ڄڻ سارو ديس مري ويو آ!

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڄڻ سارو ديس مري ويو آ!

    سمنڊ سڄو ئي موت مثل؟
    مون ڇا لئه جان گنوائي
    اُهي لطيف جي ان شعر جهڙا هُئا جنهن شعر ۾ لطيف اهو فرق ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته عاشق سُرمون نه پائيندا آهن، عاشقن جون اکيون سُرمن کان سواءِ هونديون آهن، عاشقن جي اکڙين ۾ نه سرمون هوندو آهي ۽ نه ئي ڪجل!
    پر ان عاشقن جي اکين ۾ اُها لالاڻ هوندي آهي، اُهو اوجاڳو هوندو آهي جنهن جي ڪري اُنهن عاشقن کي ڏور کان پسي سگهجي ٿو ته اُهي عاشق آهن.
    جيئن لطيف لکيو ته:
    عاشقن جون اکيون
    سرمون نه سُهن!
    اوجاڳو تن ۾ لالي تن رتن
    سُرخي جن ۾ پسين
    اُهي اکيون عاشقن جون!
    اُهي لطيف جي ان شعر جهڙا ئي ته هُئا، عاشق سُرمي کان ڏور رهڻ وارا، انهن جي اکين ۾ اوجاڳي جو لباس ۽ اوجاڳي کان پوءِ لال لهو جهڙو رنگ انهن عاشقن جي اکين ۾ لهي ايندو هو. ڳاڙهي رنگ جا عاشق سُرخيا!
    اُهي لطيف جي ان شعر جهڙا ئي ته هُئا، عاشق سُرمي کان ڏور رهڻ وارا انهن جي اکين ۾ اوجاڳي جو لباس ۽ اوجاڳي کان پوءِ لال لهو جهڙو رنگ انهن عاشقن جي اکڙين ۾ لهي ايندو هو. ڳاڙهي رنگ جا عاشق سُر خيا!
    اهي سئڀي صفتون انهن عاشقن جون آهن جنهن عاشقن لاءِ لطيف اها سٽ سرجهي،
    ها! واقعي اُهي جي ان بيت جهڙا ئي ته هُئا!
    اُهي ماريا ويا، سازشن جي ور چاڙهيا ويا اُها آزادي پسند هُئا. انهن کي ديس جي آزادي گهربل هُئي انهن چاهيو ٿي ته ديس جو ڳاڙهو جنڊهو جهوليندو رهيو انهن چاهي ٿي ته سيد اهڙو ڪردار ٿي پوي جنهن ڪردار جو ڪڏهن به The End ناهي ٿيندو بس اهو ڪردار هلندو رهندو آهي. پوءِ ڏسڻ وارن کي ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي پوندو آهي ته ڪردار کي بقا آهي يا اُن شخصيت کي جنهن جي ڪري اُهو ڪردار آهي. پوءِ ان شخصيت سيد جيڪو ڪجهه ڳالهايو اهو اکر اکر ڳالهڙي ٿي پيو ۽ انهن عاشقن به ان سيد جي قل کي واهن، واهن، وسندي وسندي جهر جهنگ، گهر گهاٽ تائين پهچايو ۽ ان عاشقن سيد جي انهن الفاظن کي دل جي ڪنن سان ٻڌو ان سيد جي انهن روحاني رمزن کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي رمزون اڄ ڪلهه جي پڙهيل لکيل شخصيتن لاءِ ڳجهارتون بڻيل آهن اهڙيون ڳجهارتون جنهن ڳجهارتن کي ڪير سلجهائي! پر عاشقن اهڙين ڳجهارتن کي سمجهيو به ۽ سلجهايو به! عام انهن روحاني رمزن کي عام به ڪيو.
    ها واقعي اهي عاشق لطيف جي لفظن جهڙا ئي ته هئا. اهڙا لفظ جنهن لفظن سان شاهه جو رسالو ڀريو پيو آهي ان ۾ شاهه جي رسالي ۾ اهي اکر اکر ناهن پر اهي عاشق آهن جيڪي پنهنجي محبوب مرشد نه ختم ٿيڻ وارو سجدو ڪري رهيا آهن ۽ جڏهن مرشد انهن اکرن عاشقن کي اجازت ڏيندو آهي ته اهي اکر پوءِ سُر ٿي پوندا آهن. ڪڏهن سر سارنگ ڪڏهن سر ڪيڏارو، ڪڏهن سر يمن، ڪڏهن سر سستي، ڪڏهن ڪهڙو سر، ڪڏهن ڪهڙو سُر. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اهي شاهه جا مريد عاشق اکر اُهي طعنو ٿي پوندا جيڪو گهڻو ڪري هوندو ئي عاشقن لاءِ آهي ته:
    سرمو سياهيءَ جو
    رنن کي رهاءِ
    ڪاني ڪارائيءَ جي
    مڙس ٿي ۾ پاءِ،
    اکين ۾ اٽڪاءِ،
    لالائي لالڻ جي!
    لطيف انهن عاشقن آزادي جي متوالن، گوريلن کي هوشيار ڪري رهيو آهي ته اهي مسواڳ ڪريم ، پوڊر، سڙمان، توهان لاءِ ناهن اهي سڀئي شيون عورتن، مائين لاءِ آهن توهان ته ديس جا رکوالا آهيو توهان ته هوشو، هيمون، بشير، آهبو اهيو سرمون توهان جي اکين کي صرف سياهي ڏيندو. جڏهن ته مان چاهيان ٿو ته توهان جي اکين ۾ سرئي هجي لالاڻ هجي هوشيار ٿيو. لالاڻ کي به قدار رکيو سياهيءَ کان ڏور ڀڄو! ڏور ڀڄو!
    اکين ۾ اٽڪاءِ
    لالاڻي لالڻ جي!
    اهو لالڻ جيڪو فڪر آهي، ماروئڙن جو، اهو لالڻ جو ڏک آهي ان بک جو جيڪو هارين جي خاندان کي خبر هوندو آهي ۽ بس! اهو لالڻ جيڪو پنهنجي ديس ۾ هوندي به قيد ۾ هوندو آهي. جيئن منو ڀيل! اهو لالڻ جيڪو ديس جي مهان کاهوڙي بشير خان قريشي سان ڪيو ويو ان کي زهر ڏنو ويو.
    اهو لالاڻ جيڪو قربان سرائي کهاوڙ سان ڪيو ويول. جيڪو مظفر ڀٽي سان ڪيو ويو يا جيڪو هر روز ڪراچي ۾ آزادي جي متوالن سان ڪيو ويندو آهي.
    اکين ۾ اٽڪاءِ
    لالائي لالڻ جي!
    هاڻي نه لالڻ آهي ۽ نه ئي ان جي لالاڻ! هوئن ته ڪراچي ۾ سردي جي موسم ختم ٿي وئي آحي هاڻي ته رت جو گون ۾ پنڻ ۽ ڏينهن جو آفيسن ۾ اي سي هلن ٿيون موسم جو مزاج جون کي ويجهون ٿيندو پيو وڃي پر اڄ گرمي هوندي به ڪراچي ۾ سردي جي موجودگي جو احساس اهيو موٽي ايئن لڳو ته سردي ويندي ويندي موٽي اهيو احساس ڏياري پئي ته دور ڪنهن مندر ۾ ڪنهن عاشق ڪو گهنٽ وڄايو آهي ۽ اهي سڀئي عاشق جيڪا ڌرتي جي ڳجهارت سلهجهائي3ندي سلجهائيندي پاڻ ڳجهارت ٿي مٽي م دفن ٿي ويا اهي اُٿيا آهن هڪ نئين جذبي سان! هڪ نئين شوق سان! هڪ نئين گيت سان هڪ نئين روح سان!
    اهي هن ڌرتي جوي مشترڪه آواز بڻجي اُٿيا آهن, اهي ڪشمور کان ڪارونجهر تائين اياز جو اهيو بيت ٿي اٿيا آهن انهن لاءِ جيڪي اڃا حياتي آهن ۽ جنهن وٽ اڃا زندگي جو ڏيئو ٻري ٿو پيو. جيڪو سوچي سمجهي سگهان ٿو ۽ ڳجهارتون سلجهائي سگهن ٿا.
    اڄ ديس اُجهامي ويو آهي
    سو سپنو کامي ويو آهي
    جنهن ڪالهه گلا گريم ها
    ۽ من من مچ مچايا ها،
    ڪجهه لُنءَ لُنءَ ۾ للڪار هئي
    ڇا ڌارين لاءِ ڌڪار هئي!
    اڄ ماٺ مڙهيءَ ۾ ڀڻڪ نه آ،
    ڪنجهڪار نه آ ڪا ڪڻڪ نه آ
    ڄڻ سارو ديس مري ويو آ!
    اڄ منهنجو ڏڍ ڏري پيو آ،
    مان هيئون هاري سوچان ٿو،
    هي جيون واري سوچان ٿو
    مون ڇا لئه جان گنوائي آ؟
    ڇا منهنجي پيٽ اجائي آ؟؟؟
    ها واقعي اهي عاشق ته جان گنوائي ويا پر ڇا لاءِ؟؟؟ سب ايئن ڪجهه سردي آهي. ڪجهه اهي عاشق اها به ڀٽائي جي لفظن جهڙا جيڪي هاڻ سڀئي شاهه جي رسالي ؟ اکر اکر ٿي ويا آهن ڪو ڪهڙي سوڙ ۾ آهي ڪو ڪهڙي سُر ۾ ها واقعي اهي لطيف جي شعرن جهڙا ئي ته هئا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. وقار راهمون

