• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اپريل فول

جميل احمد

سينيئر رڪن
اپريل فول

سنه 2008 ع جي ڳاله آهي ته هڪ ڏينهن ڏهين درجي جي ڪلاس ۾ ويٺو هوس ته هڪ ٻارڙيءَ چيو ته” سا ئين ڪامران چئي ٿو ته اردوجي مضمون جو ڪورس توهان مڪمل نه ڪرائي سگھيا“ ته مون چيو مانس ته” مون کي افسوس آهي ته سائين منهنجي باري ۾ اهڙي راءِ رکي ٿو“،ڇوڪريءَ اها ڳاله ٻڌي چوڻ لڳي ته ”سائين! سائين ڪامران ته ائين نه چيو آهي پراها ڳاله مان پاڻ ڪئي آهي.“اها ڳاله ٻڌي مون چيومانس ته ”مون کي افسوس آهي ته اوهان منهنجي باري ۾ اهڙي راءِ رکوٿا“ ته چوڻ لڳي ته ”سائين منهنجي راءِ توهان جي باري ۾ ڏاڍي سٺي آهي“.مون چيومانس ته ”اها راءِ سٺي ڪيئن ٿي؟“ ته چوڻ لڳي ته ”سائين تاريخ تي غور ڪريو ته اڄ ڪهڙي تاريخ آهي“
وڌيڪ پڙهو
 
Back
Top