سوچ ۽ سنسار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    (هي ليک هان ۾ هنڊائڻ جهڙو آهي، ان ڪري سنڌ سلامت جي سڄڻن لا ونڊ ڪجي ٿو)
    ``````````````````````````````````````````````````````````````````````

    سوچ ۽ سنسار
    برما جيسراڻي
    جڏهن سنسار مان من ڀرجي وڃي ٿو ته ان وقت انسان جي سوچن جو درياءُ اٿلي پوي ٿو ۽ ڪيفيت ڌرتي جي ڌڏڻ کان گهٽ نه هوندي آهي ان وقت سوچن ۽ نفس کي ڪنٽرول ڪرڻ هڪ مهارت کان گهٽ نه هوندو آهي ۽ سوچ ۽ نفس کي قابو ڪرڻ وارو منڇ ئي ان درياءَ مان پار پئي سگهي ٿو نه ته اهو منڇ پاڻ درياءَ ٿي سماج کي ٻوڙي ٿو يا پنهنجي سوچن جي وهڪري ۾ لڙهي وڃي ٿو.
    اڄ سنڌ جي سماج جي بي وسي ان ڳالهه جي گواهه آهي ته معاشرتي برائي، بک، بيروزگاري، نياڻين جي بيحرمتي جا واقعا، سنڌ جي مارئي ۽ ڏاهين جا ڏک ڏينهون ڏينهن وڌڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته سنڌي قوم کان هڪ وڏي سازش تحت انهن کان آدرش، انهن جي تهذيب، اخلاقيات تي وار ڪيو ويو آهي، رڳو اهو نه پر وڏي پلاننگ سان انهن کي دنيا آڏو بي آدرشي، جاهل ۽ Uncivilized جي طور ڏيکاري انهن کان پنج هزار سال جي Indus Civilization جي جيڪا مهر لڳل آهي ان کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ٿي رهي آهي.
    سنڌ ۾ وڏيرا، ڀوتار، پير، مير ڪلچر کي ڏينهن ڏينهن اڀارڻ، ان ڳالهه جي ڪڙي آهي ۽ سندن کان تعليم، قانون، جهڙا هٿيار کسيا ويا آهن. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اڌ تي اڌ استادن جو اسڪول سان واسطو ئي نه هئڻ ڪري تعليم جي ۽ سنڌ ۾ پنج هزار اسڪولن صرف نالي ماتحت هجن ۽ شاگردن جو وجود ئي نه هجي ۽ اڄ جا رياستي ذميوار ڪوڙيون دعوائون ڪري ڪوڙ تي سچ ثابت به ڪن ته به نقصان جو ازالو ته نه ٿيو نه! اهو ئي سبب اهي جو سنڌ جي روز ڪائي نه ڪائي نياڻي ڪڏهن رنڪل جي نالي تي ته ڪڏهن شبانه ڀٽو ۽ مومل ميگهواڙ ته ڪڏهن وجنتي جي نالي تي زيادتين جو شڪار پيون ٿين ۽ هاڻي تازو ڌني ڀيل جي واقعي ۾ وڏيرا ۽ حڪمرانن جا ڇاڙتا ان ڏوهه ۾ ملوث هجن ۽ ڪورٽون ان جو فيصلو ڪري انهن بيلغام پيرن کي سرٽيفڪيٽ ڏئي تصديق پئي ڪري. اهو بچيو آهي اسان جي سماج جو آدرش اڄ به سنڌ ۾ سيتا جهڙا واقعا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته مذهب جي آڙ ۾ سنڌ جي اصلي شڪل بگاڙي پيش ڪرڻ، ان ايجنڊا تي ڪم ٿي رهيو آهي، جيڪا سنڌ صوفي ۽ سيڪيولر سماج جي پنج هزار سالن کان دعويدار رهي آهي.
    ڀٽائي سُر ڪارايل ۾ اهڙن دو لاڀي، انسانن کي ايترو ته نروار ڪيو آهي جو هو منهن لڪائڻ جهڙا به نه رهيا آهن. داستان پهرين به هڪ تشريح آهي ته
    ”افسوس جو هيئر هنجن (ڪاملن) جو نشان به نه ٿو ڏسجي ۽
    ڪانگن (دولاڀي انسانن) اچي دنيا جي فضا کي خراب ڪيو آهي،
    هنس هتي اچي ئي لڄ ٿامرن، عشق کي آفرين هجي، جو محبتين کي
    ملائي هڪ ڪيو ڇڏي. ڪنول گل پاتال ۾ ۽ ڀونر آڪاس ۾ ٿو
    اڏامي، پر نينهن ٻنهي کي هڪ ٿو ڪري“
    اهڙي ئي نموني سنڌ سان عشق ڪندڙن جي کوٽ ناهي ٿيڻي ڀلي ڪانئر ڪيتري به ڪوششون ڪن. سنڌي ليکڪ، اديب، شاعر، ساڃاهه وندن کي پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي ناهي ڪرڻي. ڏاهن کي پنهنجي ڏاهپ تي فخر ناهي وسارڻو، باهه جو سمنڊ پار ڪرڻو آهي، سنڌي سماج کي سڌارڻ لاءِ ادبي، سماجي، آدرشي سکيا لاءِ پارشالائون هلائيون پونديون، نوجوانن ۽ نئين نسل لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن آئيندي جي ابن کي مذهب جي آڙ ۾ مات نه کائڻي پوي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان ئي اميد سان لکون پيا ۽ ڪوششون ڪيون پيا، جيتوڻيڪ سنڌي ماڻهن جا رويا گهڻو مايوس ڪندڙ آهن ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو