متحده، طالبان ۽ ڪراچي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    متحده، طالبان ۽ ڪراچي
    ڪراچي ۾ دهشتگردي جي لهر جاري آهي ته طالبان اڳواڻن ايم ڪيو ايم کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته بنوري مسجد جي عالمن جي قتل جو پلاند وٺنداسين ۽ متحده کي ظلم جو جواب ڏيڻو پوندو، اهڙي ڌمڪي کان پوءِ شهر اندر خوف ۽ حراس وڌي ويو آهي، ۽ عام ماڻهو زندگي بچائڻ لاءِ گهر کان ٻاهر وڃڻ وقت سوچيندي نظر اچي رهيو آهي، طالبان رڳو ڪراچي ۾ ئي ڪارروايون نه پيا ڪن، پر انهن جي دهشتگردي جو نشانو ملڪ جي اڪثر وڏن شهرن ۾ بيگناهه ۽ معصوم شهري بڻجندا رهيا آهن، تحريڪ طالبان پاڪستان جي ترجمان احسان الله احسان جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، فوج تي اعتبار ناهي، پر جيڪڏهن جماعت اسلامي جو سربراهه منور حسن، نواز ليگ جو قائد ميان نواز شريف ۽ جمعيت علماءِ اسلام جو سربراهه مولانا فضل الرحمان ضمانت کڻن ته ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، ان ضمانت سان گڏوگڏ احسان الله احسان پنهنجن ٽن اڳواڻن مولانا عمر، محمود ۽ مسلم جي آزادي جو شرط رکيو آهي، طالبان جون حڪومت سان ڳالهيون ٿيڻ يا نه ٿيڻ واري عمل ۾ نواز ليگ، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي جا اڳواڻ ڪهڙو ڪردار ادا ڪن ٿا، اهو ته وقت اچڻ تي پتو پوندو، پر تحريڪ طالبان جي ايم ڪيو ايم کي ڏنل ڌمڪي ڪراچي جي واپارين، صنعتڪارن ۽ امن پسند شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
    ايم ڪيو ايم ڪجهه وقت اڳ به اهي دانهون ڪيون هيون ته ڪراچي اندر طالبان مضبوط ٿي رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ تمام ضروري آهي، متحده جي قائد الطاف حسين ۽ ٻين اڳواڻن جي طرفان طالبان جي مضبوط ٿيڻ واري ڳالهه ڪجهه حد تائين صحيح ته ثابت ٿي آهي، پر شهر اندر طالبان جو اچڻ ۽ انهن جو اسرڻ وارو عمل ڪنهن جي غلطين ۽ مدد سان ٿي رهيو آهي، شايد ان طرف ڪنهن جو ڌيان ئي نه پيو وڃي، ڪراچي سڀني جي شهر هجڻ واريون ڳالهيون ڪندڙ به طالبان جي شهر اندر مضبوط ٿيڻ واري عمل جا ذميوار بڻجن ٿا، پر هن شهر ۾ انتها پسندن جو اچڻ ۽ پختو ٿيڻ جي سڀ کان وڏي ذميداري هتان جي وڏي پارٽي تي عائد ٿئي ٿي، ڪراچي ۾ وزيرستان، سوات، باجوڙ، خيبر ايجنسي سميت مختلف قبائلي علائقن کان ايندڙ ماڻهن بابت هتان جي ڪنهن به اداري يا انتظاميا وٽ ڪابه ڄاڻ ناهي ته اهي بنيادي طور تي ڇا آهن ۽ ڪهڙي تنظيم سان واسطو رکن ٿا، سوات ۾ جڏهن طالبان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي ۽ اتي پنهنجا قانون هلائڻ لڳا ته حڪومت مولوي محمد سان معاهدو ۽ سوات ۾ امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، پر مولوي محمد حڪومت سان ڪيل معاهدي تي عمل نه ڪيو، نيٺ مجبور ٿي موجوده سرڪار کي سوات ۾ شدت پسندن سان ويڙهه ڪرڻي پئي، ان ويڙهه دوران متاثر ٿيل ڪيترن ئي ماڻهن کي سوات مان لڏائي ڪراچي آندو ويو ۽ حڪومت انهن جي ڀرپور مدد ڪئي، ان وقت سنڌ جي قومپرستن ۽ سنڌ دوست ڌرين دانهون ۽ احتجاج ڪيا ته سنڌ ۾ سواتين کي آباد ڪرڻ سان انتهاپسندي وڌندي ۽ انهن جي هتي اچڻ سان ڌرتي ڌڻين جا حق غذب ٿيندا، پر حڪمرانن هميشه جيئان قوم پرستن جي اهڙين دانهن کي نظر انداز ڪيو، ۽ انهن متاثر ٿيل ماڻهن کي نيٺ آباد ڪيو، هن وقت اتان جنگ کان بچڻ لاءِ هتي پهتل سواتين جي هاڻي خبر به ناهي ته اهي ڪراچي جي ڪهڙي علائقي ۾ رهن پيا، ۽ اهي ڇا ڪري رهيا آهن، سواتين توڙي قبائلي علائقن مان ايندڙ ماڻهن جي ڪراچي ۾ آباد ٿيڻ تي قومپرستن ته ڀرپور احتجاج ڪيو، پر متحده قومي موومينٽ سوات کان ايندڙن کي ڀليڪار ڪري ڪراچي ۾ ترسايو، ان وقت حڪومت ۽ ان جي اتحادين کي اها ڳالهه به سمجهه ۾ نه آئي، جن پنهنجي ڌرتي تي دهشتگردن خلاف ٻڙڪ به نه ڪڇي اهي سنڌ ۾ اچي دهشتگردن خلاف ڪهڙي مزاحمت ڪندا، نيٺ انهن سواتين ۽ قبائلين جي آڙ ۾ شهر اندر طالبان جي واڌ ۾ اضافو ٿيو، ۽ سوات جنگ جي متاثرن ڪراچي ۾ آباد ٿي هتي هڪ نئين جنگ ڇيڙي ڇڏي، طالبان ڪٿان اچن ٿا، ۽ ڪٿي اچي آباد ٿي رهيا آهن، اها ڳالهه ملڪ جي هر اداري کي خبر آهي، ان جو عام مثال اهو ئي آهي ته جتي پختون آباديون آهن، اتي ئي طالبان اچي آباد ٿي رهيا آهن، پختون آبادين ۾ اهو تاثر ويٺل آهي ته هتي سڀ پشتو ڳالهائيندڙ رهن ٿا، ۽ انهن جو تحفظ ڳاڙهي جهنڊي واري جماعت تي فرض آهي، هن وقت خيبر پختون خواهه کان ايندڙ ماڻهو قومي شاهراهه ۽ سپر هاءِ وي تي تيزي سان آباد ٿي رهيا آهن، انهن علائقن کان ايندڙ ماڻهن جو ظاهري روپ ٽرانسپورٽر، هوٽل هلائيندڙ، سبزي وڪڻندڙ آهي، پر انهن جا اڪثر عزيز جهادي تنظيمن جا ڪارڪن آهن، ڀل جو کڻي متحده قومي موومينٽ ڪراچي ۾ طالبانن جي اچڻ ۽ انهن جي مضبوط ٿيڻ جو ذميوار موجوده حڪومت کي چئي، پر متحده کي اها به ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته هن حڪومت جو پاڻ حصو آهن، ڪراچي جا سمورا انتظام وٽن آهن، جيڪڏهن هو نيڪ نيتي سان طالبان خلاف ڪارروائي ڪن ها ته هن وقت کين هن ويڙهاڪ تنظيم جون ڌمڪيون نه ٻڌڻيون پون ها، شايد متحده وارن اهو ئي سوچيو هو ته ڪجهه ٻين علائقن مان ماڻهو ڪراچي ۾ اچي آباد ٿين ۽ ڌرتي ڌڻي اقيلت ۾ تبديل ٿي وڃن ته جيئن اسان پنهنجا مقصد ماڻي سگهون پر انهن جو اهو خواب ته پورو نه ٿي سگهيو، پر هاڻي ڪراچي هڪ اهڙو لائو بڻجي چڪي آهي جو اها ڪيترن ئي بيگناهن جون حياتيون ڳڙڪائي سگهي ٿي، متحده کي مڪاني نظام ۾ پنهنجي پسند جون شڪون شامل ڪرائڻ جي ته وڏي ڳڻتي هئي، پر انتها پسند ڌريون جهڙي ريت ڪراچي ۾ مضبوط ٿي رهيون هيون، انهن خلاف انهن کي ڪا به قانون سازي ڪرڻ جو وقت به نه مليو، هن وقت ڪراچي جي سمورن داخل ٿيندڙ رستن تي قبائلي علائقن کان آيلن جون وڏيون آباديون قائم آهن، ۽ انهن کي جنهن وقت به سمجهه ۾ اچي ٿو ته ڪراچي جي رستن تي ويهي سمورو نظام درهم برهم ڪري ڇڏين ٿا، ان سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽ ۽ هوٽلن تي به سوات، باجوڙ ۽ هزارا کان آيل ماڻهن جو قبضو آهي، جنهن وقت هو چاهين ٿا ان وقت ڪاروبار بند ڪري انتطاميان کي پنهنجا فيصلا مڃرائڻ تي مجبور ڪري وٺن ٿا.
