معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
تيزاب
سحر امداد
سيخون ٽُنبيل اکين ۾
ڪوئي سُهائو سپنو
پٿرائجي وڃي ٿو!
شهه رڳ وڍيل ڳلي ۾
ڪوئي سُريلو نغمو
گهو گهاٽجي وڃي ٿو!
مينديءَ رتن هٿن تي
تيزاب هارجي ٿو
تِرتِر تي مارجي ٿو!
سورج جا تيز ڪرڻا
خنجر جيان چُڀن ٿا
۽ رات زهر وانگي
نس نس ۾ اوتجي ٿي!