سنڌ جون قوم پرست ڌريون ۽کيئل داس وارو ميڊيڪل اسٽور

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سنڌ جون قومپرست ڌريون ۽کيئل داس وارو ميڊيڪل اسٽور
    ذوالفقار واهوچو
    ٺلها بيان اسان جي دردن جو علاج نه آهن، لڳي ٿو سنڌ کي جيڪو مرض لاحق آهي ان جو علاج اسان جي قومي سياست ڪندڙ ڌرين وٽ ناهي. اهي حاذئق حڪيم ناهن، سٺا ويڄ ۽ طبيب ناهن جنهن جي ڪري انهن جون ڦڪيون فرق نه ٿيون ڪن، اسان کي ٽي بي آهي هو اسان کي زڪام ۽ کنگهه جي دوا ڏين ٿا. هاڻ ڏوهه ڪنهن جو آهي اسان مريضن جا طبيبن جو ان تي غور ويچار ڪرڻو آهي، اسان وٽ وارهه ۾ کيئل داس جو ميڊيڪل اسٽور هوندو هيو، ڏاڍو ڀلو مڙس هيو، يارويس هيو، اسان ان وٽ دوا لاءِ ويندا هياسين، کائنس معلوم ڪندا هئاسين کيئل پونسٽان ٽيبليٽ ڏئي فورن چوندا هو سهڻا پونسٽان ڪانهي پيرنسٽامول آهي چوندا هئاسين ته ريڪاڊران ڏئي چوندو هو اها ڪانهي ايول آهي لڳي ٿو اسان جون قومپرست ڌريون به کيئل دس وارو ميڊيڪل اسٽور آهن، انهن وٽ اسان جي دردن جي دوا ناهي بلڪه اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته اهي ميڊيڪل يا جنرل اسٽور بدران مانڊڙيون آهن، جتي رڳو ٽڪي ڦوٽو ملندو، ٻڌي جو سيڌو سامان انهن ويچارن وٽ آهي ئي ڪون، اهي رڳو ٻه هريڙون رکي پاڻ کي وڏا پساري ڪوٺي رهيا آهن. هن وقت سنڌ کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن جو علاج متحرڪ، جدوجهد منجهه آهي ڳالهين، نعرن، هنبوشين هڻڻ ۾ نه آهي، اسان جو مخالف ايترو شاتر آهي جو اسان سوچي به نٿا سگهون. اسان هڪ مسئلو کڻون ٿا هو ٻيو مسئلو اڀارين ٿا اسان پهرين مسئلي کي اڌ ۾ ڇڏي ان نئين مسئلي کي وڌيڪ خطرناڪ سمجهي ان پويان لڳي پئون ٿا، ائين اسان جو دشمن اسان کي روزانو ڊوڙائي ڊوڙائي اڌ مئو ڪري ڇڏي ٿو، هاڻ اسان هڪ نئين اٽڪل ڪئي آهي ته ڪبو ڪجهه به نه رڳو اهو چئبو ته هڪ به سنڌي زنده آهي، ڪير اسان جو وار به ونگو نٿو ڪري سگهي، سر قربان ڪنداسين سنڌ نه ڏينداسين. رت جا درياهه وهائي ڇڏينداسين، هي سنڌ دشمن منصوبو منظور ناهي، ائين اسان جي لٻاڙن کي ڏسندي پنو عاقل فوجي ڇاڻوي ٺهي وئي، گريٽرٿل ڪئنال ٺهي ويو، حيدرآباد ٽٽي چار ضلعا ٿي وئي، ڪراچي تي مڪمل ڌارين جو قبضو ٿي ويو سنڌ جا هزارين اسڪول بند پيا آهن، ٻوڏ ۽ برسات سٽيل ماڻهن جي بحالي نه ٿي.ارڙي ۾ 8 سئو ٻارڙا مري ويا، ڪراچي ۾ روزاني سنڌي نوجوان قتل ٿي رهيا آهن. ڪراچي جي تعليمي ادارن ۽ روزگار وارن ادارن ۾ اسان لاءِ دروازا بند آهن، ذوالفقارآباد تي ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي، سنڌ ۾ ڌاڙا، ڦورو، اغوا معمول آهن، هندن کي لڏايو پيو وڃي، نياڻين جو مذهب مٽايو پيو وڃي. ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ڪري سنڌ کي انتظامي طور ورهايو ويو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جا انتظامي اختيار گورنر استعمال ڪري رهيو آهي، سنڌ واحد صوبو آهي جتي هڪ لساني ڌر ايم ڪيو ايم جو 11 سالن کان گورنر ويٺل آهي، سنڌ مسئلن جي اماج گاهه بڻجي وئي آهي. پر اسان جون قومي ڌريون رڳو لفاظي ڦٽاڪا ڦاڙي رهيون آهن، جنهن جي ڪري وڏيرن ميرن، پيرن ۽ سردارن کي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، هن وقت جڏهن قوم سخت ڪاوڙيل آهي، اها موجوده حڪمران ڌر مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿي، سنڌ جا سياسي معاشي ۽ اقتصادي مسئلا حل ڪرڻ جو موزون وقت آهي، ان وقت اسان کي ڪٿي به قومي تحريڪ هلندي نظر نٿي اچي. هر پارٽي خاموش ٿي وئي آهي، رڳو اخبارن ۾ ٽي وين تي بيانن جو طوفان آهن عملي ميدان مڪمل طور تي خالي پيل آهي، جنهن جو فائدو حڪمرانن کي ٿي رهيو آهي، اسان کي طاهر القادري جي 4 ڏينهن جي ڌرڻي مان ۽ شيعن ڀائرن جي ڌرڻي مان سبق سکڻ گهرجي ته حڪمرانن جو قبلو درست ڪرڻو آهي ته پوءِ اسان کي پاڻ ۾ سچائي پيدا ڪرڻي پوندي. جدوجهد ڪرڻي پوندي ٻن ٽن هڙتالن ۾ پي پي جا وزير پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا هئا پر جڏهن قومي تحريڪ ماٺي ٿي ته انهن حيدرآباد ۾ جلسو ڪيو ۽ هاڻ سڄي سنڌ ۾ جلسا ڪري رهيا آهن، انهن ۾ هاڻ همت وڌي وئي آهي. انهن سمجهي ورتو ته اهي قومي شينهن ڪاعذي آهن، جن ۾ اها قوت ئي ناهي. پي پي جهڙي هاٿي پارٽي کي دسي سگهن. هاڻ اسان جون قومي پارٽيون اليڪشن ۾ مصروف آهن، ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌ مان ٻٽو مڪاني نظام ختم ٿي ويو. گريٽرٿل ڪئنال وهڻ بند ٿي ويو، ذوالفقار آباد رٿا تي ڪم بند ٿي ويو، ڪراچي جي تعليمي ادارن ۽ روزگار وارن ادارن ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ دروازا کلي ويا، سنڌ باغ بهار ٿي وئي، تنهن ڪري هاڻ اليڪشن وڙهڻ ضروري آهي، اسان قوم پرست ڌرين جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي حق ۾ آهيون، پر بنا جدوجهد جي بنا دشمن کي ڪمزور ڪرڻ جي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اهي چونڊون کڻندا. اسان جي قوم پرستن کي ته اها به خبر ناهي ته اليڪشن ڪيئن سنڀالبي آهي، ووٽر ڪيئن پولنگ تي کڻي اچبا آهن. مخالف جا ووٽ ڪيئن گهٽ ڪري پنهنجا ووٽ وڌيڪ وجهرائبا آهن. اهو سڀ هڪ فن آهي، اهو بيانن ۽ ڳالهين سان نه ٿيندو آهي. جيستائين عوام جي سماجي مسئلن ۾ حصو نه وٺبو اوستائين عوام وڏيرن، ميرن ۽ پيرن کان پري نه ٿيندو، هي اسان جا قومي اڳواڻ ته ننڍڙي تنقيد ۽ تجويز به برداشت نه ٿا ڪن ڪنهن جي فوتگي ۽ شادي ۾ شرڪت نه ٿا ڪن، ڪنهن جي عيادت نٿا ڪن، عوام انهن سان ڪيئن گڏ ٿيندو، اليڪشن قومي نعرن سان نه سماجي رشتن، دوستين ۽ واسطن سان وڙهي ويندي آهي. اها تياري ته اسان کي ڪٿي به دوستن جي نظر نٿي اچي تنهن ڪري ته حڪمران ڌر چوي ٿي ته عوام اسان کي چونڊيندو. ڇاڪاڻ ته اهي عوام جي ويجهو آهن، ماڻهن جي ڏک ۽ سک ۾ شامل ٿين ٿا اسان جي اڪثريت عوام اٻوجهه ۽ سادي آهي، ان جو قومي مسئلن سان ڪوبه واسطو ناهي، اها سماجي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي، تنهن ڪري اسان جيڪا سياست ڪريون ٿا اها اليڪشني سياست سان ٺهڪي نٿي اچي. ان ڪري اسان جا دوست ناڪام ٿين ٿا، اسان جي دوستن سان چور وارو ڪم آهي، چور کي سزا ملي ته سو بصرکاءُ يا 100 لٺيون. هن چيو ته 100 بصر کائيندس 10 بصر کائڻ کانپوءِ چيو ته ڀلي لٺيون هنو 10 لٺين کان پوءِ وري هن چيو ته بصر کائيندس، اهڙي طرح هو 100 لٺيون به کائي ويو ۽ 100 بصر به کائي ويو تنهن ڪري اسان جي قومي سياست ڪندڙ ڌرين کي هڪ فيصلو ڪرڻ گهرجي ته 100 لٺيون کائيندي يا بصر کائيندي. جدوجهد ڪندا يا اليڪشن وڙهندا.
    منهنجي دوستن کي اها تجويز آهي ته پهريان قومي مسئلن کي ايترو اڀاريو جو سنڌ جو ماڻهو پاڻ مرادو انهن ڀوتارن، وڏيرن، سردارن جو گهيراءُ ڪن ۽ اوهان جو آڌار ڀاءُ ڪري۽ اوهان کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏين، اسان جي قومي پارٽين کي هڪ هڪ سيٽ لاءِ چونڊ نه وڙهڻ گهرجي پر اتحاد ڪري سموريون سيٽون کٽڻ لاءِ چونڊ وڙهڻ گهرجي ته جيئن اهي ڪامياب ٿي عوام ۽ قوم جا مسئلا حل ڪن ۽ سنڌ سان ٿيل ناانصافين جو تدارڪ ڪري سگهن ۽ هي جيڪو کيئل داس وارو ميڊيڪل اسٽورآهي اهو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ها يار مرحوم کيئل داس واقعي يار ويس ماڻهون هيو ، اسان به وٽس ڪڏهن ڪڏهن اڌ ڪوپ چانھ پيئندا هئاسين ، لڳ ڀڳ پندرهن سال پهريان هو فوت ٿي چڪو آهي، ماڻهون چڱو هيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو