ٽيوشن ڪلچر ٽيوشن سينٽرز جو رجحان پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري چڪو آهي. پاڪستان کان علاوه باقي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ٽيوشن جو استعمال ڪنهن حد تائين صحيح مقصدن لاء ڪيو وڃي ٿو. مطلب ته جيڪڏهن ڪو ٻار ذهني طور تي ايترو قابل نه آهي جو اسڪول ۾ سٺيون مارڪون کڻي سگھي يا ڪنهن مخصوص سبجيڪٽ کي سمجھڻ ۾ کيس ڪا تڪليف آهي ته ان ٻار کي ٽيوشن سينٽرز تي موڪليو وڃي ٿو ته جيئن کيس ان خاص سبجيڪٽ کي سمجھڻ ۽ ان تي عبور حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي. جڏهن ته پاڪسان ۾ ٽيوشن سينٽرز جي صورتحال باقي دنيا کان مختلف آهي. هت ٻار توڙي کڻي ذهين هجي يا موڳو،غريب هجي يا امير يا وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هجي، ان جي لاء ٽيوشن ته لازمي بڻجي چڪي آهي. سکيا ستابا والدين ته پنهنجن ٻارن کي سٺي کان سٺي ٽيوشن سينٽر تي سٺا گريڊز حاصل ڪرڻ کان علاوه معاشري ۾ پنهنجو مان مرتبو برقرار رکڻ لاء پڻ موڪلين ٿا. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي هجڻ جي باوجود ٽيوشن وٺڻ جي ضرورت آخر ڇو ٿي محسوس ٿئي؟ اهي ڪهڙا سبب آهن جن جي ڪري ٻارن ۽ والدين ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي پڙهائيءَ تي بي يقيني پيدا ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجو رخ ٽيوشن سينٽرز ڏانهن ڪن ٿا. ڇا ٽيوشن ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڏو هٿ ملڪ جي موجوده تعليمي نظام جي ناڪارا هجڻ جو آهي؟ انهن سوالن تي سوچڻ جي نه ڪڏهن اسان ڪوشش ڪئي آهي نه ڪنداسين. بهرحال هن موضوع تي پوري پاڪستان ۾ سواء هڪ ٻن تحقيقن جي اسانوٽ ٻيو ڪجھ ناهي. ٽيوشن ڪلچر جي ناڪارا يا ڪار آمد هجڻ جو تعين ڪرڻ لاء ڪجھ اهم حقيقتن جي ڄاڻ اسان لاء اهو فيصلو ڪرڻ ۾ڪارآمد ثابت ٿي سگھي ٿي. اهي حقيقتون جيڪي ٽيوشن ڪلچر عام ٿيڻ جو سبب بڻيون آهن اهي ڪجھ هن ريت آهن، 1. ڪلاس ۾ شاگردن جو تعداد سڀ کان اهم ۽ وڏو مسئلو ڪلاس ۾ شاگردن جو تعداد آهي. هڪ ڪلاس ۾ سَٺ کان اَسي شاگردن کي هڪ وقت ۾ هڪ استاد صرف چاليهن منٽن تائين ڪهڙي توجھ ڏئي سگھي ٿو. نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪلاس ۾ استاد جي صحيح توجھ نه ملڻ ڪري مجبور ٿي ٻار ٽيوشن سينٽر وڃڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي سمجھي ٿو. اهو هڪ اهم مسئلو آهي جنهن کي جيڪڏهن جلد از جلد حل نه ڪيو ويو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. 