• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چئن سمن واري جديد دور جي جديد موبائيل۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اڄڪلهه مارڪيٽ ۾ اسان ٻن سمن وارا موبائيل سيٽ ته ڏسيون ئي پيا۔۔۔ مون وٽ پڻ هڪ اهڙي ئي قسم جو خوبصورت سيٽ موجود آهي جنهن جو ذڪر اڳ به مون ڪيو هو۔۔۔ جنهن کان متاثر ٿي سائين نثار ابڙو ۽ ادا زاهد سومرو پڻ اهڙا سيٽ خريد ڪري ورتا۔۔۔ پر اڄ جنهن سيٽ جو مان ذڪر ڪري رهيو آهيان اهو ٻن سِمن وارو سيٽ نه آهي ۔۔۔ ٽن سِمن وارو سيٽ به نه آهي۔۔۔۔ هي آهي چار سمن وارو سيٽ ۽ اهو به GSM ٽيڪنالاجي سان گڏو گڏ CDMA ٽيڪنالاجي جي سپورٽ سان ۔۔۔ مطلب جنهن ۾ موبلنڪ، يوفون، وارد، ٽيلي نور ۽ زونگ جي سِمن کان سواءِ وي وائرليس واري وڏي سِم پڻ لڳائي سگهجي ٿي۔۔۔ آهي نه حيرت جهڙي ڳالهه۔۔۔
شعلن واري ٿيم سان گڏ هن موبائيل سيٽ جو نالو آهي ميگما جنهن ٻين خوبين ۾ ٽچ سڪرين ڪي پيڊ، 5 ميگابيائيٽ جي طاقتور ڪيمرا جنهن سان عام منظر کي 8 دفعا وڌيڪ وڏو ڪري فوٽ ڪڍڻ جي سهولت، بلوٽوٿ، انفراريڊ سان گڏو گڏ وائي فائي جهڙي جديد ٽيڪنالاجي ۽ 12 ڪلاڪ ٽاڪ ٽائيم واري بيٽري۔۔۔
پر ترسو حيران ته توهان تڏهن ٿيندو جڏهن مان ٻڌايان ته هن سيٽ سان گڏ 40 گيگا بائيٽ جو ميموري ڪارڊ پڻ موجود آهي۔۔۔۔ وزن ۾ هلڪو ۽ سائيز ۾ سمارٽ۔۔۔
ته پوءِ هاڻي توهان چاهيو ته هن سيٽ ۾ هڪ ئي وقت ۾ 4 سِمن سان ڳالهايو۔۔۔ دوستن لاءِ الڳ، مِٽ مائيٽ لاءِ الڳ، ڪم دوران الڳ ۽ پنهنجن پيارن لاءِ الڳ سِمون استعمال ڪندڙن لاءِ هي سيٽ بهترين مينيجمينٽ جو ڪم ڏئي سگهي ٿو۔۔۔
پر دوستو هن سيٽ جي قيمت نه پڇجو ۔۔۔ تصوير۔۔۔؟ ها تصوير توهان کي ضرور ڏيکاربي ۔۔۔ هي ڏسو۔۔۔

magma_concept_phone.jpg
 
سائين توهان اسان جي اڳيان حيران ڪندڙ شيون پيش ڪندا آهيو۔۔۔اڳي ڊبل ميموري ڪارڊ وارو سيٽ ۽ هاڻي چار سمون، 40 گيگا بائيٽ، وائي فائي، سي ڊي ايم اي وارين خاصيتن وارو سيٽ۔۔۔ شڪر ٿيو جو توهان قيمت نه ٻڌائي نه ته مون جهڙي غريب جو هانءُ ڦاٽي پوي ها۔۔۔
 
سائين اوهان ڀلل آهيو، اهي چار سمون آهن ئي انهن مسلمان دوستن لئه جي چار شاديون ڪري سگهنٿا .... هر گهر واريءَ لئه هڪ سم ... پوءِ بس ”کُل جا سم سم“ جا نعرا بلند ٿيندا، ڇاڪاڻ ڪا به زال اهو برداشت ته نه ڪندي ته جنهن سم تي هوءَ ڳالهائي ان ئي سم تي ڪا ٻي زال ڳالهائي !!!

ادي رشيد جي صلاح تي مون ٻن سمن واري موبائيل ته ورتي پر گهر واريءَ کوڙ سوال ڪيا ته اهي ٻه سمون ڇو رکندي؟ وغيره وغيره ... سو يار! مون آخر ۾ اهو واعدو ڪري جان ڇڏائي ته اهو خانو خالي رهندو تون ڳڻتي نه ڪر ... تڏهن جان ڇٽي ... سچ پڇو ته اهو خانو اڃان خالي آهي ...
وڌيڪ دوست پاڻ سياڻا آهن ...

sindhsalamatsaathsal
 
سائين اسد ادا عبد الرشيد جن وٽ اعلي دين وارو چراغ آهي ان ذريعي هر روز نئين خزاني جي تلاش ڪري وري ساٿين کي ان ۾ شريڪ بنائيندو آهي۔
 