    طالبان جيڪڏهن ملڪ ۽ قوم سان سچا هجن ها ته هتان جي بيگناهه ۽ معصوم شهرين کان بم ڌماڪن ۽ گولين جو کاڄ نه بڻائن ها، حڪومت طرفان طالبان سان ڳالهين ڪرڻ واريون خبرون ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون، پر ڪجهه معاملن سبب اهي ڳالهيون نه ٿيون، ۽ هاڻ ته اهو واضع ٿي ويو ته طالبان حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهن، پر انهن جو پنهنجي اڳواڻن جي آزادي وارو شرط آهي، جنهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ هو حڪومت کي ڪيتري ئي عرصي کان مجبور ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، سمجهه ۾ نٿو اچي ته رياستي ادارا دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۾ ايترو ناڪام ڇو آهن جو جنهن وقت جنهن کي اچي ٿو، اهو پنهنجا حڪم هلائي ٿو ۽ پنهنجي مرضي موجب فيصلا ڪري ٿو، سوات، وزيرستان ۽ قبائلي علائقن مان ۾ طالبان عدالتن کان پوءِ هاڻ ته ڪراچي جي ڪيترن علائقن جن ۾ پختون آبادي جي گهڻائي آهي، اتي طالبان جون عدالتون قائم ٿيڻ جون خبرون اچي رهيون آهن، ڇا حڪمرانن جي اها ناڪامي ناهي جو آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن شهرين کي پنهنجا فيصلا مڃائڻ لاءِ عدالتون قائم ڪري ڇڏيون آهن.
    ڪراچي هن وقت جنهن صورتحال مان گذري رهيو آهي، اها ايتري ته ڀيانڪ آهي جو هن وقت هر شهري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيو آهي، ۽ خراب حالتن جو ذميوار سياسي جماعتن ۽ حڪومت کي قرار ڏئي رهيو آهي، ڪراچي جي حالتن تي ضابطو رکڻ ته حڪومت جي ذميواري آهي، پر وفاقي گهرو وزير صرف اهو ٻڌائي چپ ٿي وڃي ٿو ته ڪراچي جون حالتون خراب ٿيڻ واريون آهن، ۽ شهر اندر اهڙي صورتحال ٿي سگهي ٿي، جو ڪراچي هٿن مان نڪري سگهي ٿي، رحمان ملڪ جي اهڙي بيان تي ڪراچي سميت ملڪ جي ساڃاهه وند ماڻهن کي افسوس کان سواءِ ڪجهه به ناهي، طالبان جيڪي مختلف حربن ۽ طريقن سان ملڪ اندر پاڻ کي مضبوط ڪري پنهنجي مرضي جا فيصلا عوام تي مڙهڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، انهن کي ناڪام بڻائڻ سمورين سياسي جماعتن جو فرض آهي، ان لاءِ جو جيڪڏهن طالبان سان ڳالهيون ڪري انهن جي آڏو حڪومت گوڏا کوڙيا ۽ سياستدان ان جي ڍال بڻيا ته ملڪ اندر جيڪڏهن ڪنهن کي به پنهنجا ناجائز مطالبا مڃرائڻا هوندا ته اهو شهرين جو خون وهائي پنهنجا فيصلا مڃرائيندو ۽ ايم ڪيو ايم کي به صرف مقصدن جي سياست ڪرڻ بدران حقيقي سياست ڪرڻ سان گڏوگڏ جنهن ڌرتي تي رهائش اختيار ڪيون ويٺل آهي، ان ڌرتي جي مالڪن سان سچائي جو ثبوت ڏيڻو پوندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو