ادا عرض ته منهنجي نالي سان فيسبُڪ تي ڪيئي فيڪ آئيڊيون ٺهي ويون آهن مان انهن کي بلاڪ ڪيئن ڪران مهرباني ڪيو ادا۔۔۔۔؟
فيس بڪ تي اهڙي ئي قسم جو مسئلو منهنجي هڪ دوست سان به آهي ان جي آئي ڊي نه پئي کلي، پليز ويري فائي يور اڊينٽي جو مسئلو اچي ٿو جيڪر ڪنهن دوست کي اچي ٿو ته سائين جي مسئلي سان گڏ هن جو حل ٻڌائي۔
انڊٽيفاء ۾ اگر توهان جو موبائيل نمبر ڏنل آهي ته ان کي ڪوٽ ڪري ڪوڊ حاصل ڪريو ٻي صورت ۾ توهان جي ٻي ڪا آئي ڊي ڏنل آهي ته ان تي وڃي پاس ورڊ حاصل ڪيو باقي ادا شفيق جي حل لا وڌيڪ معلومات سائين ذيشان رشيد يا ٻيو ڪو دوست ڏئي سگهي ٿو۔
ڳالهه اها ناهي ته ڪو سندس فيس بوڪ کاتو کُلي نه ٿو۔۔۔ اسان واري دوست کي پريشاني آهي ته سندس نالي سان فيس بوڪ تي ايترا ٻيا پروفائيل ڪنهن جا آهن۔۔۔۔؟ ۽ هو انهن سڀني کي بلاڪ ڪرڻ چاهي ٿو۔۔۔ سڀ کان پهريان ته ڏسيو ته اهي سموريون فيڪ آئي ڊيز توهان پاڻ ٺاهيون آهن۔۔۔ جي ها ته اهي کاتا لاگ ان ٿي سيڪيورٽي سيٽنگ مان غير فعال (Deactive) ڪريو۔۔ پر جيڪڏهن اهي توهان جون آئي ڊيز ناهن ۽ توهان اهڙن دوستن کي پاڻ وٽ بلاڪ ٿا رکڻ چاهيو ته ان لاءِ سندن پروفائيل کوليو ۽ هٺين ٻن تصويرن کي ڏسي عمل ڪري کين بلاڪ ڪريو۔۔۔۔
اهو مسئلو ته واقعي الجهائيندڙ آهي جو نالو توهان جو ليڪن پاس ورڊ ته انهن پنهنجو هنيو آهي ان ۾ لاگ ان ٿيڻ جو مسئلو آهي جيڪڏهن فيس بوڪ تي رپورٽ ڪجي ته انهن کي به اوريجنل جو يقين ڪيئن ڏيارجي ان ڪري لڳي ٿو ته مسئلو پيچيده آهي۔