سائين اوهان ڀلل آهيو، اهي چار سمون آهن ئي انهن مسلمان دوستن لئه جي چار شاديون ڪري سگهنٿا .... هر گهر واريءَ لئه هڪ سم ... پوءِ بس ”کُل جا سم سم“ جا نعرا بلند ٿيندا، ڇاڪاڻ ڪا به زال اهو برداشت ته نه ڪندي ته جنهن سم تي هوءَ ڳالهائي ان ئي سم تي ڪا ٻي زال ڳالهائي !!!

sindhsalamatsaathsal

ڀلا ڙي سالو تنهنجا ڀاڳ۔۔۔۔۔

سائين ان جو مطلب ته جيڪو ڇڙو ڇانڊ آهي اهو ڪابه به موبائيل نه رکي۔۔۔۔۔معني انهي موبائيل مان ڇڙا ڇانڊ مستفيض نه ٿا ٿي سگهن۔۔۔۔

ادا رشيد ٻيلي وارو ڪر اسان جهڙن دوستن لاءِ به، موبائيل ڪمپني وارن کي گذارش ڪر ته اسان جي مُلڪ ۾ به ڪافي ڇڙا رهن ٿا۔۔۔۔suhnan saankhil sahi

جي اصل اوهان ڪا واهر نه ڪئي ته پوءِ فقير سائين کي چونداسين ته ڪو ڦيڻو پڙهي انهن ڪمپني وارن تي ته ڪا جيئن ڇڙن لاءِ به موبائلڙي ايجاد ڪن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔asul matt
 
ڀلا ڙي سالو تنهنجا ڀاڳ۔۔۔۔۔

سائين ان جو مطلب ته جيڪو ڇڙو ڇانڊ آهي اهو ڪابه به موبائيل نه رکي۔۔۔۔۔معني انهي موبائيل مان ڇڙا ڇانڊ مستفيض نه ٿا ٿي سگهن۔۔۔۔

ادا رشيد ٻيلي وارو ڪر اسان جهڙن دوستن لاءِ به، موبائيل ڪمپني وارن کي گذارش ڪر ته اسان جي مُلڪ ۾ به ڪافي ڇڙا رهن ٿا۔۔۔۔suhnan saankhil sahi

جي اصل اوهان ڪا واهر نه ڪئي ته پوءِ فقير سائين کي چونداسين ته ڪو ڦيڻو پڙهي انهن ڪمپني وارن تي ته ڪا جيئن ڇڙن لاءِ به موبائلڙي ايجاد ڪن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔asul matt

سائين اها ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪيو۔۔؟ توهان جهڙن دوستن لاءِ ته هر ڪمپني پهرين ئي انتظام ڪيو هو۔۔۔ سنگل سم واريون موبائلون باقي ڪنهن جي لاءِ آهن۔۔؟
 
ادا رشيد معلومات ته بهترين ونڊ ڪئي اٿئو پر اسان کي اهو به ٻڌائيندا هلو ته ڇا اها موبائيل پاڪستان ۾ پهچي چڪي آهي ؟ جيڪڏهن پهتي آهي ته ڪيتري رقم اٿس جيڪڏهن پاڪستان ۾ نه پهتي آهي ته به ان جي رقم ڪيتري آهي ؟

مهرباني ادا


سدائين گڏ
 
جواب: چئن سمن واري جديد دور جي جديد موبائيل۔۔۔۔

معاف ڪجان دوست ڦلپوٽا جواب معلوم ڪندي ڪافي ڏينهن لڳا پر۔۔۔ مان خالي ڪونه موٽيو آهيان۔۔ هي ڏسو تصوير جنهن ۾ جواب بلڪل واضح آهي۔۔۔

4_SIM_China_Handet.jpg

توهان کي يقين ايندو ته 4 سمون هڪ ئي وقت آن رکندڙ هي موبائيل سيٽ صرف 2500 روپيه قيمت رکي ٿو۔۔۔ نه ٿو اچي نه يقين ته پوءِ ايڊريس پڙهي رابطو ڪيو يا وري تصوير ۾ ڏنل سيٽ تي رابطو ڪريو۔۔ ياد رهي ته صرف 2500 روپين جو هي چئن سمن وارو سيٽ چائنيز نه پر يورپ طرفان تيار ڪيو ويو آهي۔۔۔
 
جواب: چئن سمن واري جديد دور جي جديد موبائيل۔۔۔۔

سائين اوهان ڳالهه ڪئي هئي ميگما نالي سيٽ جي هي سيٽ ٻي ڪنهن نالي سان آهي۔
ٻيو ته ٽچ اسڪرين بيڪار ترين سيٽ آهن، ڪجهه مزو ماڻڻ کان پوءِ ڪيڏانهن وئي ٽڇ اسڪرين خبر ئي نه ٿي پئي۔
ها البته ٻن سمن واري سيٽ لاءِ جيڪا مون ڳالهه ڪئي هئي سا هن لاءِ به ڪندس۔
ته هن ۾ خوبي صرف ايتري آهي جو هڪ ئي وقت 4 سمون هلائي سگهندو، باقي ٻيو خير۔
 
جواب: چئن سمن واري جديد دور جي جديد موبائيل۔۔۔۔

واھ سائين ٽن سمن وارو سيٽ ته مان به ڪجھ ڏينهن اڳ هلايو هيو۔۔۔هي وري چئن وارو پر هنن سيٽن ۾ سينگل پڪڻڻ جو ايترو ڌم نه آهي۔
 
Back
Top