معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
جهالت جي باهه ۾ سڙيل بادامي باغ
لاهور جي بادامي باغ واري علائقي ۾ قائم مسحي وسندي مٿان مڇريل ماڻهن حملو ڪري 178 گهرن ۽ دڪانن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي گهرن ۾ پيل سامان کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويو. هي واقعو ظاهري طور ته توهين رسالت ڪارڻ سبب پيش آيو آهي، پر واقعي کانپوءِ ميڊيا پاران گڏ ڪيل معلومات مان اهي ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن ته توهين رسالت هيٺ گرفتار نوجوان ساوڻ مسيح دڪاندارن جي اليڪشن ۾ بيٺو هيو ۽ هن هڪ عهدي تي مقابلي جو اعلان ڪيو، جنهن بعد انهيءَ مارڪيٽ ۾ حجامڪو ڪم ڪندڙ نوجوان شاهد ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ته ساوڻ مسيح توهين رسالت ڪئي آهي، جنهن تي بادامي باغ جي پوليس ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو. ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ عيسائي برادري جا ماڻهو ڊپ وجهان پنهنجي گهر خالي ڪري ويا، پر مڇريل ماڻهن عيسائي برادري جي آبادي تي حملو ڪري گهرن کي باهه ڏئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر سڙي خاک ۾ تبديل ٿي ويا ۽ هر طرف باهه ئي باهه ڀڙڪڻ لڳي. اهو سمورو حشر ڪنهن کان به ڳجو نه هو، پوليس سڄو لڪا ڏسندي رهي ۽ ڪئميرا به ان کي فلمائيندي رهي، سڀ ڪجهه سرعام ٿيندو رهيو ، پر پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اها همت نه ٿي جو غريبن جي اجهن کي ساڙيندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ انهن کي وڌيڪ نقصان ڪرڻ کان روڪي.
واقعي کان پوءِ روايتي طور حڪمرانن اعلان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ پوليس آفيسرن کي هدايتون ڪيون ته گهرن کي ساڙيندڙ ماڻهن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ جڏهن راڻا ثناءُ الله کان معلومات ورتي وئي ته هن اهو ٻڌايو ته واقعي بابت اڳواٽ ڄاڻ هئي ته ڪجهه شرپسند ماڻهو عيسائي برادري کي نشانو بڻائي سگهن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ سرڪار حڪم به جاري ڪيا، پر تنهن باوجود به هي واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ملوث ماڻهن کي ضرور سزا ڏني ويندي، اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل نه آهي ته اسان وٽ سمورن واقعن جي معلومات ته حڪومت توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ هوندي آهي، پر اهي الائي ڇو وقت سر ڪارروائي ناهن ڪندا، جنهن جي ڪري روزانو ڪٿي نه ڪٿي ڪربلا ڀرپا ٿيندي رهي ٿي. بادامي باغ واقعو جهالت، جنونيت ۽ انتهاپسندي جو چٽو مثال آهي، فرض ڪيون ته جيڪڏهن ساوڻ مسيح جيڪڏهن ڪو غلت عمل ڪيو به هو ۽ هو قانون جي گرفت ۾ اچي به چڪو آهي ۽ ان کان پڇا ڳاڇا به ڪئي پئي وڃي ته پوءِ عيسائي برادري جي گهرن مٿان حملو ۽ باهه ڏيڻ وارو واقعو ڇو پيش آيو، ان مان صاف ظاهر آهي ته اهو سڌي سئين جهالت جي نشاني لڳي ٿو. پنجاب حڪومت عيسائي برادري کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهي آهي. لڳ ڀڳ 2 سال اڳ فيصل آباد ۾ به عيسائين جي گهرن کي ساڙيو ويو هو ۽ انهن ۾ ملوث جوابدارن کي اڄ تائين سزا ناهي ڏني وئي ۽ نه وري ڪو اهڙو قانون جوڙيو ويو، جنهن سان عيسائي برادري کي تحفظ حاصل ٿي سگهيو.
بادامي باغ واقعو جنهن وقت پيش اچي رهيو هو، ان وقت اڪثر ٽي وي چئنل ان جا منظر سڌو سنئون ڏيکاري رهيا هئا، پر ان وقت ڪنهن به حڪمران جي ڪن تي جونءَ به نه چري، جو انهن حڪم ڏنا هجن ته واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي واردات واري هنڌ تان گرفتار ڪيو وڃي. تباهي ٿيڻ کان بعد حڪومت حرڪت ۾ آئي ۽ پوليس کي حڪم ڏنا ويا ته گهر ساڙيندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ پوليس روايتي طريقي سان ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا ۽ رپورٽن موجب هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي لاهور جو چوڻ آهي ته فٽيج ذريعي نشاندهي ڪرڻ بعد بادامي باغ جي آس پاس وارن مسجدن جي پيش امامن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. هن جاءِ تي سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته جڏهن بادامي باغ ۾ هي واقعو ٿي رهيو هو ۽ پوليس جا ڪيترائي آفيسر موجود هئا ته انهن ان وقت ڪارروائي ڇو نه ڪئي ۽ هاڻي فٽيج ذريعي جوابدارن کي نشاندهي بعد گرفتار ڪيو پيو وڃي، ان جي پٺيان ڪهڙا سبب آهن. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀل جو جوابدارن کي فٽيج جي مدد سان گرفتار ڪيو وڃي، پر ڪيس پوليس جي مدعيت ۾ هجڻ ڪري ڪمزور حالت اختيار ڪندو، ڇاڪاڻ جو جن آفيسرن وقت تي ڪارروائي نه ڪئي، پر هنن فٽيج جي مدد سان جوابدارن کي گرفتار ڪيو ته اهي چالان به اهڙو ئي عدالت ۾ پيش ڪندا، جنهن تحت ملوث ماڻهن خلاف ڪي پڪا ثبوت نه ملي سگهندا، جنهن کانپوءِ هو وري آزاد ٿي ويندا. ڪيڏي نه تعجب ڏياريندڙ ڳالهه آهي جو اسان جي ملڪ ۾ قانون موجود هوندي به ڪنهن کي ان جو ڊپ ئي ناهي ۽ جنهن کي جنهن وقت جتي وڻي ٿو، اتي فائرنگ به ڪري ٿو ۽ پنهنجي مخالف کي پنهنجي هٿ سان انتقام جو نشانو به بڻائي ٿو.
پاڪستان اندر هميشه قانون کي پاسي تي رکيو ويو آهي ۽ هميشه بااثرن پنهنجي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ قانون کي استعمال ڪيو آهي، جنهن سبب قانون پنهنجون پاڙون پختيون ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿو. هن وقت ملڪ اندر هر طرف دهشتگردي عروج تي پهتل آهي، جنهن جو سبب به جهالت آهي جنهن جي ڪري اها جهالت قانون تي عمل نه هجڻ ڪري جنونيعت ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، جڏهن انسان جنوني بڻجي ويندو آهي ته ان کي سواءِ انتقام کان ڪو ٻيو رستو نظر ناهي ايندو ۽ هو پنهنجو فڪر ٻئي تي مڙهڻ لاءِ دهشت ۽ وحشت جو رستو اختيار ڪندو آهي، جيڪو هن وقت پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي استعمال ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جو ڪو به علائقو ناهي، جتي دهشتگردي نه ٿيندي هجي ۽ ڪو ماڻهو پاڻ کي محفوظ سمجهندو هجي، انهيءَ دهشتگردي ۽ جهالت سبب بادامي باغ کي باهه ساڙي ڇڏيو ۽ ڪيترائي گهر اجهاڙي چڪي آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ معاشري جا ذميوار ادارا توڙي ماڻهو ڪوششون ڪرڻ بدران پاڻ کي پاسيرو رکيون پيا اچن. هن وقت ملڪ اندر وڌندڙ انتهاپسندي جو مک سبب به هتان جون سياسي جماعتون آهن، جيڪي انتهاپسند ڌرين سان ووٽ خاطر مفاهمت اختيار ڪيون ويٺيون آهن. ڪوئيٽا، ڪراچي ۽ هاڻ بادامي باغ وارن واقعن کان پوءِ سمورين سياسي ڌرين کي انتهاپسند قوتن کان ڌار ٿيڻ گهرجي ۽ انهن کي منظر عام تي آڻي اهو واضح ڪيو وڃي ته هي ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ هنن کي پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.
اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي، جنهن ۾ ڪنهن کي به ايذائڻ جو درس ناهي ڏنل مسلمان ته اهو ئي بهتر آهي، جنهن جي هٿان ڪنهن به انسان کي ايذا نه پهچي، پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته پاڪستان اندر ڪهڙو واهه گُلهي رهيو آهي، جو ڪڏهن توهين رسالت يا وري ڪڏهن مذهبي عقيدي کي بنياد بڻائي ماڻهن کي مارڻ ۽ ايذائڻ جو ڪم سرانجام ڏنو پيو وڃي، انهن سمورن مسئلن جو جڏهن ڇيد ڪڍنداسين ته اهو جهالت تي ئي بيهندو. هن وقت بادامي باغ جي واقعي ۾ ملوث ماڻهو جڏهن ڪئمرا جي اک ۾ اچي چڪا آهن ۽ انهن کي ان جي ذريعي سڃاڻپ بعد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي تائين پهچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته ان صورتحال ۾ سزا ڏيڻ جو اختيار رکندڙ ادارن کي ڪنهن جي شاهدي يا بيان کي پاسي تي رکي فلمايل فٽيجز ذريعي ملوث ماڻهن کي سزا ڏني وڃي ته جيئن اهو احساس پيدا ٿي سگهي ته ملڪ اندر قانون موجود آهي ۽ هاڻ ان تي عمل به شروع ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته وري جهالت اڳتي هلي ڪنهن نه ڪنهن ٻئي باغ کي ساڙي ڇڏيندي. لاهور واقعي خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي عيسائي برادري سان گڏ مسلمان عالم پڻ نظر آيا، جن هن واقعي جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ اهو حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني وڃي.اهڙن گڏيل احتجاجن مان اهو اندازو لڳائڻ ڏاڍو سولو ٿي ويو آهي ته مسلمانن جا عالم به اهڙي عمل جي اجازت نٿا ڏئي سگهن، پر جن بادامي باغ کي باهه ڏئي ساڙيو آهي، اهي جاهل آهن ۽ انهن پنهنجي جهالت جو ثبوت ڏنو آهي.هن وقت جهالت کي شڪست ڏيڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ ملڪ جي هر ساڃاهه وند ماڻهوءَ کي اڳتي اچڻو پوندو، جيڪڏهن معاشري جي هر فرد پنهنجيون پنهنجيون ذميواريون نه نڀايون ته شاهد سمورو سماج جهالت جو شڪار ٿي وڃي. بادامي باغ واقعي جو بنياد بڻيل ساوڻ مسيح تي لڳل الزام جي به هر لحاظ کان جاچ ڪئي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ جيڪڏهن توهين رسالت کي بنياد بڻائي مسئلا پيدا ڪيا وڃن ته پوءِ ايف آءِ آر ڪاٽيندڙ خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن اڳتي هلي ڪو به ماڻهو توهين رسالت کي بيناد بڻائي ڪنهن تي غلط الزام نه هڻي، ڇاڪاڻ جو ساوڻ مسيح وارو معاملو دڪاندارن جي اليڪشن ۾ بيهڻ ڪري مشڪوڪ بڻيل آهي، جنهن جي ڪري هر ماڻهو حقيقتن جو طلبگار آهي. توهين رسالت معاملو ڪا ننڍي ڳالهه نه آهي، ان مسئلي تي اڳوڻو گورنر سلمان تاثير به هڪ جنوني هٿان جان وڃائي چڪو آهي، جنهن معاملي جون هن وقت تائين حقيقتون سامهون ناهن اچي سگهيون.