سنڌي ٻولي جو شان

نثارابڙو

نائب منتظم
150405_10151491366673948_2078405003_n.jpg

ٻولين جو قدر خلقڻهار، رب العالمين وٽ به تمام اتم آهي ...

ڇاڪاڻ الله تعالا قرآن شريف ۾ چيو آهي ته ” ٻوليون“ منهنجيون نشانيون آهن ...

سوره ابراهيم ۾ چيو اٿس ته مان هر ٻولي ڳالهائيندڙ قوم ۾ پيغمبر موڪليو آهي ته جيئن انهن کي سڌي راهه ڏيکاري سگهي ... “

اندازو ڪري سگهجي ٿو ته الله تعالا پاڻ ٻوليون پئدا ڪيون آهن، ۽ انهن جي پرورش ڪرڻ ۽ ان ۾ پيغمبر موڪلڻ جو چيو اٿس ۽ ٻولين کي پنهنجيون نشانيون چئي دنيا ڀر جي ٻولين کي اتم ڪري ڇڏيو اٿس.

نظر ڊوڙائي ڏسبي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ دنيا ڀر جو ادب، اخلاق ملندو ۽ اهڙا ولي الله ملندا جن خدائي ڪلام ۽ پيغام اسان تائين پهتو ڪيو آهي،

سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، سنڌي ٻوليءَ جي موسيقيت، سنڌي ٻوليءَ جو مٺاس ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو ذخيرو پنهنجي مثال پاڻ آهي ، سنڌي ٻولي جا شاعر، اديب، فنڪار ۽ سداڪار پڻ پنهنجو درجو رکنٿا ...

سنڌي ٻوليءَ جي تورتڪ ڪبي ته خدائي نشانيءَ جو پورو پورو درجو رکي ٿي.

منهنجو ايمان آهي ،
تاقيامت سنڌي ٻولي دائم ۽ قائم رهندي ... انشاء الله​
 
وَمِنْ آيَاتِهِ خَلْقُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَاخْتِلَافُ أَلْسِنَتِكُمْ وَأَلْوَانِكُمْ ۚ إِنَّ فِي ذَ‌ٰلِكَ لَآيَاتٍ لِّلْعَالِمِينَ
سوره روم 22
۽ ان (الله) جي نشانين مان آسمان ۽ زمين جو پئدا ڪرڻ ۽ اوهانجي زبانن ۽ رنگن جو مختلف هجڻ به آهي، بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن۔​
سوره ابراهيم جي آيت نمبر 4
اسان هر هڪ نبيءَ کي سندس قومي زبان ۾ موڪليو، ته جيئن هو قوم کي وضاحت سان بيان ڪري. الله جنهن کي چاهي گمراه ڪري، ۽ جنهن کي چاهي راه ڏيکاري ۽ اهو ئي غالب ۽ حڪمت وارو آهي.​
 
Back
Top