موبائيل فون جو استعمال ۽ والدين جون ذميواريون وزير فرهادسولنگي جديد دور ۾ رابطي جو بهترين ۽ اهم ذريعو موبائيل فون، انٽرنيٽ، اي ميل ۽ فيس بوڪ آهن جن جي استعمال ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي سان اضافو ٿيندو پيو وڃي، موبائيل فون جا ڪيترا ئي فائدا آهن ته وري ساڳئي وقت ان جي استعمال ۾ ڪيترائي نقصان پڻ آهن ۽ انهن نقصانن جو ڪو به ازالو نه ٿو ٿي سگهي. خاص طرح ننڍن وڏن شهرن توڙي ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ ڏهن ٻارهن سالن جي عمر کان ارڙهن اوڻويھ سالن جي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين، اسڪولي ۽ گهريلو ڪم ڪار ڪندڙ عورتن ۾ موبائيل فون استعمال ڪرڻ جو رجحان وڌي ويو آهي جن ۾ موبائيل فون ڪمپنين جي ڏنل فري پيڪيجز، ايس ايم ايس پيڪيجز ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا پيڪيجز متعارف ڪرايا ويا آهن جن جي ڪري موبائيل فون جو استعمال حد کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، جن ۾ ايس ايم ايس خاص ڳالهائڻ وارا پيڪيج ۽ مسڪال ذريعي رابطي وارا ذريعا بي جاءِ استعمال ٿي رهيا آهن جنهن مان اسان جي سماج ۾ ڪيترائي منفي لاڙا ۽ رجحان پيدا ٿيا آهن جيڪي ايندڙ نسل لاءِ انتهائي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. غلط موبائيل فون جي استعمال ڪرڻ سان سنڌ اندر ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جهيڙا، اغوا، ڦرون، ڌاڙا ۽ قتل و غارت جا واقعا رونما ٿيا آهن هڪ ئي وقت ٽن ماڻهن جا قتل ٿيڻ جهڙا واقعا پڻ اخبارن ۾ اچي چڪا آهن نه رڳو ايترو پر ڪيتريون ئي نياڻيون گهٽ عمر ۽ بي سمجهي سبب موبائيل ذريعي ڳالھ ٻول ڪرڻ ۽ تعلقات وڌائڻ، شادي جهڙا خواب ڏسڻ جي ڌوڪي ۾ اچي پنهنجي ابي امان جي گهر کي خيرباد چئي گهران فرار ٿي پنهنجي زندگي تباھ ڪري ويٺيون آهن. پر ان موبائيل جي غلط استعمال ڪرڻ واري عمل سبب سندن شاندار ۽ روشن مستقبل اونداهيءَ ڏانهن وڃي ٿو جنهن ڪري انهن کي ڪورٽن جا ڪٽهڙا جيلن جا دروازا ۽ دارالامان جا در ڏسڻا پئجي وڃن ٿا، ۽ ان سبب جي ڪري ڪيتريون ئي سنڌ جون نياڻيون نا سمجھ ۽ لاشعوري، گهٽ تعليم، گهٽ تربيت جي ڪري ڪاريون بڻجي ڪسجي ويون آهن ۽ انهن واقعن جون سنڌي اخبارون شاهد آهن جن ۾ مذڪوره واقعا رپورٽ ٿيندا رهن ٿا. هن سڄي صورت حال کي مدي نظر رکندي ڪيترن ئي متاثر ٿيندڙ عزت دار، ۽ شريف والدين تمام ڏکوئيندڙ صورتحال جو منهن ڏسڻوپيوآهي ۽ هن مرض ۾ ورتل مختلف نوجوان هيروئن جيان عادي بڻجي بغاوت تي لهي آيا آهن، ان سلسلي ۾ والدين آڏو چند گذارشون عرض رکجن ٿيو. · سڀ کان پهرين ننڍي عمر جي اولاد کي موبائيل سيٽ رکڻ نه ڏنو وڃي. · جيڪڏهن موبائيل فون جي سهولت اولاد کي ڏني وڃي ته کين ان جي استعمال فائدن ۽ نقصانن کان مڪمل آگاهي ڏيڻ تمام ضروري آهي. · کين معاشري ۾ تعليم يافته ۽ کين اخلاقي تربيت ڏيڻ سان گڏوگڏ روشن خيالي ۽ سائنسي ڄاڻ پڻ فراهم ڪئي وڃي ۽ انسانيت جي اعليٰ قدرن جن ۾ پردو، عزت ۽ احترام جو درس شامل هجي. · موبائيل فون استعمال ڪندڙ نوجوانن جي والدين، مائٽن ۽ سندن سرپرستي ڪندڙ وڏي عمر جي ماڻهن کي پنهنجي