• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جوعزم۔۔۔

باغي عليم

سينيئر رڪن
محترم سنڌ سلامت جي مرڪزي ٽيم
۽ ميمبر ساٿيو۔۔
جيئي سنڌوديش،جيئي لطيف۔۔
جنهن به دوست هن فورم ٺاهڻ جو خاڪو ڏنو۔
۽ جن دوستن اُن خاڪي کي عملي انجام تائين
پهچايو،انهن سڀن دوستن کي مبارڪون ۽ جس
جن پنهنجي ٻولي جي واڌاري ۽ بچاء لا۽ هي مورچو
ٺاهي سچ پچ ته سنڌي ٻولي کي وري نئون جياپو
ڏنو آهي،موجوده حالتن ۾ اسان جو نوجوان
موبائيل توڙي انترنيٽ ميسيج کان وٺي
روزمرههجي عام ڳالهه تائين مڪمل ڌاريون
ٻوليون ڳالهائي توڙي لکي ٿو، جيڪو عمل سراسر غلط آهي
ان عمل جا نتيجا اڳيان هلي اسان
جي ٻولي جي بقاء لئه هانڃيڪار ثابت ٿي سگهن ٿا،
ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي دور ۾ سنڌي ٻولي اگر
دنيا ۾ ساڳي ترقي جي رفتار سان ڊوڙي ٿي ته ان جو
سبب صرف ۽ صرف سنڌ سلامت ئي آهي
توهان هي عظيم ڪم ڪري،سنڌي قوم ۽ ٻولي
تي وڏو احسان ڪيو آهي،توهان جو هي پورهيو ضايع
نه ويندو۔۔سنڌ سلامت سنڌي ٻولي جي دُشمنن جي
اڳيان ديوار چين آهي۔۔۔
دُعا آهي ته سڪ،سچ،سونهن ۽ سنڌ سلامت رهن۔۔۔
 
آمين ۔۔۔

سڀني دوستن جي مهربانين ۽ جاکوڙ سان اميد ته اسين سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندا رهنداسون ۔۔۔ انشاء الله

اگهي ته ڪڻ، نه ته مڻن کي ئي موٽ ۔۔۔۔

لک قرب

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ سلامت جي هوندي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي لوڏو نٿو اچي سگهي۔۔۔:)
انشاالله جيستائين دنيا قائم آهي۔۔۔اسان جي جيجل سنڌ به هميشه سلامت رهندي۔۔:rolleyes:
 
محترم دوست عليم سائين مهربانيون ۔۔۔

سنڌ سلامت اوهان ۽ اسان جهڙن دوستن جي گڏيل ڪاوشن جو ئي نتيجو آهي۔ان جو عزم آهي ته سنڌي ٻولي انٽرنيٽ تي ايتري ئي ترقي ڪري جيئن ٻين ٻولين ڪئي آهي۔

اوهان جهڙن با همت دوستن جو تعاون رهيو ته اسان پنهنجي منزل طرف وک وڌائيندي ڪاميابي ماڻينداسين۔
 
Back
Top