2. استادن جي گھٽ پگھار ۽ باقي سهولتن جو نه هجڻ هي هڪ ٻيو اهم سبب آهي جنهن جي ڪري شاگردن کي ٽيوشن سينٽرن جو منهن ڪرڻو پوي ٿو. استادن جي گھٽ پگھار ۽ گورنمينٽ جي طرف کان ٻيون سهولتون نه هجڻ جي ڪري استادن کي به مجبورن ٽيوشن سينٽرز کانسواء ٻي ڪا واٽ نظر نه ٿي اچي ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن ريت ٻارن کي ٽيوشن وٺڻ تي مجبور ڪريو ڇڏين. ان ڳالهه ڪرڻ ۾ بالڪل ڪو وڌاء نه ٿيندو ته اسانوٽ ٽيوشن پڙهائڻ هڪ ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. استادن کي جيڪي ڪجهه ٻارن کي اسڪول ۾ سيکارڻو هو سو هو ٽيوشن جي ذريعي ڀرپور توجهه ڏيئي سيکاري رهيا آهن. صرف اتي ئي ڳالهه ختم ناهي پر ٻارن کي ٽيوشن وٺڻ لاء پريڪٽيڪلز ۾ فُل مارڪن ۽ امتحان ۾ ڦرا ۽ ڪارتوس پهچائڻ تائين جي ذميواري به انهن مظلوم استادن کي نڀائڻي ٿي پوي. 3. امتحاني نظام پاڪستان جي اسڪولن ۾ امتحانن جو جو نظام ڪجھ هن ريت آهي ته ٻارن کي امتحانن جي تياريء لاء ڪلاس ۾ سڄو سال هر سبجيڪٽ جي بس سرسري معلومات ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته امتحاني پرچي ۾ پوري سبجيڪٽ مان ڪٿان به ڪو به سوال اچڻ جي صورت ۾ ٻار منجھيو پون. جنهن سان ٻار ۾ رٽي هڻڻ Rote Learning جو رجحان جنم وٺي ٿو. انجو نتيجو اهو نڪري ٿو ته ٻار آخرڪار مجبور ٿي ٽيوشن سينٽرز ڏانهن وڃن ٿا، ۽ اتي اهي ساڳيا ئي استاد ٻار کي ان سبجيڪٽ جي باري ۾ تفصيلي معلومات ڏين ٿا. جيڪڏهن اسڪول ۾ ئي ٻارن کي اهڙي تربيت ڏني وڃي جو ٻار امتحانن ۾ رٽا هڻي پاس ٿيڻ جي بجاء پنهنجي سبجيڪٽ تي ڀرپور ابور حاصل ڪري ڪجهه پنهنجي مدد پاڻ ڪجهه استادن جي مدد سان بهترين ڪارڪردگي ڏئي سگھن ٿا. ۽ اهو صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي ته سالياني امتحاني نظام کي تبديل ڪري جيڪڏهن سيميسٽر وارو امتحاني نظام لاڳو ڪيو وڃي ته ٻارن تان پڙهائيء جو وزن هلڪو ٿي ويندو ۽ ٽيوشنز تي ٽائيم ۽ پئسو سيڙائڻ جي به ضرورت نه ٿيندي. 4. والدين جي گھٽ توجھ ۽ گھٽ تعليم والدين جي پڙهيل لکيل هجڻ جا ٻارن جي تعليم تي بهترين اثر پون ٿا ۽ هو ٻارن کي سٺي توجهه ڏئي سگھن ٿا.اسانجي معاشري ۾ ٻارن جي تعليم جو ذميوار گھڻو ڪري ماءُ کي سمجھيو وڃي ٿو. ان مان سوال اهو ٿو اُڀري ته هت ڪيتريون مائون پڙهيل لکيل آهن؟ جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ”ورڪنگ پيرنٽس“ جي، مطلب اهي والدين جيڪي نوڪريون ڪن ٿا ۽ تقريبن سڄو ڏينهن ٻاهر رهن ٿا ته ظاهر آهي ته انهن جي توجهه پڻ ٻارن جي تعليم ڏانهن گھٽ ٿيندي. ۽ اڄڪلهه ڪيترا اهڙا والدين آهن جيڪي ٻار کي شام جو گڏ ويهاري هوم ورڪ ڪرائين ٿا. ان سڄي صورتحال جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته ٻارن کي ٽيوشن سينٽرز جي حوالي ڪيو ٿو وڃي. مٿي بيان ڪيل سڀني مسئلن جو حل آخرڪار ٽيوشن سينٽرز تي ئي اچي ختم ٿئي ٿو. پر ڇا اهو ذهين شاگرد ٽيوشن افورڊ ڪري سگھي ٿو جنهن جو پئُ سڄو ڏينهن بس ٽي سو کان پنج سو جي ڏهاڙي ڪري ٿو؟ جڏهن ته ڪنهن به ٽيوشن سينٽر تي هڪ سبجيڪٽ جو معاوضو گھٽ ۾ گھٽ هڪ هزار روپيا آهي. ان غريب ۽ ذهين شاگرد جو ڇا ٿيندو جيڪو مشڪل سان پنهنجو پيٽ گذر ڪري رهيو آهي. اهو ته ٻنهي جهانن کان ويو. نه انکي اسڪول ۾ توجهه ملي نه هو ٽيوشن لاء وڃي سگھيو. اهڙا ڪيئي مثال اسنجي اردگرد موجود آهن جن ۾ ويچارا ذهين شاگرد اسانجي معاشري جي ٻٽي تعليمي معيار جي ڪري اڳتي وڌي نه سگھيا. ٻئي طرف هڪ ٻار جيڪو جيئن تيئن ڪري، ٽيوشن پڙهي، غير حل ٿيل پرچن تان مخصوص سوالن جي تياري ڪري يا ڦرا هڻي جڏهن يونيورسٽئَ تائين پهچي ٿو ته اُتي ان ٻار کي شروعات ۾ ٿوري تڪليف ضرور ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو يونيورسٽي ۾ ته گروپ اسٽڊي يا سيلف اسٽڊي کان علاوه ٽيوشن وغيره جو رجحان ته نه جي برابر آهي. پوء جڏهن هو آهستي آهستي ماحول کي سمجھي چار يا پنج سال پنهنجو ذهن ۽ قابليت استعمال ڪري ڊگري وٺي ٿو ته سندس خوشئَ جي انتها نه ٿي رهي. جيڪڏهن ان ساڳئي ٻار کي سيلف اِسٽڊي ۽ گروپ اِسٽڊي واري تربيت بنيادي تعليم کان وٺي ڏني وڃي ها ته والدين جا پئسا به بچن ها ۽ ٻار جو قيمتي وقت به، جنهن ۾ هو ٽيوشن پڙهڻ واري وقت ۾ راند روند ۽ ٻين صحتمند ايڪٽوٽيز ۾ حصو وٺي پڙهائي سان گڏوگڏ جسماني ۽ ذهني طور تي صحتمند رهي شايد اڃا ڪجھ اهڙو بهترين ڪم ڪري سگھي ها جنهن سندس والدين ۽ ملڪ جو نالو پڻ روشن ٿئي ها. A sound mind lives in A sound body جي چوڻئ مان پڻ اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي. مٿين ڳالهه تي ٿي سگھي ٿو ته ڪجھ پڙهندڙ دوستن کي اختلاف هجي ۽ سندن ذهنن ۾ اها ڳالهه اُڀري ته يونيورسٽي ۾ پهچڻ تائين ٻار جو ذهن ايترو پختو ٿي وڃي ٿو جو هو سيلف اِسٽدي جي قابل ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته اسڪول يا ڪاليج تائين ٻار جو ذهن اڃا ڪچو هجڻ جي سبب کيس پڙهائيء ۾ مدد جي ضرورت پوندي رهي ٿي جيڪا صرف ۽ صرف ٽيوشن جي ذريعي ٿي سگھي ٿي. ته دوستن جي ان اعتراض جي اڳڪٿي ڪندي ان جي باري ۾ صرف ايترو چوڻ ڪافي رهندو ته اسڪول ۽ ڪاليج تائين جيڪڏهن ٻار جو ذهن ڪچو آهي ته ان ليول تي سليبس به ته ٻار جي ذهن مطابق ئي جوڙيو وڃي ٿو. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته اسان پنهنجي اولاد کي ٽيوشن سينٽرز جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي جتي موجود استادن لاء شايد پهرين ترجيح پئسو ئي آهي. جيڪڏهن انهن استادن کي واقعي تعليم عام ڪرڻ جي ايتري ئي گھرج هجي هان ته اها ته اسڪولن ۾ به ڪري سگھجي پئي. بهترين ۽ مهانگي ٽيوسن سينٽر تي پنهنجي ٻار کي موڪلي پئُ ته مطمئن ٿي اهو چئي ويهي رهيوته مون ته پنهنجو فرض پورو ڪيو هاڻ ٻار جو نصيب. ڇا پئُ جو فرض بس ايترو هو؟ اهو سوچڻ جو وقت ڪنهن وٽ آهي ته جيڪي پئسو اسان پنهنجي اولاد جي تعليم تي خرچ ڪري رهيا آهيون اهو سجايو به وڃي ٿو يا نه. اهو ڪير سوچي يا ڪير ان ڳالهه تي غورو فڪر ڪري ته جنهن به ٽيوشن سينٽر يا سرڪاري تعليمي اداري ۾ اسين پنهنجي ٻار کي موڪلي رهيا آهيون انجو قبلو درست آهي به يا نه. ڪجھ ڏينهن اڳ فيس بڪ تي هڪ ووٽنگ ڪرائي وئي، جنهن ۾سوال اهو پڇيو ويو ته ” ڇا ٽيوشن ڪلچر موجوده تعليمي نظام کي مضبوط ڪري رهيو آهي يا ناڪاره بڻائي رهيو آهي؟“ ان ووٽنگ کي فيس بڪ تي موجود پاڪستان ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ گروپن ۾ ۽ پيجن تي وڌ کان وڌ پکيڙيو ويو ته جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو شرڪت ڪري سگھن. پڙهندڙن کي اهو ٻڌي بالڪل حيرت ڪانه ٿيندي ته ان سوال تي هڪ هفتي ۾ صرف ٽي ووٽ مليا جن جي راء اها هئي ته ٽيوشن ڪلچر موجوده تعليمي نظام کي ناڪاره بڻائي رهيو آهي. اهو آهي اسانجو حال. ٽيوشن ڪلچر جي عام ٿيڻ سان گورنمينٽ جي تعليمي ادارن جي معيار تي جيڪو اثر پيو آهي ان کان شايد گورنمينٽ به چڱي طرح واقف آهي. جنهن جي ڪري ئي تعليمي بجيٽ ۾ ٻه سيڪڙو کان به گھٽ بجيٽ رکي وئي آهي. هاڻ گورنمينٽ کي صلاح اها ئي آهي ته ٽيوشن ڪلچر جي عام ٿيڻ سان اها ٻه سيڪڙو بجيٽ ڪنهن ڪم جي ناهي، بهتر اهو ئي ٿيندو ته سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن کي بند ڪري اهي ٻه سيڪڙو به غريب مسڪين وزيرن ۽ بيوروڪريٽس جي ڪفالت لاء استعمال ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ جو استادن جي پگھارن ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مرمت لاء ايندڙ لکين ڪروڙين روپين جا فنڊَ نه ئي صحيح طريقي سان استعمال ڪيا وڃن ٿا نه ئي انهن جو ڪو حساب ڪتاب آهي. هونئن به گورنمينٽ جا اسڪول اڄڪلهه ته بس ”سرٽيفڪيٽ ايوارڊنگ اِنسٽيٽيوشنز“ بڻجي چڪا آهن. انجنيئر فهيم اختر ميمڻ دمام سعودي عرب
تمام بهترين ۽ بلڪل حقيقت بيان ڪئي آهي اوهان هن وقت اهيا اسان جي نيو جنريشن جي حالت آهي ۽ اسان ان جي ان حالت جا سبب آهيون ڇو جو اسان جي هوندي انهن کي اهيو سڀ ڪجه مليو آهي هاڻي به اگر اسان پاڻ کي بدلايون ۽ انهن جو آئيندو سڌارڻ جو عهد ڪيون ته اسان پاڻ مان اهي برايون ختم ڪري پنهجي ايندڙ گلشن کي پاڪ ڪيون ته ڪري سگهون ٿا ،پر اڃان اسان جي خواهشن جو انت ڪو نه ٿيو آهي اسان اڃان غلطين تي غلطيون ورجايون پيا ٿا ۽ ڪنهن شيشي جي جن يا آلادين جي چراغ جي انتظار ۾ آهيون، آرس،سستي ۽ پنهجا نوازي ۽ ٻيون کوڙ بيپاڙيون بيماريون اسان جي روح کي بيڪار بڻائي ڇڪيون آهن جن مان نڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي،هن وقت اسان جي قوم وقت جي قرباني نه ٿي ڏئي سگهي ته رت ۽ دولت جي قرباني ڪيئن ڏيندي جنهن سان اسان ڌاري قوم کان قبضي ڪيل وجود ن کي آزاد ڪرائينداسين، رت جي راند شروع ٿي چڪي آهي ، اسان اڪيلا اڪيلا ٿي مري رهيا آهيون وري به اسان کي جن گروهن ۾ ورهايو ويو آهي اسان اڄ به انهن جو حصو آهيون ، اسان ۾ قومي جاڳرتا پيدا ڪندڙ خود پيڙيا پيا ٿا وڃن ۽ هي قوم انهن جو تماشو بنائي بيٺي آهي ، تعليم جو حصول اسان لاء محدود ڪيو ويو آهي ۽ جتي اسان کي وسيلا مهيا ڪري ڏنا ٿا وڃن انهن ادارن کي دهشتگرد سرگرمين ۾ مبتلا ڪري دنيا کان ڪٽڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ۽ اسان اتي به پنهجي مفادن جي جنگ ۾ هڪ ٻئي جي ڄُنڊا پَٽَ ۾اڳرا آهيون، اسان يڪجهتي جو اظهار به نه ٿا ڪري سگهون ته اسان يڪجهتي جو ماتم به نه ٿا ڪري سگهون، اسان کي هن حال ۾ پهچائڻ جو ٻيڙو هن ملڪ پاڪستان جي اعلي ا قيادت فقط ان ڪري ڪندي رهي آهي جيئن اسان پنهجي اعلي گڻن جي وسيلي انهن جي ڪميڻائپ کي ظاهر ڪرڻ جو عنصر نه بنجون، ان ڪري اسان جي سنڌ ۾ سرڪاري ڪارندا سرڪاري ايجنسيون فقط ڪرپشن جي اڀارڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن ،باقي هنن جو ڪو به عمل سنڌ جي رهندڙن لاء قابل زڪر ناهي ، هنن فقط سنڌ کي ڦورُو ۽ ڌاڙيل پيدا ڪري ڏنا آهن جن کي سڌوسنئون آشيرواد انهن ايجنسين جو رهيو آهي ۔ پر هاڻي ته انهن ميڊيا کي به پاڻ سان ملائي ڇڏيو آهي جيڪي اسان کي پستي کان پستيء ڏانهن ڌڪڻ مي ڪا ڪسر نه ٿا ڇڏين الله پاڪ ٻاجهه ڪري پنهجي سنڌ تي ۽ سنڌ جي ڳاڙهي بنگلن واري سرڪار جو ڪو انت آڻي يا انهن کي ايمان جو جز عطا ڪري جو پنهجي ذميوارين کي خدا جي خوف سان نڀائن
سائين پسنديدگيء لاء لک لائق۔۔۔۔۔۔ اسانجي قوم تي جيڪڏهن ڪنهن آرٽيڪل وغيره جو اثر ٿئي ها ته اسين ڪڏهن ڪا سڌري به وڃون هان، لکڻ وارا جام آهن پاڻ وٽ،پڙهڻ وارا ته ظاهر آهي ان کان به وڌيڪ گهڻائيء ۾ آهن پر سمجهڻ وارا ايڪڙ ٻيڪڙ آهن جيئن توهان۔
وقتائتو ليک آهي۔۔۔ اهو بلڪل صحيح آهي ته ان ٽيوشن ڪلچر کي اڳتي آڻڻ ۾ به استادن جو وڏو هٿ آهي۔ هاڻي والدين ۽ ٻارن لاء اها مجبوري آهي ته هن مدي خارج تعليمي نظام ۾ نصاب ڪيئن مڪمل ڪن؟ حڪومت ۽ ادارا مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ هوڏانهن منهنجي نظر ۾ تعليم ئي واحد حل آهي جنهن ذريعي ڪو انقلاب اچي سگهي ٿو۔