”مار “ تي پابندي ”مولا بخش“ اداس ٿي ويو منهنجو نالو مولا بخش آهي هر اسڪول وڃڻ وارو نينگر توڙي نينگري منهنجي نالي ۽ ڪم کان چڱي ريت واقف آهي. ڪجهه ئي ڏينهن پهريان تائين آئون اسڪولن جو بي تاج بادشاهه بڻيل هوس چئني پاسي منهنجي دهشت ۽ داٻو هو. وڏا وڏا ڪانڀو خان به منهنجي هيبت کان ڪترائيندا هئا. سڀني کي سڌو ڪرڻ ۾ منهنجو ڪوبه مٽ نه هو. ڪيترن ئي استادن ۽ هيڊ ماسترن جو منهنجي ڪري نالو ۽ هاڪ هئي. مونسان ملاقات ٿيندي ئي ڊينگ سڏائيندڙ شاگردن جا منهن هئيڊا ٿي ويندا هئا. گهڻن جون ته رڙيون به راڄ ٻڌندا هئا. ڪيترا ته اسڪولن مان اهڙا ڀڳا جو وري ڪڏهن منهن نه ڪيائون. خاص ڪري اسڪول ۾ دير ڪري ايندڙ ۽ ڪم پورو نه ڪندڙ ڇوڪرن جي ته آئون روزانو سار لهندو هوس پر هاف ٽائيم ۾ ڀٽ ٽپي ٻاهر ويندڙن جي ته تاڙ ۾ رهندو هوس، جيئن ئي اهي واپس ڪلاسن ۾ ايندا هئا ته سندن اهڙي ”شاندار آجيان“ ڪندو هوس جو... خير ڇڏيو ان ڳالهه کي..! چوندا آهن ته هر ڪمال جو زوال به اچڻو آهي سو منهنجو به نيٺ زوال اچي ويو. زمانو بدليو ته زماني جا انداز ۽ نمونا به بدلجڻ لڳا. سرڪار اوچتو اسڪولن ۾ منهنجي ڪم تي پابندي لڳائي ڇڏي. ڇو ته ڪجهه ماڻهن منهنجي هاڪ جو غلط استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ، اهو ئي سبب آهي جو منهنجي دهشت ٻارن کي سڌارڻ بدران خراب ڪرڻ جو سبب بڻجڻ لڳي. ”يارن جون باهيون ٻارن مان ڪڍڻ“ واري چواڻي تحت استاد مونکي استعمال ڪرڻ لڳا. اهڙي ريت منهنجي شهرت ۽ هاڪ داغدار ٿيڻ لڳي. هر پاسي کان مون تي آڱريون کڄڻ لڳيون، هر برائي جو آئون ذميوار قرار ليکيو وڃڻ لڳس. نئون قانون پاس ٿيو ۽ آئون معطل ٿي ويس، معطل ڇا ٿيس منهنجي ته ڄڻ چيلهه ئي چٻي ٿي وئي. آئون اسڪول ۾ آهيان ته سهي، پر هاڻي منهنجي حيثيت رڳو ايٽمي هٿيار جهڙي آهي جنهن کي ڏيکاري ڊيڄاري ته سگهجي ٿو پر ڌماڪو ڪري نه ٿو سگهجي. مون کي پنهنجي معطل هجڻ جو ڪو فڪر ڪا ڳڻتي يا پرواهه ڪانهي. ڇو ته آئون ڪڏهن به سرڪار تي بار نه بڻيو هوس، پر هاڻي رڳو ڳڻتي هن ڳالهه جي آهي ته جيڪي ڪم آئون خدا ڪارڻ انجام ڏيندو هوس اهي نئين قانون پاس ٿيڻ کان پوءِ ڪيئن نڀائي سگهندس. ٻارن کي ڊسيپلين ڪير سيکاريندو. استاد جي عملداري ڪيئن قائم ٿيندي. اهو ته اهي ئي ڄاڻن ٿا جن قانون جوڙيو آهي. منهنجي ته ڄڻ ڪا حيثيت ئي نه رهي آهي. حرڪتي ۽ شرارتي ٻارن کي اڃا تائين سِڪِڻي نظر سان نهاريندو رهان ٿو، بلڪل ايئن جيئن ٻلو جهرڪي کي تاڙيندو آهي. پر مجبور آهيان ڪجهه ڪري نه ٿو سگهان، منهنجا ڪجهه مائٽ پوليس کاتي ۾ پڪي نوڪري ۾ آهن ۽ ڏاڍي عيش واري زندگي گذاري رهيا آهن سوچيان ٿو ڪجهه ڏينهن لاءِ انهن وٽ هليو وڃان جيئن مارڪُٽ واري ماحول جو مزو وٺان، ٿي سگهي ٿو منهنجي وڃڻ کان پوءِ اسڪول وارن کي منهنجي ياد اچي. ”ويندو سانءِ او وائڙا! ڏاڍو ياد ڪندين“