غزل
عليم سومرو
ڪري سانجهه ديرو صبح ٿئي روانو
پرين پيار تنهنجو پکيء جيترو هو
مکڻ مان ڪڍي تو ڇڏيو وار وانگر
سڄڻ ساٿ تو سان صديء جيترو هو
تو پڙهڻ کان اڳيئي اُجهائي ڇڏيون
سٽن ۾ سُهائو بتيء جيترو هو
جي اُوڍڻ گهرين ها ڍڪيندو رهان ها
عليم تنهنجو تو لئه گنديء جيترو هو