قومي اسيمبلي جا 5 سال مڪمل، ايون ۾ 134 بل منظور ٿيا، فافن پاران ڪارڪردگي تسلي بخش قرار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]


    اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ فافن تيرهين قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي پنهنجي قانونسازي ايجنڊا وسيلي ملڪ ۾ گورننس جي ڍانچي کي تبديل ڪيو، جنهن جي ڪري صوبائي خودمختياري کي يقيني بڻايو ويو. 1973ع جي آئين کي بحال ڪيو ويو ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ڪئي وئي. پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي هڪ عورت ( ڊاڪٽر فهميده مرزا ) کي پنهنجو اسپيڪر چونڊيو، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري 5 سالن ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاسن کي خطاب ڪيو. مڃيل پارلياماني روايتن تي عمل ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. قومي اسيمبلي جي 49 هين اجلاس ۾ طريقيڪار بابت قانونن ۾ تاريخي تبديليون ڏسڻ ۾ آيون، جن تحت وزارتن طرفان پيش ڪيل بجيٽ تجويزن کي وفاقي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ کان پهرين اسٽينڊنگ ڪميٽين کي ان جي جاچ پڙتال جي اجازت ڏني وئي. سپريم ڪورٽ طرفان توهين عدالت جي ڪيس ۾ وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ پنجين پارلياماني سال ۾ هڪ نئون قائد ايوان چونڊيو ويو. اهڙي طرح پنجين پارلياماني سال ۾ قومي اسيمبلي جي 11 ميمبرن ٻٽي شهريت سبب استعيفيٰ ڏني، 5 ميمبر لاڏاڻو ڪري ويو جن ۾ اقليتي معاملن جو وفاقي وزير شهباز ڀٽي به شامل هو جنهن کي اسلام آباد ۾ قتل ڪيو ويو، 50 باقاعده سيشنن ۾ قومي اسيمبلي جا 521 اجلاس منعقد ٿيا، جن مان 100 اجلاس پهرين سيشن ۾، 107 ٻئي، 108 ٽئين، 106 چوٿين ۽ 100 اجلاس پنجين پارلياماني سال ۾ منعقد ٿيا. ڪالهه جمعي ڏينهن فافن جي پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر عدنان انجم، ڊائريڪٽر پروگرامز رشيد چوڌري، ايگزيڪيوٽو ميمبر مسرت نديم ۽ پروگرام مئنيجر دائود ملڪ رپورٽ پيش ڪئي. قانونسازي جي حوالي سان انهن ٻڌايو ته 5 پارلياماني سالن دوران قومي اسيمبلي 134 بلن جي منظوري ڏين، جن مان 116 حڪومتي ۽ 18 نجي ميمبرن جا هئا، 81 قانونن جو درجو اختيار ڪيو، 12 هين قومي اسيمبلي پنهنجي 5 سالن جي مدي دوران 51 بل منظور ڪيا هئا، جيتوڻيڪ قومي اسيمبلي پهرين پارلياماني سال ۾ صرف 5 بل منظور ڪيا پر ان کانپوءِ جي سالن ۾ قانونسازي جي رفتار تيز ٿي وئي. قومي اسيمبلي ٻئي سال ۾ 32، ٽئين سال ۾ 31، چوٿين سال ۾ 29 ۽ پنجين سال ۾ 37 بلن جي منظوري ڏني. منظور ڪيل سمورن حڪومتي بلن مان 56 جي وسيلي موجوده قانونن ۾ ترميمون ڪيون ويون، جڏهن ته باقي نوان بل هئا، ان ۾ 18 هين ۽ 19 هين آئيني ترميم جا بل به شامل آهن، جن جي ڪري 1973ع جي آئين جي بحالي ۾ مدد ملي ۽ صوبائي خودمختياري کي يقيني بڻايو ويو. اقتدار جي جمهوري انداز ۾ سويلين حڪومت کي منتقلي جو اتفاق راءِ تي ٻڌل نظام جوڙيو ويو ۽ مڪمل 5 رڪني اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جوڙي وئي، تنهن هوندي به دهشتگردي کي منهن ڏيڻ بابت چئن بلن جي منظوري پنجين پارلياماني سال جي آخري ٽن سيشنن ۾ ڏني وئي. اهڙي طرح حڪومت طرفان آڪٽوبر 2012ع ۾ قومي احتساب ايڪٽ متعارف ڪرايو ويو پر ان جي منظوري نه ملي سگهي. 13 هين قومي اسيمبلي کي ان لحاظ کان به مثالي حيثيت حاصل آهي ته هن عورتن جي حقن ۾ قانونسازي ڪئي. گهريلو تشدد، ڪم ڪار جي جاين ۽ عوامي هنڌن تي خوفزده ڪرڻ، عورت مخالف رائج طريقن ۽ عورتن کي بلند درجو ڏيڻ جي لاءِ ڪميشن بابت حڪومتي ۽ نجي ميمبرن جي بلن جي منظوري ڏني وئي. ماضي جي اسيمبلين جي ابتڙ هن قومي اسيمبلي ۾ نجي ميمبرن جي بلن جي منظوري جو صحتمنداڻو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. نجي ميمبرن طرفان ايوان ۾ ڪل 189 بل متعارف ڪرايا ويا، جن مان 135 وسيلي قانونن ۾ ترميمون پيش ڪيون ويون، ان مان 18 بل منظور ڪيا ويا. پيپلزپارٽي جي اسيمبلي