باغي عليم
سينيئر رڪن
نظم
چمن آر ٿري
هاء ڪتي ء جي قهري موسم
جنهن ۾ جنمن دوريون هرهر
لاڙ ڪنڌيء تي ساريون نسرن
لاهيارن جا ٽولا سنبرن
ڪيئي جوانيون ڇڪڙن ڇت تي
سٿجي لٿجي ڏاڍو ٿڪجي
لاڙي پوٺن تي ٿيون پهچن
ڪيئي سُسڪيون آهون تڙپن
ڪيئي ڪوريون سوچون سپنا
ڦيٿن هيٺيان زخمي ٿين ٿا
محبت جا ڪي کيت نرالا
مُند کان اڳ ڀيلاڙ ٿين ٿا
مان پُڻ هڪ ٿر ڄائي آهيان
پاپي پيٽ کي پالڻ خاطر
لاباري تي آئي آهيان
روح ٽنگيل آ ٿر ۾ منهنجو
چونئرن واري گهر ۾ منهنجو
ياد اچن ٿيون سهيليون مون کي
جيڪي منهنجي ساهه ۾ آهن
منهنجي هر ارواح ۾ آهن
هونئن بي مند چري آپهتي
سردي لهر وري آ پهتي
هن ئي مند ۾ منهجي ٿر ۾
شاديون ڪاڄ وڌاڻا ٿيندا
ڪيئي جوڙا لانئون لهندا
مينديء پور هٿن تي چٽبا
مونکي چنڊ نياپو ڏي پيو
تنهنجي مٺڙي پياري سرتي
سوڍيء جي اڄ شادي آهي
تصور ۾ مان سوچيان ويٺي
هُن جي بخمل جهڙي بُت تي
ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندو
منهجيون ساهه سريکيون سرتيون
هُن جي ڀر ۾ ويل هونديون
شايد منهجي ياد به ايندي
شايد تن جا هانء به تڙپن
راسوڙن تي ناچ به ٿيندا
مُرڪون ٽڙنديون ڳوڙها ڳڙندا
روئندي سوڍي چونئري چڙهندي
ٻاروتڻ کي ساري لُڇندي
پوڙهيون گڏجي آٿت ڏينديون
سهيليون سڏڪي روئي پونديون
۽ پوء شام لڙي جي تاڻي
هن جي نيٺ نکيتي ٿيندي
هن جي جيجل ڏچڪا ڏيندي
هن جو بابل سڏڪي پوندو
ننڍڙا ڀائر ننڍڙيون ڀيڻون
هن کي هيڪر چنبڙي پوندا
ها سوڍي سور سهيڙي
ساريون ڳالهيون يادون ميڙي
ڳوٺ سڄو ڳوڙهن ۾ لوڙهي
ڇڏندي پنهنجي پيء جو اُوٽو
جنهن تي پهريان پير کنيا هن
جنهن تي گڏڙين راند ڪئي هن
پر ها ريتن رسمن خاطر
اڄ هوء پنهنجي سيم ڇڏيندي
سوڍي جنهن پل پنهنجي تر تي
نيٺ نماڻي نهار ڇڏيندي
تنهن پل ساري ٿر جي موسم
بيواهه وانگي پار پئي ڪڍندي
وڌواء جيئن ورلاپ پئي ڏيندي
پر مان ڪوهين ڏور انهي کان
آڌيء ٽاڻي لوڪ سمهاري
واٽر ڪپ تي ويٺل آهيان
لڙڪ اکين مان لاڙيان ويٺي
سرتين کي ها ساريان ويٺي
لڙڪ اکين مان لاڙيان ويٺي
شايد چنڊ ڀي لڙڪ اگهي پيو
هوريان هوريان ڏور وڃي پيو۔۔
چمن آر ٿري
هاء ڪتي ء جي قهري موسم
جنهن ۾ جنمن دوريون هرهر
لاڙ ڪنڌيء تي ساريون نسرن
لاهيارن جا ٽولا سنبرن
ڪيئي جوانيون ڇڪڙن ڇت تي
سٿجي لٿجي ڏاڍو ٿڪجي
لاڙي پوٺن تي ٿيون پهچن
ڪيئي سُسڪيون آهون تڙپن
ڪيئي ڪوريون سوچون سپنا
ڦيٿن هيٺيان زخمي ٿين ٿا
محبت جا ڪي کيت نرالا
مُند کان اڳ ڀيلاڙ ٿين ٿا
مان پُڻ هڪ ٿر ڄائي آهيان
پاپي پيٽ کي پالڻ خاطر
لاباري تي آئي آهيان
روح ٽنگيل آ ٿر ۾ منهنجو
چونئرن واري گهر ۾ منهنجو
ياد اچن ٿيون سهيليون مون کي
جيڪي منهنجي ساهه ۾ آهن
منهنجي هر ارواح ۾ آهن
هونئن بي مند چري آپهتي
سردي لهر وري آ پهتي
هن ئي مند ۾ منهجي ٿر ۾
شاديون ڪاڄ وڌاڻا ٿيندا
ڪيئي جوڙا لانئون لهندا
مينديء پور هٿن تي چٽبا
مونکي چنڊ نياپو ڏي پيو
تنهنجي مٺڙي پياري سرتي
سوڍيء جي اڄ شادي آهي
تصور ۾ مان سوچيان ويٺي
هُن جي بخمل جهڙي بُت تي
ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندو
منهجيون ساهه سريکيون سرتيون
هُن جي ڀر ۾ ويل هونديون
شايد منهجي ياد به ايندي
شايد تن جا هانء به تڙپن
راسوڙن تي ناچ به ٿيندا
مُرڪون ٽڙنديون ڳوڙها ڳڙندا
روئندي سوڍي چونئري چڙهندي
ٻاروتڻ کي ساري لُڇندي
پوڙهيون گڏجي آٿت ڏينديون
سهيليون سڏڪي روئي پونديون
۽ پوء شام لڙي جي تاڻي
هن جي نيٺ نکيتي ٿيندي
هن جي جيجل ڏچڪا ڏيندي
هن جو بابل سڏڪي پوندو
ننڍڙا ڀائر ننڍڙيون ڀيڻون
هن کي هيڪر چنبڙي پوندا
ها سوڍي سور سهيڙي
ساريون ڳالهيون يادون ميڙي
ڳوٺ سڄو ڳوڙهن ۾ لوڙهي
ڇڏندي پنهنجي پيء جو اُوٽو
جنهن تي پهريان پير کنيا هن
جنهن تي گڏڙين راند ڪئي هن
پر ها ريتن رسمن خاطر
اڄ هوء پنهنجي سيم ڇڏيندي
سوڍي جنهن پل پنهنجي تر تي
نيٺ نماڻي نهار ڇڏيندي
تنهن پل ساري ٿر جي موسم
بيواهه وانگي پار پئي ڪڍندي
وڌواء جيئن ورلاپ پئي ڏيندي
پر مان ڪوهين ڏور انهي کان
آڌيء ٽاڻي لوڪ سمهاري
واٽر ڪپ تي ويٺل آهيان
لڙڪ اکين مان لاڙيان ويٺي
سرتين کي ها ساريان ويٺي
لڙڪ اکين مان لاڙيان ويٺي
شايد چنڊ ڀي لڙڪ اگهي پيو
هوريان هوريان ڏور وڃي پيو۔۔