جي ڪوتا تنهنجي ڪاڄ اچي......! اعجاز منگي مان ان بحث ۾ الجهڻ نه ٿو چاهيان ته نواز ليگ نگران وزير اعظم جي لاءِ هن جو نالو ڪهڙي سياسي مصلحت سبب ڏنو؟ ممڪن آهي ته نجم سيٺيءَ جو اهو تجزيو درست هجي ته ميان نواز شريف رسول بخش پليجي جو نالو صرف سنڌ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي. روايتي حوالي سان هو صحيح به سوچي رهيو آهي ته هن کي وزارت اعظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويهارڻ لاءِ نه هو راضي ٿيندا نه هي! ايم ڪيو ايم ته ننڍڙي ڳالهه آهي. هن جي تقرريءَ تي سڀ کان وڏو اعتراض ته آمريڪا ڪندو. آمريڪا ڪڏهن به نه چاهيندو ته پاڪستان جي حڪومت ان شخص جي حوالي ٿئي جيڪو اڄ به اسٽالن تي مخدوم محي الدين جو لکيل نظم پڙهندو آهي ته سياست جي سڃي آسمان مٿان انقلابي تصورن جون کنوڻيون کجڻ لڳنديون آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هو هن وقت هو جناح وانگر انتهائي نازڪ جسم جو مالڪ آهي پر هن جو ذهن اڄ به هماليا جيترو بلند ۽ سگهارو آهي. آمريڪا ڪڏهن به نه چاهيندو ته پاڪستان کي ڪو اهڙو پرائم منسٽر ملي جيڪو تاريخ جو انتقام بڻجي هن جي آڏو اچي. جيڪو هن سان ٽڪي ٽين پيسين جي ڳالهين تي نه ڳالهائي. جيڪو دنيا جي واحد سپر سان عالمي معاملن تي بيخوف ٿي بحث ڪري. جيڪو اچڻ شرط، پنهنجي پهرين تقرير جي ابتدا هيوگو شاويز جي جسماني جدائيءَ جي سوڳ طور هڪ منٽ جي سانت سان ڪري. ۽ پوءِ اهو چوي ته “هيوگو شاويز جهڙن انسانن جي لاءِ بلهي شاهه چيو آهي ته: “ بلهيا! اسان مرڻا ناهين گور پيا ڪوئي هور.....!” آمريڪا ڪيئن چاهيندو ته پاڪستان جي حڪومت ان شخص جي هٿن ۾ هجي جيڪو پنهنجي چپن تي چنگ وانگر وڄندو آهي! آمريڪا ته پاڪستان تي اهڙا حڪمران ڏسڻ چاهيندو آهي جن کي نه اردو اچي نه انگريزي! هو جيڪو ٻولين جي پيرين ۾ پيل سامراجي سياست جي ٻيڙين جي صدا به بيان ڪري سگهندو آهي. جنهن کي عالمي تاريخ کي مهيءَ ۽ عالمي ادب جي مکڻ جي اصل حقيقت به معلوم هجي ۽ جيڪو پاڪستان جي پنجن ئي ٻولين ۾ ويڻا وانگر وڄي سگهندو هجي. جيڪو هن مظلوم ملڪ جي سچي تاريخ بيان ڪري سگهندو هجي. جيڪو چئي سگهندو هجي ته “NO ” آمريڪا هن ملڪ جي اهڙي ارڏي انقلابيءَ کي اقتدار ۾ ڪئين ڏسڻ چاهيندو. اهو شخص جنهن سرد ۽ اونداهين راتين ۾ هن ملڪ جي هارين کي ليڪچر ڏنا هجن. جنهن عورتن جي حقن لاءِ ڊگهن وارن واري سياسي فوج ٺاهي هجي. جنهن ٻارن کي باشعور بڻائڻ جي لاءِ انقلابي لوليون ڳاتيون هجن. جنهن سنڌ جي جهرندڙ جيءَ کي لطيف جي ان سٽ جو سهارو ڏنو هجي ته “ماندي ٿيءُ نه مارئي، تنهنجو الهه به آهي” جنهن پنهنجي وجود کي واڪي ۾ ڦيرائي موت لاءِ “مٺ هڏن جو مامرو” پيدا ڪري ڇڏيو هجي، جنهن قائد اعظم جناح جي اڌوري مشن کي مارڪس ۽ لينن جي عظيم تر آدرشن جي رهمنائيءَ ۾ اڳتي وڌائڻ جي علمي ۽ عملي جدوجهد ڪئي هجي. جنهن ڪجهه ڳالهين لاءِ سوچيو ۽ ويچاريو هجي ته “مان ڪيئن چوان؟” ڇا آمريڪا اهو چاهيندو ته پاڪستان جي ٽن مهينن لاءِ نگراني هڪ ذهني زلزلو ڪري!!؟ هيءَ سامراجي دنيا، جيڪا هڪ پل لاءِ به ڪنهن به قسم جي زلزلي کي برداشت ڪري نه ٿي سگهي، اها برداشت ڪندي ان ڀونچال کي جيڪو مٽي ٻيهر ڳوهي ۽ نون انسانن کي ٺاهي، نيون قومون تخليق ڪرڻ جي سگهه رکندو هجي. جيڪو انڊيا جي پرائم منسٽر سان گرو نانڪ جي گيان تي ڳالهائي. جيڪو ڪشمير تي ڪا الڳ راءِ رکي. جيڪو نه رڳو افغانستان جي ڪٺ پتلي حڪمرانن پر افغان عوام کي به رحمان بابا ۽ خوشحال خان خٽڪ جا ٻول ٻڌائي. جيڪو هن ملڪ مان دهشتگرديءَ جي جڙ اکوڙڻ جي ڪوشش ڪري. جيڪو غنڊن کي غار ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مشغول ٿي وڃي ۽ محبتين جو هڪ الڳ ملڪ ٺاهي. آمريڪا ڪيئن چاهيندو ته ننڍڙي، نظرانداز ٿيل ۽ تاريخ کان وسري ويل وستيءَ مان وري ڪو قداور شخص پرگهٽ ٿئي ۽ نٽشي جي Thus Spoke Zarathustra وانگر هي شيءَ جي باري ۾ اصل حقيقت بيان ڪري. عالمي سامراج ڪڏهن به قبول نه ڪندو ملڪ جي مهنداري ڪندڙ ڪنهن اهڙي مينڌري جي حوالي ڪرڻ جيڪو هن جي سموري ڪاڪ محل کي ٽوڙي ڇڏي. آمريڪا پاڪستان ۾ فوجي بغاوتون ته برداشت ڪري سگهي ٿو پر هن جي آجيان ڪري نه ٿو سگهي، جيڪو ٽن مهينن جي مختصر عرصي دوران پاڪستان جي پيڙهه کي ايترو پختو ڪري سگهي ٿو جو سامراج کي اهي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيئي سال گهرجن. ڇو ته آمريڪا نه ٿو چاهي ته چين وانگر پاڪستان کي به ڪوئي مائوزيتنگ ملي. جيڪو صرف ڪجهه وقت لاءِ هن ٿڪل ۽ ٽٽل قوم سان ٻيهر مخاطب ٿي چوي ته: “ مون ته پنهنجو گيت دل جي گودڙيءَ ۾ ويڙهي وجهي ڇڏيو هو پر جيڪڏهن منهنجي ڪويتا تنهنجي ڪاڄ اچي سگهي ته مان ٻيهر ڳائيندس! مان ٻيهر ڳائيندس اهو وسري ويل گيت جيڪو اسم اعظم آهي جيڪو مريض قومن جي سرير جي صحت عطا ڪندڙ اها جهاڙ بڻجي سگهي ٿو جنهن کي ٻڌي وبا پنهنجا منحوس پيرا ڇڏي ڀڄي وڃي!! ها هو هن قوم کي سياست جي سنگيت جو اهڙو گيت ڏئي سگهي ٿو جيڪو نئين سجاڳيءَ جو ترانو بڻجي پوي! ها هو اجهامي ويل آگ ۾ ٻيهر دونهن دکائي سگهي ٿو هو ڳائي سگهي ٿو اهڙو گيت جيڪو قومن جي گگن تي ڪنهن ڪنول گل وانگر ٽڙندو آهي” ڇا آمريڪا اهڙي جوالا مکيءَ جهڙي ماڻهوءَ کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي پوسٽ تي برادشت ڪري سگهندو؟ آمريڪا صرف اهي سياستدان قبول ڪندو آهي، جيڪي قومن سان ڪوڙا واعدا ڪن. آمريڪا اهڙن سياستدانن کان ڪبندو آهي، جيڪي قومن کان سچا واعدا وٺي سگهن. ڇا اوهان ائين ٿا سمجهو ته رسول بخش پاڪستان ۾ وسندڙ قومن سان ڪوڙا واعدا ڪندو؟ نه!! رسول بخش پليجو قومن کان تاريخي واعدا وٺڻ وارو شخص آهي. پاڪستان جي ٽڻي ٽامڻي اسٽيڪ هولڊرس کي ڀلي معلوم نه هجي پر عالمي سامراج کي خبر آهي ته هي بيحد پرامن ۽ انتهائي انسان دوست فرد تمام گهڻو مشڪل ماڻهو آهي، عالمي سياست جي ان ميچ جو جتي جسم نه پر ذهن مقابلو ڪندا آهن. هي ملڪ جيڪو تاريخ جي مشڪل ترين مرحلي ۾ ڦاسي پيو آهي، تنهن جي دائي صرف ۽ صرف اهو انسان بڻجي سگهي ٿو جيڪو حاذق حڪيم ۽ وڏو ويڄ آهي. جنهن کي تاريخ جو صرف علم نه پر شعور به آهي. ۽ جيڪو صرف آرڪيٽيڪٽ ناهي پر هڪ مستري به آهي. جيڪو صرف هڪ مستري نه پر هڪ مذدور به آهي. جيڪو