معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
مرڪون وکيريندڙ ڪردار جو وڇوڙو
سنڌ ڌرتي جي ڪک تي ڪيترن ئي املهه ماڻڪ ماڻهو پيدا ڪيا جن پنهنجي حياتي ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو. پنهنجا درد لڪائي ماڻهن کي کلائي کيرو ڪرڻ تمام ڏکيو فن آهي پر هڪ اهڙي شخصيت جنهن پنهنجا سور سيني ۾ سانڍي خلق کي خوب کلايو انهن ۾ خان صاحب بيگو خان کوسو سرفهرست آهي. سنڌي مزاح جو بادشاهه 1948ع ڌاري نوابشاهه ضلعي جي دوڙ شهر ڀرسان ڳوٺ ليمون خان کوسو ۾ علي بخش کوسو جي گهر ۾ اک کولي 20 سالن جي ڄمار ۾ هو ٽنڊي آدم ڀرسان ڳوٺ حمزو ملوکاڻي لڏي آيا ۽ 25 سالن جي عمر کان فني زندگي جي باقائده شروعات ڪئي پنهنجي علائقي ۾ ميلن ملاکڙن ۽ خاص طور شادين مرادين ۾ کيس وڏي پئماني تي پذيرائي ملي، جنهن بعد هن سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کان علاوه سموري ملڪ ۾ پنهنجي مزاح جي فن جا جوهر ڏيکاريا ها پي ٽي وي سميت سنڌ ٽي وي ۽ ريڊيو چئنلن تي پنهنجو فن پيش ڪيو ته سندس مداحن جي وڏي انگ کيس پسند ڪيو ۽ آهستي آهستي هو هر ڪنهن جي دل ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. استاد بيگو خان کوسو مزاح جي دنيا سان گڏ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو شيدائي ۽ سنڌ امڙ سان پيار ڪندڙ هڪ ارڏو ڪردار هو.
هن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ 6 مهينا جيل ڪاٽيو ۽ ڪوڙا کاڌا. شهيد بينظير ڀٽو جي ٿيندڙ جلسن ۾ شريڪ ٿي پاڻ آمر جنرل ضياءُ الحق جهڙا ڪپڙا پهري سندس ڪردار ادا ڪندو هو ۽ اعلان ڪندو هو ته جيڪو به ڀُٽي ۽ سنڌ سان پيار ڪري ٿو اهو کيس جوتا هڻي ۽ تشدد ڪري. جنهن بعد ماڻهو کيس ضياءُ الحق تصور ڪري جوتا هڻندا ۽ تشدد ڪندا هئا. بيگو خان آخر تائين شهيد ڀٽو جو شيدائي رهيو. گذريل برساتن ۾ هن جا گهر گهاٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ وهي ويا پر ان وقت ته سندس ڪنهن به حڪمران يا پ پ اڳواڻ مدد نه ڪئي ۽ هو مجبور ٿي نوري آباد لڏي ويو ۽ 6 مهينن بعد واپس پنهنجي ڳوٺ حمزو ملوکاڻي ۾ اچي رهيو، جتي کيس ڪوبه گهر گهاٽ نه هو ۽ هن ڪيلي جي پنن ۽ وونئڻن جي ڪاٺين مان جهوپڙي ٺاهي رهائش اختيار ڪئي پنهنجي اجهي لاءِ حڪمرانن ۽ وڏيرن جي در در وڃي کين کلائي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندو رهيو پر ڪنهن به سندس سار نه لڌي. مرڪون ورهائيندڙ ها ارڏي ڪردار کي پريشانيون وڪوڙي ويون ۽ هو آهستي آهستي بيمار ٿيڻ لڳو. ٽي مهينا پهرين مٿس فالج جو حملو ٿيو ته علاج لاءِ پئسا نه هئا، پنهنجن معصوم پوٽن لاءِ ڌاريل هڪ مينهن به وڪڻي کيس نوابشاهه جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي پئسا کٽڻ سبب ڊاڪٽرن کيس بهانو ڪري ٽنڊي آدم منتقل ڪيو جتي سندس وارث چونڊيل نمائندن وڏيرن سرنديءَ وارن جي درن تي سهائتا لاءِ ٻاڏائيندا رهيا پر مجال آهي جو ڪنهن سندس مدد ڪئي هجي، جنهن بعد گهر ۾ بيٺل روزگار جو واحد وسيلو گڏهه گاڏو وڪڻي علاج ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو ۽ وڌيڪ پئسا نه ٿيڻ تي ڊاڪٽرن هن کي اسپتال مان فارغ ڪري ڇڏيو. اهڙيون خبرون ميڊيا تي هلڻ کانپوءِ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو هڪ لک رپين جو چيڪ ته ڏنو پر اهو چيڪ خان صاحب جي علاج لاءِ ته ٺهيو پر آخري رسمن ۾ به ڪم نه آيو. سنڌ جو هي ڀلوڙ مزاحيه فنڪار چونڊيل نمائندن ۽ سرنديءَ وارن جي بي حسي ڪري پنهنجي ڪکائين جهوپڙي ۾ سنڌوءَ جي سينڌ ڌرتي ماتا کي الوداع ڪري هميشه لاءِ پنهنجون ڪيل خدمتون، مرڪون ڇڏي ساڻ ڏک سانڍي پاڻ سان گڏ کڻي هليو ويو. سندس آخري رسمن ۾ سندس مداحن، غريب طبقي سان تعلق رکندڙ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، پر اتي به ڪنهن به اديب، فنڪار يا سياستدان شرڪت نه ڪئي. خان صاحب بيگو خان کوسو مزاح نگاري جي تربيت سنڌ جي مشهور مزاح نگار جاڙو خان ماڇي کان ورتي. هن 40 سالن جي عرصي دوران مزاح نگاري ۾ مشهور شاگرد ٺاهيا جن ۾ مرحوم ڪيهر خاصخيلي، ڪنڊو لاشاري ۽ سڍڻ عرف سروٽو جيڪو پڻ سندس فرزند آهن وڏو نالو ڪمايو آهي. سنڌ جي مزاح نگاري جي ميدان ۾ وڏو نانءُ پيدا ڪندڙ جي ڪسمپرسي ۾ وفات ۽ آخري رسمن ۾ ڪنهن به چونڊيل نمائندي، سياستدان جي شرڪت نه ڪرڻ تي سندس اولاد، مائٽ ۽ مداح ڏکارا آهن. سنڌ جو هڪ ٻيو وڏو نانءُ اسان کان وڇڙي ويو پر حڪومت ۽ سرندي وارن مان ڪنهن به سندس مدد نه ڪئي جيڪا فنڪارن سان نه پر سنڌ ۽ سنڌين سان زيادتي آهي.