• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بڙ جي گهاٽي ڇانو جهڙا خيال

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
بڙ جي گهاٽي ڇانو جهڙا خيال
شيخ اياز
تنهنجي ڪارڻ ڇا نه ڇَڏيو آ،
آکيرو جنهن جاءِ اَڏيو آ،
سو وڻ تون ئي آهين.
تارا جئن فانوس ٻَرن ٿا،
لوءِ ڇڏيو ٻي لوءِ لَڏيو آ،
آکيرو جنهن جاءِ اڏيو آ،
سو وڻ تون ئي آهين.
آنءُ ته تنهنجي راهه وَتي هئي،
پر هِي ڄاتل ڪيرُ گڏيو آ؟
آکيرو جنهن جاءِ اَڏيو آ،
سو وڻ تون ئي آهين.
جنهن تي پنهنجو پاڻ پَڏيو آ.
سو وڻ تون ئي آهين.
سو وڻ تون ئي آهين.


قربتن جي قافلن کي روڪجو
سنگتين ۽ ساٿين کي روڪجو
محبتن جا سڀ سفر جاري رهن
بيوسيء جي بادلن کي روڪجو
ساٿيو آواز سڀ آلاپجڻ ڏجو
ڪين ڪي ڪن سرمدن کي روڪجو
اکڙين جا بند سارا اڄ ڀڳا
ساٿ ڏئي ساحلن کي روڪجو
دل لڳي ويندي نظر هڪ جي
مليحسن وارن صاحبن کي روڪجو
ڳاڙهي پوتي اڏاڻي اڄ اگر
عاشقن يا وائلن کي روڪجو
مهرباني ڪا ڪجو هن ملڪ ۾
روڪجو سڀ ظالمن کي روڪجو
ڳولجو عثمان جهڙا ڪي غني
ڪين اهڙن عادلن کي روڪجو
سنڌ جا سردار آهن ننڊ ۾
سڀ حقيقي وارثن کي روڪجو
آجلادن جو اهو بڻيو نگر
حاڪمن سڀ جابرن کي روڪجو



هن دل جون آسون ڀيل ڪري
هُو جيون ويو آ جيل ڪري
ٿو روز پڙهان دردن جي ڪٿا
وئي آ قسمت اهڙو کيل ڪري
هي منهنجي ڌرتي ٺوٺ صفا
ربّ خير جي بارش هيل ڪري
ويو وسڪاري ۾ مور مري
پئي دانهون ڪيڏيون ڊيل ڪري
مون ڇا ڇا اياز سوچيو هو
ويو منصوبا سڀ تيل ڪري


قيد هستي کي ڪيئن ڊاهيان مان
مارئيءَ جي پڪار آهيان مان
اڄ ته ٿڪجي پيو هان، چؤ ڪيسين
زندگانيءَ جو ڳاهه ڳاهيان مان
ڪنهن گل نوبهار سان گڏجي
آشيانو الڳ ٿو ٺاهيان مان
زندگي ٿي وئي آ مٺڙو گيت
ڪنهن ڪنول سان پيو نباهيان مان
عمر گذري وئي ”اياز“ الا!
مون نه ڄاتو ته نيٺ ڇاهيان مان.
 
Back
Top