انتها پسندن جي يلغار ۽ حڪمرانن جي بي وسي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    انتها پسندن جي يلغار ۽ حڪمرانن جي بي وسي
    ملڪ ۾ روزانو دهشت گرديءَ جون وڏيون وارداتون ٿيڻ لڳيون آهن. آچر ڏينهن ڪراچي ۾ اڻ تصديق ٿيل ڌماڪو ۽ ٻيون ڪيئي قتل جون وارداتون ٿيون، ڇنڇر تي لڪي مروت ۾ حملن ۾ 27 ماڻهو مارجي ويا، ان کان اڳ هنگو ۾ 28 نمازي ماريا ويا، ان کان اڳ ڪراچي ۾ ٽن عالمن سميت 19 ڄڻا ماريا ويا. ۽ اهو سلسلو بند ٿيڻ جا امڪان گھٽ آهن.
    دهشت گرديءَ جي ان ٻوڏ جي آڏو بند ٻڌڻ واري ڏيکاءَ ۾ انتظاميا جون ڪجهه ڪوششون ضرور آهن پر اهي اُٺ جي وات ۾ جيري وانگر آهن. هيءَ حقيقت پنهنجي جڳهه تي آهي ته اهي ڪوششون به غلط رخ ۾ آهن.
    اهو ظاهر آهي ته ان سڄي باهه جا سبب ماضي ۽ حال جي آمريت پسند، مفاد پرست، اقتدار پرست ۽ عوام دشمنن جي ڪٽر ٽولن پيدا ڪيا آهن. پر جيڪي وس وارا مذهبي انتهاپسندن خلاف ڪجهه ڪرڻ ۾ ٻڏتر جو شڪار آهن، تن جي ڪري به اهي دهشت گرد ان حد تائين قاتلاڻيون ڪارروايون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا.
    ان ۾ به شڪ ناهي ته امريڪا پاران ڊرون حملن به حالتن کي وڌيڪ خراب ڪيو آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي عام آبادي انتهاپسند دهشت گردن خلاف انتظاميا جي حمايت نه ٿي ڪري، جنهن ڪري به انتظاميا پنهنجي اهڙين ڪوششن ۾ ناڪام ٿئي ٿي جنهن جو مقصد دهشت گرد ڪارروائين کي روڪڻ آهي. اڄ تائين ائين گهڻو ٿيندو رهيو آهي ته سرڪار پاران امريڪا جي ڊرون حملن يا وري افغاستان ۾ ناڪاري ڪردار جي مخالفت نه ڪرڻ يا وري ڪافي مزاحمت نه ڪرڻ سبب توڙي حڪومت طرفان عام ماڻهن لاءِ بلڪه امن امان جي سلسلي ۾ اثرائتا اپاءَ نه وٺڻ جي ڪري عام ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد سرڪار خلاف راءِ رکي ٿو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ڪيئي عام ماڻهو غير رياستي گروهن خاص طور متشدد عنصرن جي حمايت ڪن ٿا. ان ۾ شڪ ناهي ته عوام جي اڪثريت وري به مذهبي انتهاپسندن جي خلاف آهي، پر آباديءَ جا ڪي حصا اڻ سڌيءَ طرح تشدد پسندن کي سهارو ڏين ٿا.
    اصل شيءَ عوام طرفان حمايت جو ملڻ آهي پر ان ۾ به شڪ ناهي ته عوام جي سرگرم حمايت مشروط آهي، عوام اهو ضرور ڏسي ٿو ته سرڪار سندس جان ۽ مال جو تحفظ ڪري ٿي يا نه ۽ سرڪاري عهديدار عام غريب ماڻهن جي سار لهن ٿا يا نه.
    جيڪڏهن عوام کي نظر اچي ته سرڪار عوام دوستيءَ جي نعري ۾ مڪمل طور اڳتي وڌندڙ آهي ۽ عوام دشمنن سان ٺاهه نه ٿي ڪري، آئين ۽ قانون موجب هلي رهي آهي ته پوءِ يقينن عوام سرڪار جي دل سان حمايت ڪندو. ان طرح سرڪار جي قوت ان حد تائين وڌي ويندي جو ان کي انتهاپسند لساني، دهشت گرد ٽولا بليڪ ميل ڪري نه سگهندا ۽ سرڪار کين سولائي سان روڪي، بلڪه ختم ڪري سگهندي. پر هن وقت اسان ڏسي رهيا آهيون ته عوام تي ڪيترين ئي پابندين، موٽر سائيڪل تي ٻيلهه سواريءَ تي ڏينهن يا مهينن تائين بندش، موبائل فون سروس تي عارضي پر وري وري پابنديءَ وغيره باوجود سرڪار انتهاپسند قوتن خلاف پنهنجي اپائن ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو هو ته فيبروريءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ قتل عام ٿيندو سو فيبروريءَ کان اڳ ۾ ئي شروع ٿي ويو ۽ جاري آهي. ان طرح ڪراچيءَ ۾ هزارين نون انتهاپسندن جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏيڻ وارا انهن کي روڪي نه سگهيا. ڪراچيءَ ۾ آباديءَ جا ڪي حصا اهڙا آهن جن ۾ انتهاپسندن جي حمايت نظر اچي ٿي، اهي حصا ٿورائي ۾ آهن، پر ٿورائي به گهڻي تخريبڪاري ڪري سگهندي آهي. انڪري ان کي روڪڻ جي ضرورت آهي، پر سرڪار وٽ اهڙي ڪا به حڪمت عملي ناهي، جو مذهبي دهشت گردن کي ملندڙ حمايت جو ٽوڙ ڪڍي سگهي، اها ئي ڳالهه سڄي ملڪ جي سلسلي ۾ چئي سگهجي ٿي.
    عام طور سنڌ، پنجاب جي سرائيڪي علائقي، بلوچستان جي وڏي حصي ۽ پاڻ خيبرپختونخواهه جي پڻ اڪثريت آبادي مذهبي انتهاپسنديءَ خلاف آهي پر اها اڪثريت آبادي سرڪار جي ڪافي حد تائين حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ٻئي طرف سرڪار پڻ اهڙي مستقل حڪمت عملي، خاص طور حڪومتي مدي جي شروعاتي سالن ۾ نه ٺاهي سگهي، جنهن سان عوام جي حمايت ماڻي سگهجي ها. ان جو وري سبب اهو رهيو ته حڪومت کي ڪرسي بچائڻ جي ڳڻتي بڇي وئي.
    هر وقت ان کي اهو خدشو رهيو ته حڪومت کي گهر موڪلڻ جي سازش ٿي رهي آهي. جنهن ڪري عهديدار پارلياماني ڌرين سان مفاهمتي پاليسيءَ تحت ڳالهين، اتحادين کي وقت بوقت پرچائڻ ۾ رڌل رهيا ۽ عوام ڏانهن سندن ڌيان نه ويو. جڏهن ته حڪومت جي ساک ۽ مستقبل جي مفادن لاءِ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ضروري هو. سو صورتحال خراب کان خراب تر ٿيندي وئي، اڄ حالت اها آهي ته ڇانوڻين تي حملا ٿي رهيا آهن ۽ فوجي سپاهي قربان ٿي رهيا آهن، اڳي رڳو پوليس جا سپاهي ٻل چڙهي رهيا هئا، هاڻي ڳالهه ان کان گهڻي وڌي وئي آهي.
    حڪومت ان سلسلي ۾ ڳالهه ته هاڪاري ڪري رهي آهي پر اها مذهبي انتهاپسندن خلاف ڪجهه ڪرڻ ۾ ڪافي ڪاميابي ماڻي نه سگهي آهي. ان جا ضرور سبب آهن، هڪ ته ان جي حد کان وڌيڪ مصلحت آهي ۽ ان پاران عوام جي حمايت نه وٺي سگهڻ، ٻيو آهي حڪومت کي آمريت پسند قوتن جو گهيرو جيڪو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رهيو آهي. تنهن کان سواءِ سياسي قوتون مذهبي انتهاپسندن جي مخالفت واري ان خاص رخ ۾ ورهايل رهيون آهن ۽ اهي فيصلائتيون نه ٿي سگهيون آهن.
    انهن سببن جي ڪري هاڻي مذهبي انتهاپسنديءَ واري چئلينج وڌي وئي آهي، ان کي ڪاميابيءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت آمر قوتن سان مصلحت ختم ڪري. عوام جو ساٿ وٺي ۽ هر قسم جي دهشت گرديءَ خلاف سخت ترين قدم کڻي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو