو، پنجاب ٽي درياءَ جيئن ته هندستان وٽ کپائي چڪو هيو، هاڻي انهن جون نظرون سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ ۾ هيون پاڻي ته بحرحال پنجاب کي گهربو هو، 1970ع کان پوءِ جڏهن هنن شيخ مجيب الرحمان جي حق تلفي ڪري ذوالفقار ڀٽو کي اولهه پاڪستان جو سربراهه بڻايو ۽ ملڪ تي پي پي جو پهريون راڄ آيو ته ان دوران پنجابي اسٽيبلشمينٽ تڙ تڪڙ ۾ پي پي حڪومت کان چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺهرائي ورتو، جنهن ڪري هاڻي جيئن هماليه مان پاڻي سنڌوءَ ۾ داخل ٿيندو آهي ته پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪئنال جا دروازه کولي ڇڏيندو آهي، جنهن ڪري سارين جي فصل دوران سنڌ کي پاڻي وقت سان ناهي ملندو ۽ پنجاب سارين جا ٻه بمپر فصل کڻي ويندو آهي چشما جهلم لنڪ ڪئنال کان پوءِ اڃا پنجاب جو پيٽ نه ڀريو ۽ نيٺ 1984ع ۾ هنن وري ڪالا باغ ڊئم منصوبو ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي سڀ کان اول سنڌ جي قوم پرستن مزاحمت ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد ان مسئلي کي ايترو حساس ورتو جو هن پنهنجي آزادي پسند پارٽي جيئي سنڌ تحريڪ سان گڏ ڪالا باغ ڊئم اشو سميت پنو عاقل، ڇانوڻي جهڙن سنڌ دشمن منصوبن تي اثرائتي جدوجهد ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ ورڪنگ ڪميٽي جوڙي. سائين جي ايم سيد ورڪنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر حميده کهڙو کي مقرر ڪيو ۽ ڪميٽيءَ ۾ عبدالواحد آريسر، شهيد بشير خان قريشي، شفيع ڪرناڻي، عطاءُ الله انڙ ۽ ٻيا جيئي سنڌ جا اڳواڻ گڏ ڏنا ۽ ان ورڪنگ ڪميٽيءَ سنڌ ۾ موجود سمورين قوم پرستن ڌرين سان رابطا ڪيا، احتجاج ڪيا، ڪالا باغ ڊئم خلاف چوپڙيون ڇپرائي ورهايون ويون، سيمينار ڪيا ويا، مطلب ته قوم پرستن جنرل ضياءَ جي مارشل لائي ڏنڊي جي پرواهه ڪئي بنا ڪالا باغ ڊئم خلاف جدوجهد ايتري تيز ڪئي جو سنڌي ماڻهن آڏو ڪالا باغ ڊئم کي هڪ ”ڀوت“ يا ”جن“ ڪري پيش ڪيو ته جيڪڏهن اهو ڪالا باغ ڊئم ٺهيو ته سنڌ جي زراعت ته تباهه ٿي ويندي پر سنڌين کي پيئڻ لاءِ پاڻي به نه ملندو، سنڌوءَ ۾ پاڻي نه ايندو ته جر سڪي ويندا، سنڌ جي قوم پرستن ايترو ته ڪالا باغ ڊئم کي بدنام زمانه بڻايو جو جنرل ضياءُ جهڙي ڊڪٽيٽر کي به پنهنجو پورو اقتداري وقت اها جرئت نه ٿي ته اهو ڪالا باغ ڊئم ٺاهي يا ان لاءِ فنڊ رکي سگهي، جنرل ضياءُ 1988ع ۾ جهاز ڪريش ۾ هري ويو جنهن کان پوءِ اليڪشن ٿي. جنهن اليڪشن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي حڪومت ۾ آئي ته پنجابي اسٽيبلشمينٽ ڪالا باغ ڊئم وارو ڪم پيپلز پارٽي حڪومت کان ڪرائڻ جو سوچيو ۽ پي پي وارن پنهنجي اقتدار کي محفوظ رکڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي ان ڳالهه تي هاڪار ڪئي ۽ 1989ع واري بجيٽ ۾ پي پي حڪومت ڪالا باغ ڊئم جي اڏاوت لاءِ ٽي ارب رپيا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رکيا، جنهن تي وري قوم پرست ۽ سنڌي ماڻهو ڪالا باغ ڊئم جي اڏاوت خلاف روڊن تي نڪري آيا، جنهن کانپوءِ قوم پرستن جي مزاحمت هلندي رهي، ويهن مهينن اندر پي پي جي اقتدار جي به تڏا ويڙهه ٿي وئي ۽ اهو منصوبو ٺهڻ کان رڪجي ويو، 1998ع ۾ ڪالا باغ ڊئم خلاف ڪمون شهيد وٽ جيڪو ڌرڻو هنيو ويو هيو مڪاني نظام واري مسئلي تي ڳالهائڻ کان لنوائڻ لاءِ بار بار پي پي اڳواڻ هينئر ان ڌرڻي جو ذڪر ڪري اهو چئي رهيا آهن ته موجوده وقت ۾ جلال شاهه ۽ ٻيا قوم پرست ڪالا باغ ڊئم جي حامي نواز شريف سان ويٺا آهن ۽ اسان جي ليڊر بينظير ڀٽو ڪمون شهيد تي ڪالا باغ ڊئم لاءِ ڌرڻو هنيو هيو، جڏهن اسان ان ڌرڻي کي ڏسون ٿا ته اهو ڌرڻو پي پي وارن ڪونه هنيو هيو جڏهن نواز شريف جي حڪومت ۾ پنجاب ۾ ڪالا باغ ڊئم ٺاهڻ لاءِ مظاهره پئي ٿيا ۽ ان مسئلي وري ڪر کنيو هيو ته سنڌ جي قو پرستن سيد امداد محمد شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ اتحاد جوڙي ڪالا باغ ڊئم لاءِ جدوجهد پئي ڪئي، مون عرض ڪيو ته ايترو ڪالا باغ ڊئم لاءِ قوم پرستن سنڌ ۾ ماحول ٺاهيو هيو جو سنڌ جا ماڻهو ان ڊئم جي نالو ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا ان وقت عوامي احتجاجن کي آڏو رکندي يا سياسي اشو بڻائي پيپلز پارٽيءَ قوم پرستن جي ان جدوجهد جي حمايت ڪئي هئي ۽ اهو ڌرڻو پنجاب جا رستا بند ڪرڻ لاءِ قومپرستن سان گڏ پي پي وارن هنيو هيو ۽ بينظير ڀٽو نه چاهيندي به پهريون ڀيرو قوم پرستن سان گڏ اسٽيج تي ويٺي هئي، ان ڌرڻي ۾ جلال شاهه لاءِ اهو چوندڙ نثار کهڙو ته جلال شاهه ان ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي نه ڪئي هئي ان کي اهو به ته ياد رکڻ کپي ته ان ڌرڻي کي ڪمپيئرنگ به نثار کهڙو ڪري رهيو هو ته جڏهن سڀني پارلياماني اڳواڻن توڙي پارليامينٽ جي سياست ڪندڙ قوم پرستن کي ته نثار کهڙي رهيو هو ۽ جڏهن سڀني پارلياماني اڳواڻن توڙي پارليامينٽ جي سياست ڪندڙ قوم پرستن کي ته نثار کهڙي تقرير ڪرائي هئي، پر سنڌ جي آزاي لاءِ وڙهندڙ اتي موجود واحد اڳواڻ شهيد بشير قريشي کان هن تقرير نه پئي ڪرائي جنههن تي سڄي پنڊال ۾ گوڙ ٿي ويو هو ۽ بينظير ڀٽو جي تنبيهه کان پوءِ نثار کهڙي، شهيد بشير خان قريشي کان تقرير ڪرائي هئي. پهرين ڳالهه ته شروع کان ڪالا باغ ڊئم وارو اشو قوم پرستن جو رهيو آهي ٻيو آئون هتي نواز شريف جي وڪالت نه ڪندس ته اهو ڪالا باغ ڊئم جو حامي نه هوندو بلڪل نواز ڪالا باغ ڊئم جو حامي هوندو ڇو ته نواز شريف جو واسطو پنجاب سان آهي، اتي هن جو ووٽ بئنڪ آهي ۽ ڪالا باغ ڊئم پنجاب جي مفادن وارو پراجيڪٽ آهي ان ڪري يقينن هو ان ڊئم جو مخالف نه هوندو، پر ائين ته پوءِ هن وقت پي پي سنڌ جا ميمبر ڪالا باغ ڊئم جا مخالف آهن، ڇو ته سنڌ ڊئم جي مخالف آهي، ساڳئي جاءِ تي پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي پي پي اڳواڻ راجا رياض سميت پنجاب مان چونڊيل پي پي جا ايم اين ايز ڪالا باغ ڊئم جا حامي آهن ۽ پنجاب اسيمبلي سان گذريل ڪالا باغ ڊئم جي حمايت وارو بل پاس ٿيو ان ۾ نواز ليگ سميت پي پي جا اسيمبلي ميمبر ته حمايت ۾ هئا، جيڪڏهن هڪئي پارٽيءَ اندر پي پي سنڌ وارا پنجاب پي پي جي ڪالا باغ ڊئم جي حامي ميمبرن سان گڏ ويهي سگهن ٿا ته پوءِ قوم پرستن سنڌ جي ڪن مسئلن تي نواز شيف سان ميثاق سنڌ وغيره سائن ڪري سنڌ جي حقن کي تسليم ڪرڻ تي نواز سان ويهن ٿا ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي!؟ ٻيو نواز شريف جا ٻه دور گذري ويا ان کي سنڌ جي مخالفت سبب ٻنهي حڪومتن ۾ جرئت نه ٿي ته ڪالا باغ ڊئم کي عملي جامو پهرائي سگهي اڄ به هو ته اهو ئي ٿو چوي ته جيستائين چئني قومن ۾ اتفاق راءِ پيدا نه ٿيندي ڪالا باغ ڊئم نه ٺهندو پر پي پي ته 1989ع جي بجيٽ ۾ ان لاءِ فنڊ به رکي ڏيکاريا، هينئر جيڪا پي پي وارا وري ٻي دعويٰ ڪن ٿا ته اسان ڪالا باغ رٿا ئي دفن ئي ڪري ڇڏي آهي، اهو عمل به هنن قومي اسيمبليءَ اندر ڪنهن قرارداد يا بل ذريعي قانوني طور ناهي ڪيو پر سنڌي ماڻهن جي غضب کان بچڻ لاءِ وقتي طور هنن ڪالا باغ ڊئم کي پاسي تي رکي هن دور ۾ پنجاب کي گريٽرٿل ڪئنال ٺاهي ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي ڇا گريٽر ٿل ڪئنال ذريعي سنڌ جو پاڻي پنجاب نه کڻندو، جيڪڏهن ڪالا باغ ڊئم سنڌ دشمن منصوبو آهي ته گريٽرٿل ڪئنال ڇا آهي! اگر اهو سنڌ دشمن منصوبو ناهي ته پوءِ حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ پي پي وارن قومپرستن سان گڏجي اينٽي ٿل ڪئنال ڪميٽيءَ ٺاهي ان ڪئنال خلاف جدوجهد ڇو ڪئي هئي؟ ان ڪري ڪالا باغ ڊئم واري سڄي تاريخ معلوم ڪرڻ کان پوءِ موجوده وقت ۾ پي پي جي وزيرن ۽ ميمبرن پاران هروڀرو ڪالا باغ، ڪالا باغ ڊئم وارو راڳ آلاپڻ اصل ۾ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع جي نالي ۾ سنڌ ورهائڻ واري لعنتاڻي کان بچڻ آهي، پر پي پي وارن کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي قوم جي اها نفسيات آهي ته اها جڏهن ڪنهن سا محبت ڪندي آهي ته بي انتها ڪندي آهي ۽ جڏهن اهي ماڻهو سنڌي قوم جي اعتماد کي ٺيس پهچائيندا آهن ته پوءِ هي ماڻهو انهن کان نفرت به شدت سان ڪندا آهن 60 سال گذرڻ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن ايوب کهڙي، پير الاهي بخش، پير علي محمد راشدي کي سنڌ خلاف ڪم ڪرڻ تي معاف ناهي ڪيو ته هن دور جا سنڌي ماڻهو قائم علي شاهه، اياز سومرو، نثار کهڙو، آغا سراج دراني، شرجيل ميمڻ ۽ پير مظهر جهڙن ديس درويهن کي ڪيئن معاف ڪندا، اوهان هن وقت ڪيترا به پاسا ڦيرايو پر سنڌي ماڻهو جاڳن پيا ۽ سنڌي ماڻهو هن وقت هر اشو کي پاسي تي رکي ”سنڌ جي وحدت“ واري مسئلي تي گڏ آهن ۽ اسان کي يقين آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ايڪتا ذريعي اهو ڪارو قانون واپس وٺرائي پوءِ سک جو ساهه پٽيندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو