ڇا توهان هن فليش ڪلپ کي ڏسي ۔۔۔ وقت ٻڌائي سگهندو۔۔۔۔۔؟ [FLASH="width=400 height=400"]http://widgets.clearspring.com/o/48ce7cdc6af09c41/491d2369d66e275e/48ce7cdc682371a3/81f00d0/-cpid/bf39a91ca2ca9aca[/FLASH] مٿيون ٻئي لائينون منٽس کي ظاهر ڪن ٿيون ۽ هيٺين لائين ڪلاڪن کي ظاهر ڪري ٿي۔۔۔ ته پوءِ هاڻي ٻڌائيندو ته ڇا وقت ٿيو آهي۔۔۔؟
ادا اسان جهونن جي نظر ايتري تيز ناهي جو اهڙيون باريڪ بيني واريون شيون ڏسي ڪري ڪا فتوي ڏيون باقي نو جوانن لاء ڪو مسئيلو ناهي اجهو ٿا ڳوٽ ڀنڃن
سائين عبدالغني توهان کي شاباس هجي جو اوهان ڪجهه ٽائيم ٻڌائي ويا آهيو اسان جي ته اصل سمجهه ۾ ئي ڳالهه ڪونه آئي ته هن ۾ ٽائيم جي ڪانٽا ڪيئن پيا گڙٻڙ ڪن۔
ادا رشيد ٻيلي ڪجهه ڏاهو ٿئي ڇو ٿو فقيرن کان ٽائيم پڇا ڪرين بهرحال ٽائيم آهي 1؛15 هڪ لڳي پندرنهن منٽ سدائين گڏ
او ادا مون کان ته ڳالهه ئي وسري وئي هئي ته اسان وٽ ننڍي عمر جا جهونا پڻ آهن۔۔۔ معاف ڪجو سائيز کي هاڻي وڌايو اٿم۔۔ سائين الجهڻ جي ڪائي ڳالهه نه آهي دراصل هي فليش جو ڪلپ اهڙي طرح ڪوڊ ڪيو ويو آهي جو هي توهان جي ڪمپيوٽر ۾ موجود گهڙي جيڪا ٽاسڪ بار تي موجود سسٽم ٽري ۾ رکيل آهي کي پڙهي بالن کي اهڙي ترتيب ڏئي ٿو جو وقت بالن جي ڳڻڻ سان واضح ٿيو وڃي ۔۔۔ مون مٿي ٻڌايو آهي ته مٿي ٻنهي لائينن جا بال جوڙ ڪيو جيڪي بالن جا تعداد ٿين اهي منٽ ٿينداجڏهن ته هيٺ واري لائين ۾ موجود بالن جي تعداد ڪلاڪ جي تعداد کي ظاهر ڪندا۔۔۔ ادا ابوزين مون کي لڳي ٿو ته سائين عبدالغني ۽ ادا ڦلپوٽو جي ڪمپيوٽر ۾ موجود بيٽري خراب ٿي چڪي آهي تنهن ڪري صحيح وقت نه ٿي ٻڌائي۔۔۔۔ :d
جواب: حيرت انگيز بال ڪلاڪ۔۔۔۔ سائين اهو ته صفا سولو سوال هو ڪو ڏکيو پڇو ها ته اسان سڀ جواب صحيح ڏيون هو اهڙي هلڪي ڦلڪي سوال تي ته پنهنجي اک ئي ڪون ٻڏي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پر اها خبر مونکي ڏاڍي دير سان پئي۔۔۔۔۔۔