ڪڏهن ڪڏهن سنڌ سلامت يا ڪنهن ٻي سائيٽ تي تصويرن جي سائيز وڏي يا لکائي اهڙي طرح لکيل هوندي آهي جو ان سائيٽ کي مڪمل طور ڏسڻ لاءِ هيٺ موجود سڪرول بار کي کاٻي يا ساڄي پاسي سڪرول ڪرڻو پوندو آهي۔۔۔ توهان جي سهولت لاءِ هتي مان هڪ تڪڙو طريقو ڏسي رهيو آهيان جنهن تي عمل ڪندي توهان سائيٽ واري ونڊوز کي بغير سڪرين ريزيوليشن تبديل ڪرڻ جي توهان ري سائيز ڪري سگهو ٿا۔۔۔ پهريون طريقو ته اهو آهي ته ونڊوز جي هيٺ ساڄي پاسي واري ڪنڊ تي موجود زووم جي اختيار کي 100 في صد مان گهٽايو يا وري هيٺيون ڪوڊ ڪاپي ڪري ايڊرس بار ۾ پيسٽ ڪريو ۽ ڪي بورڊ جي مدد سان انٽر پريس ڪريو۔۔۔ javascript:window.resizeTo(1024,768) جنهنجي تصويري جهلڪ ڏسو۔۔۔ تصوير کي وڏو ڪري ڏسڻ لاءِ تصوير تي ڪلڪ ڪريو
سائين تمام بهترين ٽپ ڏسي اٿوَ۔۔۔ پهريون طريقو ته شايد هر ڪنهن کي خبر هجي پر جاوا اسڪرپٽ وارو طريقو ڪمال جو آهي۔۔۔
سائين جاوا انسٽال ٿيل هجي يا انسٽال ٿيل نه هجي ڪو فرق نه ٿو پوي بس صرف ڦلپوٽي فقير کي ياد ڪري انٽر ڪري ڇڏجو :d:d:d:d سائيز ريسائيز ٿئي ويندي سدائين گڏ
ادا ونڊوز ايڪس پي جي تازه ترين ورزن ۾ يا انٽرنيٽ ايڪسپلورر جي تازه ترين ورزن ۾ جاوا انسٽال ٿيل هوندي آهي۔۔۔ پريشاني نشته shal judy hujeen
سائين اسد مون وٽ شايد پراڻو ورزن آهي ان ۾ ڪڏهن ڪڏهن جاوا سپورٽيڊ پروگرام نه هلندا آهن بهرحال سائين فقير سائين کي ياد ڪري الله توهار ڪنداسين ته مڙئي سڻائي ٿيندي۔