• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڪ جا موتي

سنڌي نور

سينيئر رڪن
549159_509253109101099_168332383_n.jpg


تنهنجي ڳلڙن تان لڙڪ اًگهندي
ائين لڳو ڄڻ
گلاب جي پنکڙين مان
ماڪ ڦڙن جا موتي
ميڙيندو هجان
 
ماڪ ڦڙن جيان
نيڻن مان لاريل لُڙڪن جا موتي
تنهنجي ڳلڙن تان چمي سان
اگهندي
ڪنهن گلاب جي پتڙين
جو نفيس احساس
هنيا کي جهوري ويو۔۔منظور ڪلهوڙو
 
ادا اسان وٽ ٿر ۾ ماڪ کي
وِلهه ۽ ڪُوهيڙو به چوندا آهن۔۔

سنڌي ٻولي ايتري ته شاهوڪار آهي جو اسان جي هر علائقي ۾ ان ئي ساڳئي لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون موجود آهن۔ پنهنجي پنهنجي لب ۽ لهجي موجب انهن لفظن کي ڪتب آڻي پنهنجو مقصد حاصل ڪيو وٺون۔۔ڀائو مونکي لفظن بابت ايتري ته ڄاٻ ڪونهي پر پو به جيڪي لفظ اباڻي ٻولي ۾ ٻڌا اٿم انهن جو استعمال ڪري پنهنجي ڳالهه سڄڻن تائين پهچايون ٿا۔۔منهنجا لکيل لفظ ته مٿين لفظن جو تسلسل ئي ته آهن هونئن ته مونکي لفظ جوڙڻ ئي نه اييندا آهن پر اسان جي ڀيڻ، پاران لکيل سٽن جي ئي مناسبت سان سٽيون جوڙي وڌم۔
 
ادا ماڪ به اسان جي ئي ٻولي جو لفظ آهي،
منهنجي ٻڌائڻ جو مطلب ا هو ته جيئن توهان
کي ٿر ۾ ماڪ بابت ڳالهايا ويندڙ لفظ به معلوم ٿي سگهن۔۔
 
Back
Top