نثارابڙو
نائب منتظم

نـــه ڏيئي جو ڪم سو وفادار يـــار ڇـا جو آ،
رکــــي نـــــه دل ۾ اهـــو رازدار ڇــــا جـــــو آ،
جــو پاڻ ڀيــــري ڪري اعتبار ڪين ڪڏهن،
انهــــيءَ تــي پنهنجو وري اعتبــار ڇـــــا جـــو آ،
وڻـي ٿــي ڪابه نه ڳالهه پاڻکي ڪنهنجي،
الائـــي هـــي وري دل تــــي غبــار ڇـا جو آ،
ڪري هزار حج، زيارتون ۽ ڪربلا ڏي وڃـي،
نـــه دل آ صـــاف تـــه حاجي زوار ڇــا جــو آ،
رڪيـــــــل دم آ ۽ در ۾ ديــــد اي ” دادن“،
پتـــو پــــوي نه ٿو هي انتـــظار ڇــــا جـــو آ،
دادن فقير