    وقار راهمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 فيبروري 2013
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اوهان جي ونڊ بنهه من موهي وڌو
    واقعي به اسان جو ديس مري ويو آهي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    حب الوطنيءَ جا من موهيندڙ احساس، سهڻن ۽ دل کي ڌڙڪائيندڙ لفظن جي ڄار ۾ ويڙهيل لڳا ۔۔۔۔ جيتوڻيڪ حالتون تمام خراب ۽ هرطرف موت جهڙي خاموشي ۽ انکان وڌيڪ موت ماريندڙ منافقيون دل بيهاري ڇڏين ٿيون ۔۔۔ پر وري پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخي روايتن کي پڙهندي، ساهه کڻڻ تي دل چوي ٿي ۔۔۔ وري اٿي واڪا ڪرڻ تي دل چوي ٿي ۔۔۔ وري لطيف سرڪار جي هي لفظ اتساه پئدا ڪري وجهن ٿا ۔۔۔

    ووءِ ڪندي وت، متان ووءِ وسارين ۔۔۔

    سلامت هجو سدا ۔۔۔۔ سهڻا معصوم سائين ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    سائين عظيم قومون مايوسي ۾ به
    حالتن سان وڙهي پنهنجي منزل تي رسنديون آهن،
    اسان به همت ناهي هاري،مڃيون ٿا ته هن هٿيارن جي
    ڊوڙ واري دور ۾ اسان هيڻا آهيون،پر اسان هٿيارن سان
    لطيف سائين جي هن سِٽ جي آڌار تي وڙهون پيا۔
    هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار۔۔
    يا
    پوئين پهر به وڙهه ويري ساڻ وجود جي۔۔۔
    هيٺين سٽ منهنجي خيال ۾ اياز جي آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو