ڪراچي: اميد ڪٿي آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪراچي: اميد ڪٿي آهي
    سنڌ جي گادي سڙي رهي آهي، مستقل مفاد جي ٻاريل باهه کي وسائڻ جي وس وارن مان ڪو به جرئت نه ٿو ڪري يا وري اهي سڀ هڪٻئي سان ٻٽ آهن ۽ انهن سڀني ان باهه تي تيل هاريو آهي. هاڻي ڏهن کان وڌيڪ انسان ناحق مارجڻ روز جو معمول آهي ۽ اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻي سرڪار نالي لاءِ به ڪي سخت اپاءَ نه پئي وٺي.
    هزارين نوان قاتل ڪراچيءَ پهتا آهن، اها انهن برين خبرن مان هڪ هئي جن جي ٻوڏ ڪيترين ئي دلين کي ٻوڙي رهي آهي. لڳي ٿو ته شيطان جو هڪ خاص انسان ڪش لشڪر ڪراچيءَ کي پنهنجو مرڪز بنائڻ گهري ٿو.
    ڪراچي اڳيئي قتل غارت وارين قوتن جي ور چڙهيل آهي، غريب شهرين تي حملن لاءِ وڌيڪ نفري آندي وئي آهي جن قوتن کي حفاظت جي ذمي سان سڃاتو وڃي ٿو، اهي ئي اهڙا بندوبست ڪن ٿيون. ڪراچي واسين لاءِ هاڻي ڪجهه به عجيب ناهي، هو جن کي پنهنجو سمجهندا آيا سي ئي اها راند پيا کيڏن. عام ماڻهن جو قتل هتي ڪنهن لاءِ به ڪو مسئلو ناهي. قوت يا اختياري سياسي هجي، معاشي هجي يا ڪا ٻي، ڌماڪن جون خبرون هنن لاءِ تفريح جو ذريعو بنجن ٿيون. ٽارگيٽ ڪلنگ جو سوال ڪجي ته سرڪاري عهديدار چون ٿا ٽارگيٽ ڪلنگ گهٽجي وئي آهي، عام قتل کي ٽارگيٽ ڪلنگ نه ٿو چئي سگهجي.
    ٿورو منطق استعمال ڪجي ته اميرن جي برادريءَ لاءِ اهو جملو سچ آهي، منظر امام، رضا حيدر يا ڪو وڏو مذهبي اڳواڻ قتل ٿئي ته اها ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، باقي ته سڀ ڪيڙا ماڪوڙا آهن. ساحر لڌيانوي پڇي ٿو.
    يه شاهراهين اسي واسطي بني ٿين ڪيا؟
    ڪه ان په ديس ڪي جنتا سسڪ سسڪ ڪي مري
    زمين ني ڪيا اسي ڪارن اناج اُگلا ٿا
    ڪه نسل آدم وحوا بلڪ بلڪ ڪي مري
    انهيءَ قتل عام جا معاشي ۽ سياسي سبب آهن، جن نون قاتلن جي اچڻ جي خبر ڏني وئي آهي تن جي سڃاڻپ طالبان، سپاهه صحابه يا لشڪر جهنگوي، جهڙن نالن سان ٿئي يا نه پر شيعه دشمن ۽ سني دشمن ضرور آهي. چون ٿا ته کين سعودي حڪومت جي مالي مدد حاصل آهي ۽ ملڪ جي باطل پرست اختيارين به قاتلن جي دل وڌائڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي. سو چئبو ته شيعن ۽ سنين جي قتل عام جو سبب مذهبي کان وڌيڪ سياسي آهي. انهن قتلن ۾ نام نهاد لبرل به قاتلن جا پيالي ڀائي آهن پر نام نهاد لبرل جي چاپلوسيءَ جا هر روز بهانا ڳوليا پيا وڃن، خاص طور جمهور ترقي پسند چون ٿا ته هو بدلجي ويا آهن. ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙا.
