نثارابڙو
نائب منتظم
نوٽ؛ هڪ انگريزي ليک تان ترجمو ڪندي ليک کي سنڌي ويس پارايو اٿم ... ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيو آهيان ... سو ته دوست ئي ٻڌائيندا ...
________________________________________
ٻڌڻ به هڪ فن آهي؛
چيو ويندو آهي ته ”ڳالهائڻ معني پوکڻ ۽ ٻڌڻ معني لڻڻ“... ٻڌڻ ٻڌڻ ۾ به فرق هوندو آهي، ڪي ماڻهون ته ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندا آهن ته ڪي وري ٻڌي مان ٻيڻا ڪندا آهن ته ڪي وري ان جي اصل روح کي ٻڌي پنهنجو پاڻکي واقف رکندا آهن ...
بزرگن پڻ ٻڌڻ کي انتهائي ڪارآمد انساني خاصيت طور ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي؛
هي ڪن گڏ هڻان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنيج،
سندي پريان ڳالڙي ، تنين سين سڻيج..... شاه ڪريم
يا وري
ڪن ٿي ڪيچين ڪڇيو ... شاه لطيف
يا وري چوندا آهن ته ”ٻڌڻ جا ٻه ڪڇڻ جو ڪون“ ...
ٻڌڻ انسان جو هڪ سگهارو هٿيار آهي .... اسان مان هرهڪ چاهيندو آهي ته ڪو اهڙو ساٿي هجي جو اسانجي ٻڌي ۽ اسين پاڻ به ڪوشش ڪندا آهيون ته ڪو ساٿي هجي جنهنجي اسين ٻڌون ...
اوهين پنهنجو جائزو وٺو ... ڪهڙي قسم جي ٻڌڻ وارن ۾ آهيو اوهين ؟
غور ۽ گهرائي سان ٻڌڻ وارا ... خفتي ٻڌڻ وارا ... چونڊ ڳالهين جي ٻڌڻ وارا ... دفاعي ٻڌڻ وارا، خللي ٻڌڻ وارا ... يا عقلمنديءَ سان ٻڌڻ وارا؟
جيڪڏهن اوهانکي ڪجهه اهڙن نقطن جي ضرورت آهي جنهن سان اوهين سٺا ٻڌڻ وارا ٿيو ته حاضر آهن هي ڪجهه سادا ۽ مختصر نقطا ...
1. هڪ ڪهاوت جيئان ته اهو ڪيو جو ٻيا اوهان سان ڪن ... پنهنجو پاڻکي ڳالهائڻ واري جي جاءِ تي رکي ڏسو ...
2. پوري حوصلي سان ان ماڻهونءَ کي ٻڌو جو اوهان سان ڳالهائي رهيو آهي ۽ توجهه ڏيو ... پنهنجي ذهن کي حاضر دماغ ڪريو ته آخر ڳالهائڻ واري جو اصل مقصد آهي ڇا؟ سندس اڻ چيا لفظ به ٻڌڻ جي ڪوشش ڪريو ...
3. ڳالهائڻ واري تي غور ڪيو ڇاڪاڻ ته هو ڳالهائڻ جي دوران ڪجه اهڙيون ڳالهيون به ڪري ويندو آهي جي سندس وات مان نه نڪتيون هونديون آهن مثال؛ سندس لهجو ... هٿن جا اشارا ... منهن جا تاثرات ۽ جسم جي چر پر وغيره ... مطلب ته ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو نه ڪي صرف ٻڌڻ جي ...
4. پاڻ ڳالهائڻ کان اڳ ڳالهائڻ واري کي اطمينان سان ڳالهائڻ ڏيو ... ۽ اها پڪ ڪيو ته اوهان سندس ڳالهه کي مطلب سميت سمجهي ورتو آهي ۽ جواب جو اوهان ڏيڻ وارا آهيو سو به خلاصو، کليل ۽ صاف آهي ...
5. جي ڪا ڳالهه اوهان نه سمجهي آهي ته کائنس ٻيهر پڇو جو چوڻي آهي ته پڇڻا نه منجهڻا ... سٺي ٻڌڻي هجڻ لئه اوهانجو تجربيڪار ۽ صبر وارو هجڻ ضروري آهي ...
جي اوهين اهڙي قسم جا ٻڌڻ وارا آهيو ته يقين سان اوهان پنهنجي زندگيءَ کي آسان ڪري رهيا آهيو ۽ ڪاميابيءَ کي دعوت ڏئي رهيا آهيو ....