معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
آئون ڪنهن جي پٺيان نماز پڙهان
هڪ ڏينهن وتايو فقير مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويو. پيش امام نماز پڙهائڻ لڳو. فقير ٿوري وقت بعد هري هري ٿي صف مان نڪري وڃي جدا نماز پڙهڻ بيٺو. نماز بعد ماڻهن چيس ته تو جماعت سان نماز ڇو نه پڙهي؟ فقير چيو: آئون ڪنهن جي پٺيان نماز پڙهان؟ آخوند ويچاري پئي ڍڳي ڳولي، پوءِ چيم ته هاڻ پنهنجي ٻاريان، ٻيو هن مان ڪونه وريو. تنهن ڪري وڃي جدا نماز پڙهيم.