ادا اظهار جسڪاڻي صاحب
حق موجود
سهڻا سنڌي ڀائڙا، اوهانجي تعرف کي مون اڳ به سرسري پڙهيو هو، پر ڪجهه تڪڙن ڪمن ڪري اوهانکي ڀليڪار چئي ڪون سگهيو هيس ... اوهان سنڌ جا پڙهيل لکيل سلجهيل ۽ سلڇڻا پٽ آهيو مٿان وري اوهان جنهن مضمون سان لاڳاپيل آهيو اهو به انتهائي اهم ۽ زمين مان خزانن جي ڳولهڻ وارو ڪم آهي ... جيڪو ڪم اڳ شايد جادوگر ڪندا هئا سو ڪم اڄڪلهه جديد علم ذريعي اوهان ڪري رهيا آهيو ...
اوهانجي سائيٽ به پرڪشش آهي ۽ جيئن ته خاص اوهانجي مضمون سان لاڳاپيل آهي انڪري شايد اسان جهڙن نه لاڳاپيل ماڻهن لئه اوپري اوپري آهي ...
بهرحال اوهان سنڌ جي هن اڱڻ تي آيا ... ڀلي ڀلي ڪري آيا ... هي اڱڻ گهڻ رخو آهي ... اوهين ڪافي مواد موڪلي سگهو ٿا بس اسانجي ڪوشش آهي ته هن اڱڻ کي خالص سنڌي زبان جي اڱڻ طور قائم رکجي ... ڇاڪاڻ ٻين ٻولين ۾ ته ڪيترائي فورم آهن ۽ ڪيترا ئي ادارا آهن جي ڪم ڪن پيا پر سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لئه تمام ٿورڙا دوست آهن جي ڪنهن طرح سان شخصي ڪاوشن ذريع ڪم هلائن پيا ...
دوست وڌن ميلا لڳن ...
دعائن ۾ گڏ
sindhsalamatsaathsal