• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آدو ملاح۔نظم اشرف پلي۔۔

باغي عليم

سينيئر رڪن
نظم۔۔۔
اشرف پلي
سمنڊ ڪنڌيء تي جهونو آدو
جهر ۾ چنڊ لڪي ٿو ڪوئي
ڄڻ ڪو رڇ رڳن ۾ آهي
جنهن جو پانڌ ڇڪي ٿو ڪوئي
هينئڙو ونجهه جيان ٿو ٽوڙي
بيهڪ دل جي پاڻي جي
آدو سڏڪي ڳالهه ڪري ٿو
پنهنجي پيار پڄاڻي جي
سمنڊ پرهه جو تنها تارو
کڙندي کوڙ جدايون ڏسندو
ايندو سج سواليء وانگي
خالي سڀ هي جايون ڏسندو
هوندا ڪونه ککيء جا کارا
جن جي ڇت وڻي ٿي تو کي
پاڻان ڪيئن پليندس آئون
دل هيء سين هڻي ٿي تو کي
هائو صبح کان اڳ ۾ ايندا
تڙ تان ڪير تڙڻ لئه مون کي
پوڙهائپ ۾ ماريو ويندو
نئون ڪو محل گهڙڻ لئه مونکي
ها پر تو تي سمنڊ صدورا
ساڳيو تارن ڇٽ به هوندو
تنهنجو ڪوئي مٽ نه هوندو
ڇوليء ڇوليء ۾ پيو ڇلندو
چنڊ به ڇوري ٻار جيان
تنهنجي ڀر ۾ محل اڏيندا
ڪاري ڪارونڀار جيان
ها تنهن محل مٿانهان بيهي
تو کي جوان نگاهون ڏسنديون
تو تي هيل اسوء جا آگم
عاليشان نگاهون ڏسنديون
۽ او سمنڊ صدورا سائين
هوء جا ڀونء ڏسين ٿو سامهين
جنهن ۾ هڏ لٽيا مون آهن
پنهنجي بابي ڏاڏي جا
تنهن تي پڪنڪ پوانٽ ٺهندي
ڏاڍيون رنگ رهاڻيون ٿينديون
ٻانهون چيلهه وڻن تي ول جيئن
ڪيئي ور وراڪا ڏينديون
ها پر ڀيڄ ڀني جو تو ۾
پنهنجا پير پساري ڪوئي
پنهنجي رنگ برنگي دنيا
ويهندو ڪين وساري ڪوئي
لس ۾ عڪس پرين جا پائي
ڪو به نه هاڻ ڏيندو
ڪو به نه آدو مهاڻو وانگي
تو کي عمر سموري ڏيندو
سمنڊ نه ساڳي سيوا هوندي
هاڻ نه آڌيء ڌاري ايندي
ت تي ڏيئا ٻارڻ ڪائي
پنهنج پاڻ سارڻ ڪائي
جن سين مجون ماڻا تنهنجا
جن سين پيار پراڻا تنهنجا
جن سين شامن رنگ رتوليون
سانجهيون چندن واس جيان
اڄ سي ويندا ڏور هليا
ويندڙ ڪنهن احساس جيان
تن جي سار سٽيندي تو کي
کامي نيٺ کٽيندي تو کي
لنء لونء منجهه لٽيندي تو کي
هر ڪا گندري گهاء جيان
شيشي جيئن وڃي ٿو گذري
هيء غم منهنجي هانء منجهان
ماري ڄار اُڻيو جو آهي
پنڇي سو ڦاسائي ويندو
منهنجا سڀ اٻوجها مهاڻا
شهر وڏو ڳڙڪائي ويندو۔۔۔۔
 
Back
Top