هڪ نئون پاڪستان جوڙي سگهي ٿو. جيڪو هن ملڪ جي مٿان پيل زنجير ٽوڙي سگهي ٿو. جيڪو عوام ۾ حقيقي ووٽ جو شعور اجاڳر ڪري سگهي ٿو. جيڪو آئين جي حدن ۾ رهندي اليڪشن ڪميشن کي سڌو ڪري سگهي ٿو. جيڪو هن ملڪ جي مٿان لڙڪيل ڪيترن ئي نانگن کي جوڳيءَ وانگر جهلي سگهي ٿو. اسان کان وڌيڪ هن کي معلوم آهي ته آمريڪا اهڙي انسان جي “اين او سي” ڪيئن ٿو ڏئي سگهي جيڪو پاڪستان ۾ آمريڪي مداخلت جو انت ثابت ٿئي. جنهن جي اچڻ سان ڊرون حملا بند ٿي وڃن. جنهن جي حلف کڻڻ سان ڪراچي جو راوي “سک ۽ چين” لکي. جيڪو دهشت گردن سان علمي ۽ عملي مقابلو ڪري سگهي. نه. آمريڪا اهڙي پهلوان کي پڙ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندو جيڪو هن کي مروج سياسي مقابلي جي قاعدن ۽ قانونن سان چت ڪري سگهي. جيڪو پنهنجي طاقت ايٽم بم مان نه پر عوام مان حاصل ڪرڻ جي قوت رکندو هجي. جيڪو چئي سگهندو هجي ته “ڪافي ٿيو” ۽ جيڪو هلي به سگهندو هجي ۽ هلائي به سگهندو هجي قوم کي ان رستي تي جيڪو رستو نئون نڪور ۽ انتهائي اڻانگو هجي. ۽ هن جو نالو تجويز ڪندڙ نواز شريف کي به اهي پتو آهي پر پوءِ به ميان نواز شريف هن جو نالو ڏنو آهي. ۽ هيءَ حڪومت قمر الزمان قاهره جهڙي ڪک کان هلڪي ماڻهوءَ واتان هن لاءِ ڪجهه به چورائي سگهي ٿي پر فرض ڪريو ته جيڪڏهن هن جو نالو قبول ڪيو وڃي ته ڇا ميان نواز شريف پنهنجي ان چونڊ تي ڪوئي اعتراض ڪندو جنهن چونڊ جي حوالي سان هن سنڌ جي عوام کي خوش ڪرڻ يا نه ڪرڻ ته ماڳ رهيو پر عالمي سامراج کي چهنڊي ضرور پاتي آهي. هن عالمي سامراج کي اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هن ملڪ جي ڪلجڳ ۾ اهڙا ڪاپڙي اڄ به موجود آهن، جيڪي هن جي هستيءَ ۽ مستيءَ آڏو بيخوف صدا بڻجي سگهن ٿا. هو چون ٿا ته پليجي جي هٿ ۾ اقتدار واري قسمت جي لڪير ناهي. اسان چئون ٿا ته پاڪستان جي مقدر ۾ اهڙي شخص جي حڪمراني لکيل ناهي، جيڪو نام نهاد آزاديءَ کي حقيقي آزاديءَ ۾ تبديل ڪري سگهي. ان ڪري اها هڪ شخص جي نه پر هڪ قوم جي بدقسمتي آهي ۽ وسيع تناظر ۾ اهو قومن جو اڀاڳ آهي ته انهن کي حڪمرانن جي صورت ۾ ويڄ نه پر وبائون ملن. هي ملڪ جنهن ۾ سج هوندي اونداهي آهي. تنهن جي تاريڪ راتين جي تقدير ۾ ڪنهن به مشعل کي ڀڙڪڻ جي اجازت ڪيئن ڏني ويندي. غلام ملڪن کي آزاد حڪمران نه ڏنا ويندا آهن. جيڪڏهن رسول بخش پلجي ميان نواز شريف پاران نگران وزارت اعظميٰ جي لاءِ پنهنجي چونڊ قبول ڪئي ته اها قبوليت ڪنهن آسائش جهڙي نه هئي. اها قبوليت هڪ چئلينج قبول ڪرڻ جهڙي ريت هئي پر جتي سوچ باندي ۽ لوچ لولي لنگڙي هجي، اتي شين جي اصل ۽ اونهين حقيقت کي ڪير سمجهندو؟ ان سچائيءَ جو ادارڪ هن کي به هو ته کيس نگران وزير اعظم طور قبول نه ڪيو ويندو پر هن پوءِ به پنهنجي مقامي ۽ عالمي مخالفن کي ڪجهه ڏينهن جي پريشانيءَ ۾ مبتلا ڏسڻ چاهيو. ۽ پنهنجي وطن کي چوڻ چاهيو ته: “وفا ڪنيم و ملامت ڪشيم و خوش باشيم در طريقت ما ڪافريست رنجينده” يعني: وفائون ڪندا آهيون ۽ ملامتون سهندا آهيون ۽ خوش رهندا آهيون ڇو ته سان جي دين ۾ جفائن تي رنج ٿيڻ ڪفر آهي