ميمبرن نجي ميمبرن جي بلن ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 62 يا 33 سيڪڙو بل متعارف ڪرايا، جنهن کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن 53، مسلم ليگ جي ميمبرن به 53 بل متعارف ڪرايا. اڳواڻن چيو ته پنجين پارلياماني سال جي 82 ويهڪن ۾ بجيٽ تي بحث ڪيو ويو، پهرين پارلياماني سال ۾ انهن ويهڪن جو تعداد 19، ٻئي ۾ 14، ٽئين ۾ 22، چوٿين ۾ 17 ۽ پنجين پارلياماني سال ۾ 10 رهيو. اوسطن هر پارلياماني سال ۾ 16 ويهڪن ۾ بجيٽ تي بحث ڪيو ويو. قراردادن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته 5 سالن دوران سينيٽ ۾ پيش ڪيل ڪل 243 قراردادن مان 85 جي منظوري ڏني وئي. عورتن جي حقن تي 6 ۽ اقليتن ۽ توهين رسالت تي 5، 5 قراردادون منظور ڪيون ويون. اهڙي طرح ڪيترن ئي مختلف معاملن مثال طور بلوچستان، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي، ٻارن جي حقن، پوليو ڪارڪنن ۽ صحافين جي قتل، جمهوريت، ملاله يوسف زئي تي حملو، دهشتگردي، انساني حقن، سوات جي صورتحال، سلاله چيڪ پوسٽ تي نيٽو جي حملي، ٽارگيٽ ڪلنگ، گم ٿيل ماڻهن ۽ اسامه بن لادن جي موت، نئون صوبو قائم ڪرڻ، روزگار ۽ ڪيبل ٽي وي تي فحاشي جي حوالي سان قراردادون منظور ڪيون ويون. 5 پارلياماني سالن دوران 216 اسيمبلي ميمبرن قومي اسيمبلي ۾ 16 هزار 56 سوال اٿاريا ۽ ائين هر سال اوسطن 3 هزار 211 سوال ڪيا ويا. حڪومت 12 هزار 623 سوالن جا مڪمل جواب ڏنا. 3 هزار 357 نظرانداز ڪيا ويا، 68 تي جزوي جواب ڏنو ويو، 6 سوال واپس ورتا ويا ۽ 2 سوال گهڻي عرصي ٿي ويا. مخالف ڌر جي وڏي پارٽي مسلم ليگ (ن) سڀ کان وڌيڪ 9 هزار 903 سوال اٿاريا، جيڪي ڪل سوالن جو 62 سيڪڙو بڻجن ٿا. مسلم ليگ (ن) جي 20 عورت ميمبر ان حوالي سان وڏيون فعال نظر آيون، جن 5 هزار 347 سوال اٿاريا ۽ ائين في عورت ميمبر اوسطن سوالن جو تناسب 267 رهيو، مجموعي طور تي 55 عورت ميمبرن 8 هزار 138 سوال اٿاريا، جڏهن ته انهن جي مقابلي ۾ 5 سالن دوران 161 مرد ميمبرن طرفان 7 هزار 918 سوال اٿاريا ويا. مخصوص سيٽن تي چونڊيل عورت ميمبرن تقريبن 48 سيڪڙو سوال جمع ڪرايا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسيمبلي ميمبرن فوري عوامي اهميت جي ڪيترن ئي معاملن تي ايوان جو ڌيان ڇڪرايو، پهرين سال ۾ 109، ٻئي سال ۾ 108، ٽئين سال ۾ 120 ۽ چوٿين ۾ 122 جڏهن ته پنجين سال ۾ 84 ڌيان ڇڪايو نوٽيس اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا. اهڙي نوعيت جي 543 نوٽيسن مان ايوان 440 تي بحث ڪيو. پنجين پارلياماني سال ۾ 23 اسيمبلي ميمبرن جن مان 5 عورتون ۽ 18 مرد شامل هئا، ڪنهن پارلياماني ڪارروائي ۾ حصو نه ورتو. انهن ۾ 8، 8 جو تعلق پيپلزپارٽي ۽ 2، 2 جو مسلم ليگ ۽ اي اين پي ۽ هڪ، هڪ ميمبر جو تعلق فنڪشنل ۽ اين پي پي سان هو، جڏهن ته انهن ۾ هڪ آزاد ميمبر به شامل آهي. 5 پارلياماني سالن دوران ڪل 311 اسيمبلي ميمبرن 5 هزار 99 اعتراض وارن نقطن وسيلي پنهنجي چونڊ تڪن جي مسئلن کانسواءِ قومي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهايو، تنهن هوندي به اسپيڪر طرفان ڪنهن هڪ به اعتراض واري نقطي تي ڪو به رسمي حڪم نه ڏنو ويو. فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ 42 سول سوسائٽي تنظيمن جو هڪ اتحاد آهي، جنهن 2008ع ۾ قومي اسيمبلي جي ڪارروائي جو سڌوسنئون مشاهدو شروع ڪيو، جنهن جي لاءِ پارلياماني ڪارروائي جي ضابطن تي ٻڌل طريقيڪار اختيار ڪيو ويو. 2011ع ۾ انهن سرگرمين جو دائرو وڌائي سينيٽ ۽ صوبائي اسميبلين جي ڪارروائي جو سڌوسنئون مشاهدو به شروع ڪيو ويو۔۔۔۔بشـــڪريـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــه
    [​IMG]



    [​IMG]
    نوٽ۔ هي پوسٽ مجبوري جي ڪري غير سنڌي ۾ پوسٽ ڪيو وڃي ٿي جنهن لاء سنڌ سلامت جي دوستن ۽ انتطاميه کام معذرت​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    جهموريت اسان سان جيڪي ظلم ڪيا
    سي سڀن جي اکين اڳيان آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو