ٿي تند وڙهي تلوارن سان...!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ٿي تند وڙهي تلوارن سان...!


    علم بهتر مستقبل لاءِ نفعي بخش شيءِ جي چونڊ ۽ حاصلات جي جستجو تي آماده ڪرڻ جو نالو آهي، جن قومي ڪارڪنن وٽ علم جي سگهه هوندي آهي، اهي قومي ڪارڪن پنهنجي علم ۽ تجربي زريعي چونڊيل رستي تي سڌا هلي سگهندا آهن ۽ باءِ پاس ڪرڻ بجاءِ صحيح سمت ۾ جدوجهد ڪري سگهندا آهن، علم ۽ رجبي جي روشنيءَ ۾ صراط مستقيم يا صحيح رستو ظاهر ٿيندو آهي ۽ ان صراط مستقيم واري رستي تي هلندي قومي ڪارڪنن ۾ اتساهه ۽ اٽل ارادو جنم وٺندو آهي ۽ اتساهه ۽ اٽل ارادو اها شيءِ آهي جنهن سان جدوجهد هلائي سگهبي آهي، جيئي سنڌ متحده محاذ انهن علمي ۽ تجربي جي بنيادن ۽ اصولن تي ڪاربند ۽ عمل پيرا جماعت آهي جيڪا اڄ سنڌ اندر اثراتي ۽ سگهاري جدوجهد هلائي رهي آهي، سنڌ اندر ڌاري آبادڪاري، ذوالفقار آباد رٿا، سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ، سنڌ جي جابلو پٽيءَ ۾ ڳجهين فوجي ڇانوڻين، سنڌي هندن سان ٿيندڙ ناانصافين، مذهبي انتهاپسندي، طالبانائزيشن ۽ ظالمانائزيشن توڙي حقاني نيٽ ورڪ خلاف سگهاري انداز ۾ مثبت ۽ نتيجا خيز جدوجهد هلائي رهي آهي سندس پاليسيون نهايت ئي واضح ۽ چٽيون آهن.
    قومي تحريڪ جي چاليهه سالن جي ڊگهي عرصي ۽ طويل تجربي کان پوءِ جسمم اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن پنهنجا سِر سنڌ مٿان گهوري ڪيترائي مثال قائم ڪيا آهن ۽ چاليهه سالن جي عرصي کان پوءِ قومي تحريڪ کي ”شفيع محمد برفت“ جهڙي بهادر ۽ لائق قيادت ملي آهي. جيڪڏهن اسان جسمم جي پارٽي قيادت ۽ سڄي پارٽيءَ جو جائزو وٺنداسين ته جسمم جي شهيد ٿيل توڙي موجوده قيادت سائين جي ايم سيد کي ڏٺو به آهي ته ٻڌو ۽ پڙهيو به آهي جسمم قيادت روڊن ۽ رستن تي به جدوجهد ڪئي آهي. ٿاڻن، جيلن ۽ ٽارچر سيلن ۾ به تڪليفون سٺيون اٿن، رياستي درندن جي لاٺي چارج جا صليبي نشان اڄ به قومي ڪارندن جي پٺين تي موجود آهن، هنن رياست طرفان لڳايل دهشتگرديءَ جي ڪيسن کي به منهن ڏنو آهي، سنڌ جي حلالي پٽ هئڻ جي ناطي ٽارچر سيلن ۾ شهيد سميع الله ڪلهوڙي ۽ مظفر ڀٽي جي صورت ۾ سنڌ جي وڃايل ويساهه کي بحال ڪيو اٿن، سنڌي قوم سان ٿيندڙ هر ظلم، زيادتي ۽ ڏاڍ خلاف چڱيءَ ريت وڙهي رهيا آهن، هي همراهه سياسي لاهن چاڙهن، قومي تضادن ۽ بحرانن کان به واقف آهن.هي دوست رياستي سازشن ۽ حرفتن کان باخبر آهن، هنن ۾ ڪا به شخصي انا ۽ گروهي مفاد ڪونهي. جسمم جا قومي ڪارڪن ويل آرگنائيزڊ ٿي رهيا آهن، شهادتن، گمشدگين، گرفتارين ۽ روپوشين، جيلن ۽ ٽارچر سيلن مان عشق ۽ ايمان سلامت کڻي آيا آهن، سنڌي هندن سان ٿيندڙ زيادتين تي پهريون ڀيرو سنڌ ۾ ”مهاڪالي درگاديوي امان پاربتي“ جو بينر ۽ مونو گرام هٿن ۾ کڻي سنڌ جي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا به انهن ئي منظم ۽ بهتر حڪمت عمليءَ تحت ڪيا آهن. جسمم جي اڌ کان وڌيڪ قومي قيادت سنڌ جي راهه ۾ شهادت ماڻي چڪي آهي، باقي بچيل قيادت به رياستي عقابن جي اکين ۾ آهي، باوجود ان جي جسمم قيادت وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان گڏ قومي تحريڪ ۾ نواڻ پيدا ڪري ان کي ريئل ٽريڪ تي وٺي آئي آهي ان لاءِ جسمم کي جانين جي قرباني پيش ڪرڻي پئي آهي ته انهن ڪڏهن ڪيٻايو نه آهي، هنن شعوري طور تي ائين ڪيو آهي، سوچي سمجهي پتنگن وانگر باهه جي اوڙاهه ۾ ٽپو ڏنو اٿن، اهو بي پناهه قومي جذبو، قرباني ۽ ڪميٽمنٽ حقيقي انقلابين جون علامتون ۽ خوبيون آهن، اهي ئي حقيقي انقلابي آهن جن حوصلي، همت ۽ ثابت قدميءَ سان رياستي ڏاڍ جو مقابلو ڪيو آهي، اڄ شهيدن جو خون آجپي طرف وڌڻ لاءِ مظلوم سنڌي قوم جي اتساهه جو باعث بڻجي ويو آهي، هاڻي سنڌي قوم شهيد مظفر ڀٽي جي رت ۾ لت پت لاش کي رول ماڊل بڻائي آجپي جو جبل جهاڳي سگهي ٿي، هاڻي روپلي چولياڻيءَ جي سگهاري آواز کي ڪير جهڪو نه ٿو ڪري سگهي، هاڻي جيئي سنڌ جي جهنڊي جهڙي ڳاڙهي ڳڀرو نوجوان شهيد نور الله تنيي جي اڌ کان وڌيڪ سڙيل جسم کان پوءِ واري فاتحانا مرڪ سڄي سنڌي قوم جي ذهني ۽ جسماني ٿڪاوٽ کي دور ڪري ڇڏيو آهي، اڄ اسان پنهنجي پاڙيسري ڀائرن بلوچن کي به اهو باور ڪرائي سگهون ٿا ته جيڪڏهن توهان وٽ نواب اڪبر بگٽي، بالاچ خان مري، ثنا سنگت ۽ شير محمد بلوچ جهڙا قومي شهيد آهن ته سنڌي قوم وٽ به سرائي قربان کهاوڙ، ذوالفقار ڪولاچي ۽ ممتاز ڀٽي، اعجاز علي، بلند سولنگيءَ جهڙا قومي شهيد آهن، اڄ جسمم اڳواڻن جي قربانين سنڌي قوم کي دنيا آڏو ڪنڌ کڻي ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، رياست پنهنجا مڙئي هربا هلائي چڪي آهي پر انهن رياستي هربن ۽ چالبازين کي چيلينج ڪندي اڄ جسمم جي ڪارڪنن صدر الدين ڪولاچي، اسد عرف لبيڪ چانڊيو ۽ الاهي بخش مرکنڊ کان وٺي ذاڪر بوزدار، افضل پنهور ۽ مرتضيٰ چانڊيو تائين سمورن پنهنجي چيئرمين جي حڪمن کي مرحبا چئي جيلن ۽ ٽارچر سيلن ۾ ايڏي ته جرئت ۽ سرفروشيءَ سان ”سنڌ ڪيس“ جو دفاع ڪيو آهي جو اڄ ڏيهه جي ڏات ڌڻين جو قلم جنبش ۾ اچي ويو آهي، اڄوڪي سنڌ جو مورخ ماضيءَ جا ضخيم ڪتاب ڦلهوڙڻ بدران نئين سنڌ جي سورمن کي سونهري سٽن ۾ سموئڻ لڳو آهي ۽ سنڌ جو نئون نسل جنهن دودي سومري جا محض قصا ٻڌ هئا، جنهن نسل دولهه دريا خان، پرچي وديارٿي، هيمون، هوشو ۽ ڏاهر کي اکين سان نه ڏٺو هو اهو سنڌ جو نئون نسل هاڻي ويساهه ڪرڻ لڳو آهي، ماجد ميمڻ جي خون تي ۽ اسد عباسيءَ جي خون تي!! سنڌ جي نئين نسل کي هاڻي ڏاڍ ۽ ٻانهن جو ٻل مليو آهي، شفيع برفت جي صورت ۾ هاڻي هي نسل گمراهه نه ٿيندو، هاڻي هي نسل نه وڃائبو، هاڻي هي نسل ايئن ئي سيناسپر بڻجي سرزمين سنڌ جو دفاع ڪندو ۽ وڙهندو جيئن مهاراجا ڏاهر جو پٽ جيسين وڙهيو هو، ڇاڪاڻ ته هن نسل پنهنجي اڳواڻن جا تابوت ڪلهن تي کڻي لحد ۾ لاٿا آهن، انڪري هاڻي پوئتي موٽڻ کي هي نسل مهڻو سمجهي ٿو. هاڻي هي سنڌي نوجوان اتساهه ۽ ولولي سان منزل مقصود طرف پيش رفت ڪري رهيو آهي ۽ گهڻو اڳتي وڌڻ چاهي ٿو، اڄ جي نفسا نفسيءَ واري دور ۾ سنڌ جي روشن آئيندي جي حاصلات لاءِ هيڏو ڪشٽ ۽ ڪشالو پنهنجي سر تي کڻڻ ۽ موت سان اکيون اکين ۾ ملائي هلڻ ڪا مشڪري ۽ مذاق ناهي آهي، بيحد ڏکيو ڪم آهي جيڪو جسمم قيادت ۽ ڪارڪنن پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي، هي ان منزل جا راهي آهن جنهن منزل کي ڪنڊن جي سيج سان مشابهت ڏني وڃي ٿي.
    هنن سڙيل ۽ مسخ شده لاشن کي ۽ پنهنجن پيارن کي وحشي درندن هٿان کنڀجندي ڏٺو آهي، هنن جي دلين مان خوف ۽ لالچ نڪري وئي آهي ۽ شهادتون، گمشدگيون، گرفتاريون ۽ روپوشيون هنن جي حصي ۾ آيون آهن، هنن روئڻ ڇڏي ڏنو آهي هاڻي هي پچي راس ٿيا آهن ۽ سنڌ دشمن قوتن کي خوف ۾ مبتلا رکيو اٿن، نتيجي طور اڄ انساني حقن جون تنظيمون، مهذب دنيا ۽ گڏيل قومن جا وفد جسمم اڳواڻن جي شهادتن ۽ گمشدگين کي پيرائرٽي ڏئي رهيا آهن. هاڻي جسمم قيادت جي عمل ۽ قربانيءَ جو ثمر ملڻ شروع ٿيو آهي ۽ هنن جي ڪردار ۽ عمل جو تعين تاريخ ڪري رهي آهي ڇو ته تاريخ ئي سڀ کان وڏو جج هونديآهي، جيڪا پنهنجي وزڊم ذريعي قومن جي عروج ۽ زوال جا فيصلا صادر ڪندي آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ادا سائين اسان کي هڪ منظم ۽
    پر اعتماد طريقي سان جنگ وڙهڻي پوندي۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    گستاخي معاف پر ”شفيع محمد برفت“ ڪنهن اڳواڻ جو نالوآهي۔۔ اڄ اها خبر به پئجي وئي۔۔ پر ڪٿان جو اڳواڻ آ ۽ ڪنهن جو اڳواڻ آ، اها خبر اڃا نه پئجي سگهي آهي۔۔ ڪامريڊن جي قيادت تي مان به ايئن ئي وائڙو ٿيندو آهيان جيئن سائين رشيد، ڪامريڊ جهانگي جي قيادت جي باري ۾ ٻڌي پنهنجو مٿو پِٽيندو آهي۔۔ حيف هجئي ٻروچ، الائي ڪهڙي دنيا ۾ پيو رهين؟۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين سڀ ڳالهيون اکين تي پر يار توهان اهو ته واضح ڪيو۔۔ محترم سائين جي ايم سيد جهنگ جبلن ۾ رهي ويڙهاند ڪرڻ جو درس ته نه ڏنو آهي، اها ڪهڙي تحريڪ آهي جو گلن جهڙا نوجوانڙا ذهني شعور جي بلندي کي رسڻ بجا رت ۾ لت پت ٿي ڪري پنهنجي ماڳ موٽن ٿا، ٿيڻ ته ائين گهربو هو جو سائين جي ايم سيد جو عدم تشدد جو فلسفو اپنائي سنڌ جي ڪند ڪڙڇ ۾ وڃي تعليم، ٻولي، سماجي ڪمن ۾ هٿ ونڊآئي پنهنجي تاريخي ماڳن کي تحفظ فراهم ڪندي۔ هڪ باشعور قوم هجڻ جو ثبوت ڏين ها نه ڪي اڻ حاصل ٿيڻي جدوجهد ۾ پاڻ کي اڇلائي پنهنجو ئي نه پر سموري قوم جي نوجوان سوچ کي ڇيهو رسائي رهيا آهن۔۔ٻيلي سنڌي قوم تي رحم ڪيو، سنڌي قوم کي شعور جي راهه تي وٺي هلو جتان ترقي جون منزلون پار ڪري سنڌ جو مان مٿانهون ٿئي۔۔۽ سنڌي قوم کي ڪير به جاهل ۽ اٻوجهه نه چئي سگهي۔۔هٿيار تڏهن کڻبا آهن جڏهن قلم جي سگهه اوهان کان کسي وڃي۔۔جڏهن ته اسان اڃا تائين قلم کنيو ئي نه آهي۔۔قلم کڻو۔ مڪتبن کي سنواريو۔ جن مڪتبن کي اسان گهوڙن ۽ گڏهن جي تبيلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي۔۔اهو سڀ ڪجهه ته اسان پاڻ ڪيو آهي۔۔ ڪنهن ٻاهرين اچي اسان کان ڪتاب ۽ قلم نه کسيو آهي۔ اوهان قلم ۽ ڪتاب ڏيڻ بجا هٿيار کڻن جو گس ٻڌائي رهيا آهيو۔۔جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي۔۔۔ٿورو لکيو گهڻو سمجهيو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    يار ڳالهيون ته تنهنجيون به محبوبا جي مرڪ
    جهڙيون آهن،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو