• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏکڻ آفريڪا جي پاڪستان کي شڪست

مون سميت ٻيا دوست به پريشان هوندا ته ڏکڻ آفريڪا اڄ گلابي ڊريس ڪهڙي وجهه سان پهري هئي؟؟؟؟
ان جي وجهه ڏکڻ آفريڪا ۾ قومي سطح بريسٽ (ڇاتي) جي ڪينسر خلاف اويئرنيس ڊي (شعور پکيڙڻ وارو ڏهاڙو) ملهايو ويو۔
ڏکڻ آفريڪا جي شهر جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويل ٽئين ونڊي ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي ڏکڻ آفريڪا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني۔۔۔
پهريان چوڏهن اوور پاڪستاني بالرز پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا ۽ چوڏهين اور جي اختتام تي ڏکڻ آفريڪا 43 رنسن تي 2 وڪيٽون وڃائي ويٺي۔
155597.jpg
بس ان کانپو ڇا۔۔۔ هاشم آملا ۽ ڪپتان اي بي ڊي ولرز پاڪستاني بالرز پاران اڇلايل بالن کي ڌوٻي جيان سوٽيون وسائي بائونڊري جي راهه ڏيکاريندا رهيا ، ڪڏهن ڇڪو ته ڪڏهن چوڪو مٿان وري تيز رننگ ۔۔انگ جي آختتام تي ڏکڻ آفريڪا 5 ويڪٽن جي نقصان تي 343 رنسون ٺاهي پاڪستان کي 344 رنسن جو پهاڙ جيڏو ٽارگيٽ ڏنو۔
ڏکڻ آفريڪا پاران ايبي ڊيويلرز 108 بالن تي 12 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 128 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته هاشم آملا 113 بالن تي 9 چوڪن ۽ 1 ڇڪي جي مدد سان 122 رنسون ٺاهي نمايا رهيا۔
155617.jpg
ٻنهي رانديگرن گڏيل طور 238 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو۔
پاڪستان پاران محمد عرفان ۽ وهاب رياض ٻه ٻه جڏهن ته سعيد اجمل هڪ کيڏاري کي پويلين پهچايو۔
________________________________________________________​
________________________________________________________​
جواب ۾ پاڪستاني ٽيم ڪمزور بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 15 رنسن تي پهرين وڪيٽ وڃائي ويٺي۔ جڏهن ته 97 تي ٻئين، 111 تي ٽئين، 123 تي چوٿين ۽ 132 تي پنجين وڪيٽ ڪري پئي۔
155630.jpg
جنهن کانپو بوم بوم آفريدي کي موقعو مليو ۽ هن جي ناقابل ڀروسا ۽ ناقابل يقين بيٽنگ جو ستارو اڄ عروج تي نظر آيو۔۔
155631.jpg
هن پنهنجي روايتي جارهانا انداز ۾ بيٽنگ ڪندي 48 بالن تي 5 چوڪن ۽ 7 ڇڪن جي مدد سان برق رفتار 88 رنسون ٺاهي سوتسوبي جي بال تي مڪ لارين هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو۔۔
جنهن کانپو وهاب رياض مڙسي ڪندي ٽارگيٽ ڏانهن وڌڻ لڳو پر ساڻس ساٿ ڏيندڙ رانديگر هڪ هڪ ٿي آئوٽ ٿيندا ويا۔۔۔
آخري وڪيٽ تي کيڏندي وهاب رياض 52 بالن تي 5 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔۔۔
155635.jpg
سندس وڪيٽ ڏکڻ آفريڪا جي لا سوڀ جو سبب بڻي۔
اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا جي 344 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم49 هين اوور ۾ 309 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي ۽ ڏکڻ آفريڪا 34 رنسن تان سوڀ ماڻي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2،1 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي۔
سيريز جي چوٿين ونڊي ميچ 21 مارچ تي ڊربن ۾ کيڏي ويندي ميچ پاڪستاني وقت موجب منهنجد هڪ بجي شروع ٿيندي۔
سيريز جي پنجين ۽ آخري ونڊي ميچ 24 مارچ تي بينوني ۾ کيڏي ويندي ميچ پاڪستاني وقت موجب منهنجد هڪ بجي شروع ٿيندي۔
۔
 
ناڪامي پنهنجي جاء تي پر 300 ڪرڻ به وڏي ڳالهه هئي ۔۔۔ پر پاڪستان وارا آفريدي جي بيٽنگ سبب ڪري ويا۔ آمله ۽ ڊويليئر جي بهادرانه واري هئي ۔۔۔۔ سچ ته بهترين راند
 
Back
Top