معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
خوشبو خوشبو خيال
تنوير عباسي
جهڙ ٿيو مينهن ٿو وسي سائين
ڪوئي دل منهنجي ٿو کسي سائين
ڀل چوي پوءِ چنڊ کي سهڻو
پهرين منهنجو پرين پسي سائين
ڀٽڪي ڀٽڪي مان واٽ ملندس نيٺ
مون کي ڪوئي ڪجهه نه ڏسي سائين
ڪهڙي امرت جي آ طلب ان کي
تنهنجي چپڙن تي جو رسي سائين
هن حياتيءَ تي ڀروسي ٿي ويو
پيار جي ئي ته ڀروسي سائين.
`````````````````
تنهنجي نيڻ نهار،
جهڙي مند بهار،
کڻ اکيون کِل يار تون.
وِهه وهاٽيل تو بنا،
لڳي سڄو سنسار،
کڻ اکيون کِل يار تون.
تنهنجا ٽهڪ ٽڙي پيا،
من تان لٿو غبار،
کڻ اکيون کِل يار تون.
جيئڻ سڀ جو جڳ ۾،
الفت جي آڌار،
کڻ اکيون کِل يار تون.
سڪ وارن جي سوچ آ،
دين دنيا کان ڌار،
کڻ اکيون کِل يار تون.