    نفسياتي هٿيار سڀ کان وڌيڪ اثرائتا هٿيار ٿين ٿا. معاشي مسئلن جي ڇتڪتائي ۾ ڦاسائي ماڻهن کان ماڻهپو کسڻ ته سرمائيداري جي سُتيءَ ۾ پيل آهي پر ميڊيا خاص طور ٽي وي چينلن تي بحثن ذريعي ماڻهن کي ڀلائڻ سولو ڪم آهي، مني پاڪستان ڪراچي اتي هڪ وڏو موضوع آهي ان تي پهاڄُن جو جهيڙو هلي ٿو، هڪٻئي کي دهشتگرد ۽ سازشي وغيره چوڻ معمول آهي ڳجهارت آهي. ته انهن پهاڄن جو مڙس ڪير آهي؟ لوچين سي لهن!
    اهو ئي اهڙو فيڪٽر آهي جيڪو سردر ۽ گرم جنگ جو ڪارڻ بنجندو آهي، هڪ طرف باهه ڏئي ٻئي طرف چوري ڪرڻ ان جو ئي ڪمال آهي ۽ ڀلجڻ وارا ته ڀلجي پون ٿا پر اهو ڀُل چڪ معاف جو کيل ناهي. ماضي وارو روشنين جو شهر بربريت جو استعارو بنايو ويو آهي، انڌا ڌنڌ قتل عام ۾ به ته آقائن جا مفاد آهن پوءِ به هي ملڪ جو ڪاروباري مرڪز آهي، ڪاروباري گروهن کان ڀتو ورتو ويندو هو پر اهي ٻڙڪ نه ڪُچندا هئا، جڏهن ان ڀتي ۾ ٻيا سياسي گروپ حصيدار ٿيڻ لاءِ وڌيا ته منافق واپاري رڙيون ڪرڻ لڳو آمريت ۽ ان جي پاليل مچائن سان سندن جن ريڌل هو.
    چون ٿا ته ايم ڪيو ايم کي انڪري به گهٽجي وڃڻ جو ڊپ آهي جو اردو آبادي ڪُل آباديءَ جو 42 سيڪڙو کن رهجي وئي آهي. پشتو آبادي 70 لکن کان وڌي وئي آهي. بلوچ 25 لک آهن، سنڌ جي ٻين هنڌن، پنجاب ۽ ڪشمير کان لکين ماڻهو روزگار جي ڳولا ۾ هتي اچن ٿا، ان طرح تضاد وڌن ٿا. بلڪه وڌايا وڃن ٿا.
    تضادن، جهيڙن، ماراماري، حادثن، ٻين ڪيترن ئي معاشي مسئلن هوندي محبت، اميد آئيني جا خواب ۽ تبديليءَ جي تڙپ اتم موجود آهي، جانيءَ چواڻي:
    گل، خوشبو، ٽهڪ ۽ سپنا به سرجن ٿا
    توڙي آهي حالتن جو تاءُ نيڻن ۾
    سخت لهجا، فاصلا، ٿوهر ڦُٽي پوندا
    جي رکيو ڪنهن پيار جو پڇتاءُ نيڻن ۾
    اڳي پوڪراچي پريمين جو شهر آهي، قاتلن جو نه. اهي ماڻهو جي تخليقيار آهن. محنتي، جاکوڙي، باشعور، باعلم، باطل کان پاسو ڪندڙ هن شهر کي ٻيهر روشنين جو شهر بنائيندا، پر ان کان اڳ هڪ بغاوت، هڪ انقلاب ضروري آهي. اصل برادري يعني غريبن جي آندل تبديلي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    گل، خوشبو، ٽهڪ ۽ سپنا به سرجن ٿا
    توڙي آهي حالتن جو تاءُ نيڻن ۾
    سخت لهجا، فاصلا، ٿوهر ڦُٽي پوندا
    جي رکيو ڪنهن پيار جو پڇتاءُ نيڻن ۾
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪراچي او ماء سونهن اسان جي سنڌ جي.
    ڪهڙو وريو واء جو ماڳ نه موٽيا مورڙا

    تاجل بيوس
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اهي ڦٽ نه کوليو۔۔ڪراچي جي سيني تي ٿيل وحشتن اسان جي روح کي چچري ڇڏيو آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو