• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ونڊوز 7 جو گاڊموڊ

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستن کي خبر پئجي چڪي هوندي ته ونڊوز 8 ڪڏهن کان لانچ ٿي چڪي آهي۔۔۔ پر مجال آ جو هو ونڊوز ايڪس پي مان ئي هٿ ڪڍندا هجن۔۔۔ مان کڻي انهن کي اهو ٻڌائي به ڇڏيان ته هاڻي مائڪروسافٽ وارن ونڊوز ايڪس پي کي وڌيڪ سپورٽ ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي پر مون وارا دوست تڏهن به ونڊوز ايڪس پي جي رينگٽ ۾ ئي رهندا۔۔۔
اهڙن دوستن کان جڏهن ونڊوز 8 ئي نه پر ونڊوز 7 تي اچڻ لاءِ چوندو آهيان ته کوڙ عذرن سان گڏ اهو به چوندا آهن ته ونڊوز 7 استعمال ۾ ڏکي آهي۔۔ سندس سيٽنگ سمجهه ۾ نه ٿي اچي ۔۔۔ رڳو ڪنٽرول پينل ئي کولڻ ڏکيو آهي۔۔۔ اهڙن دوستن کي ونڊوز7 تي منتقل ڪرڻ لاءِ مون همت ناهي هاري۔۔ هي موضوع به اهڙن دوستن لاءِ آهي۔۔۔
اهڙن دوستن کي جن کي ونڊوز 7 سمجهڻ ۾ ڏکيائي ايندي هجي يا ڪو آپشن کولڻ يا سمجهڻ ۾ مشڪلات سامهون ايندي هجي ته اهڙن دوستن لاءِ مائڪروسافٽ وارن ونڊوز 7 ۾ ئي هڪ سولو حل به ڏنو آهي۔۔۔ جيڪو آهي ”گاڊ موڊ“۔۔

601629_589938464369492_310444532_n.jpg


ڪمپيوٽر جي ڪهڙي به لوڪيشن يا وري ڊيسڪٽاپ تي هڪ فولڊر بڻايو ۽ ان کي ري نيم ڪندي هيٺيون نالو ڏيو:

GODMODE.{ED7BA470-8E54-465E-825C-99712043E01C}

توهان جي ڏسندي ئي هي فولڊر هڪ زبردست ڪنٽرول پينل جنهن کي ”گاڊ موڊ“ سڏيندا آهن ۾ تبديل ٿي ويندو۔۔ هن ڪنٽرول پينل ۾ توهان اڳيان ڪمپيوٽر جي سموري سيٽنگ هڪ زبردست ترتيب سان نظر ايندي۔۔ يقينن هن ڪنٽرول پينل کي ڏسي اسان جي مٿي ٻڌايل دوستن کي اصل پڪ ٿي ويندي ته هاڻي ونڊوز7 جو استعمال ڪرڻ ايترو آسان پهريون نه هيو۔۔
 
يار ڳالهه ته صحيح آهي پر جيئن مائڪروسافٽ وارن ونڊوز ايڪس پي کي سپورٽ ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي تيئن اسان وارن يوني پلازاه مان ورتل ريڏفرنشڊ ڪمپيوٽرن اڃان ونڊوز سيون کي سپورٽ ڪرڻ (يا سؤلي سنڌي ۾ دٻ جهلڻ) شروع نه ڪيو آهي۔ ها باقي سٺي ڪنفيوگريشن واري لئپٽاپ ۾ ته 2011 کان ونڊوز 7 هلايان پيو۔ آهي به شروعاتي ورجن به زبردست ٿي هلي۔
 
ونڊو 7 ۾ ايچ پي پرنٽر 1050 ڊيڪ جيٽ انسٽال نٿو ٿئي ۽ ٻيو ڪوبه پرنٽر انسٽال ڪون پيو ٿئي ڇا ڪريون مجبوري ۾ ونڊو ايڪس پي هلايون پيا۔
 
سائين ونڊو سيون تي ڪافي عرصي کان منتقل ٿي چڪا آهيون پر ۔۔۔۔۔۔هن وقت يونيڪوڊ ميٽر کي ڪورل ڊرا ۾ کڻي وڃڻ ۾ ڪافي پريشاني ٿي رهي آهي ۔۔۔۔۔جڏهن ادا اسد ڀٽي جي ڏسيل پرنٽر ذريعي ڪافي عرصي تائين ميٽر امپورٽ ٿيندو رهيو پر هاڻ يونيڪوڊ ميٽر ساڳئي پرنٽر ذريعي ڪورل ۾ امپورٽ نه پيو ٿئي ۔۔۔ڪو ديسي ٽوٽڪو ٻڌائيندا ته مهرباني:)
 
ونڊو 7 ۾ ايچ پي پرنٽر 1050 ڊيڪ جيٽ انسٽال نٿو ٿئي ۽ ٻيو ڪوبه پرنٽر انسٽال ڪون پيو ٿئي ڇا ڪريون مجبوري ۾ ونڊو ايڪس پي هلايون پيا۔
لڳي ٿو توهان درست طريقي سان ڳولا ناهي ڪئي۔۔۔ خير هن پيج تي اچي مطلوبا ڊرائيور ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔۔
ان سلسلي ۾ جيڪڏهن وڌيڪ الجهن اچي ته توهان کي پهريان msconfig ۾ اچي سسٽم بوٽ تبديل ڪرڻو پوندو۔۔۔ جنهن کي سمجهڻ لاءِ هن لنڪ تي ٻيو نمبر تحرير کي غور سان پڙهو۔۔۔ ۽ عمل ڪريو ممڪن آ مسئلو سلجهي وڃي۔۔۔
 
سائين ونڊو سيون تي ڪافي عرصي کان منتقل ٿي چڪا آهيون پر ۔۔۔۔۔۔هن وقت يونيڪوڊ ميٽر کي ڪورل ڊرا ۾ کڻي وڃڻ ۾ ڪافي پريشاني ٿي رهي آهي ۔۔۔۔۔جڏهن ادا اسد ڀٽي جي ڏسيل پرنٽر ذريعي ڪافي عرصي تائين ميٽر امپورٽ ٿيندو رهيو پر هاڻ يونيڪوڊ ميٽر ساڳئي پرنٽر ذريعي ڪورل ۾ امپورٽ نه پيو ٿئي ۔۔۔ڪو ديسي ٽوٽڪو ٻڌائيندا ته مهرباني:)
ان سلسلي ۾ ادا ابو واصف وٽ بهتر حل موجود آهي۔۔۔ :)
 
سائين بلڪل اوهان جي ڳالھ درست آهي، واقعي اسان اڃان ونڊوز ايڪس پي مان جان ڪو نه ٿا ڇڏائي سگهون، يا وري ايئن چئجي ته اسان ونڊوز ايڪس پي جي جان نه ٿا ڇڏيون!
 
دراصل ونڊوز ايڪس پي تمام گهڻي سپورٽڊ آهي مطلب ته ان ۾ هر سافٽ ويئر با آساني انسٽال ۽ استعمال ٿي سگهي ٿو باقي ونڊوز 7 ۾ اهي شيون موجود ناهن
 
Back
Top