اولاد، ڀائرن، ڀينرن جي استعمال هيٺ آيل موبائيل سيٽ تي ايندڙ ميسيجز، فون ڪالز روزانو چيڪ ڪرڻ گهرجن ۽ رابطي ۾ ايندڙ نمبرن بابت ٻارن کان پڇا ڪرڻ تمام ضروري آهي، فون ۾ حاصل ٿيندڙ ۽ استعمال ٿيندڙ بيلينس جيڪو ڪارڊ يا ايزي لوڊ ذريعي حاصل ڪجي ٿو ان جي جاچ پڙتال پڻ ڪئي وڃي ته مذڪوره رقم ٻار ڪٿان ۽ ڪيئن حاصل ڪن ٿا. · اولاد کي پيار سان سمجهائڻ گهرجي، نفرت، سختي، تشدد نه ڪجي پر جيڪڏهن ٻار پيار ۾ نه سمجهي ته انهن تي سختي ڪرڻ تمام ضروري آهي. · اولاد کي به سمجڻ گهرجي ته هن ڪائنات ۾ الله تعاليٰ پيءُ ماءُ جو اتم درجو ڪيو آهي ان جي چوڻ تي عمل ڪجي ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي اولاد جو بروڀلو بهتر سمجهي سگهن ٿا. · ان ڏس ۾ حڪومت کي پڻ اها گذارش آهي ته موبائيل فون جي استعمال لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي ته جيئن اسان جي معاشري ۾ وڌندڙ براين ۽ ڏوهن تي ضابطو آڻي هڪ خوبصورت سماج جو بنياد وڌو وڃي. · سماج کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ وارن سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ۽ سماجي تنظيمن کي گهرجي ته اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين اندر سماجي جاڳرتا "Awareness" پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن موبائيل فون، انٽرنيٽ ۽ ٻيا مواصلاتي ذريعا صحيح رخ ۾ استعمال ٿيڻ گهرجن. ان سلسلي ۾ سيمينار، ورڪشاپ، ليڪچر پروگرام منعقد ڪري نوجوانن ۽ نئين نسل کي صحيح رستي ۽ بهترين مستقبل لاءِ اتساهڻ گهرجي. · درسي ڪتابن، تعليمي درسگاھ ۽ عام معلوماتي ذريعن جهڙوڪ: اخبارون، رسالا، مئگزين وغيره ۾ پڻ اهڙو اصلاحي مواد شامل ٿيڻ گهرجي جنهن سان موبائيل فون جو صحيح استعمال ۽ ان جي نقصانن بابت پنهنجي ايندڙ نسل کي سجاڳي وارو رستو ڏئي سندن مستقبل کي بچائي سگهجي ۽ صحت مند معاشري جو بنياد اڏجي. هونئن به ڏٺو وڃي ته سائنسي لحاظ کان موبائيل فون مان نڪرندڙ برقي لهرون دماغي ڪينسر ٿيڻ جو سبب بنجن ٿيون ان کان علاوه موبائيل فون جي گهڻي استعمال ڪرڻ سان ذهني ۽ نفسياتي بيماريون پيدا ٿيڻ جو وڌيڪ خدشو رهي ٿو ان لاءِ اهو ضروري آهي ته موبائيل فون کي اهم ۽ خاص مقصدن خاطر استعمال ڪيو وڃي ان ۾ صحت سان گڏ پئسي جو به صحيح استعمال ٿيندو.
سچ ته موبائل فون جي غلط ۽ منفي استعمال گهڻا مسئلا پيدا ڪيا آهن۔ ان ۾ والدين جي به ڪوتاهي آهي جيڪي پنهنجي ٻار جي موبائل بابت ڄاڻ نه ٿا رکن۔
بهترين ونڊ آهي پر دعا آهي ته والدين توڙي ننڍي عمر وارا انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن۔۔جيڪو هڪ وڏو ۽ مشڪل مرحلو آهي۔
هڪ حقيقت تي مبني تحرير ۾ والدين لا عبرت ، نصيحت ۽ اولاد تي صحيح ڪنٽرول ڪرڻ کان علاوه ننڍي عمر جي نوجوان ڇوڪرين يا ڇوڪرن لا پڻ صحيح رهنمائي جي رغبت بيان ٿيل آهي ، سچ پڇو واقعي موبائيل فون ۽ ڪيبل کانپو براين ۾ وڏي تيزي سان اضافو ٿيو آهي ، اڳي ٽي وي تي صرف ناٽڪ رنگ وغيره يا ٻيا اردو ڊراما ئي ڏٺا ويندا هئا پر هاڻي ته الله معاف ڪري انٽرنيٽ به جتي ڪافي فائدن سان ڀرپور آهي مگر اسانجي قوم جي نوجوانن جو گهڻو انگ براين ڏانهن مائل آهيٌ!