ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌ اسان جي ماءُ آهي، جيئن اولاد پنهنجي ماءُ جي ڪوسي ڪک مان جنم وٺي ٿو ۽ ماءُ سان انتهائي محبت ڪري ٿو، ائين اسان به پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ ماءُ سان محبت ڪريون ٿا. سنڌ ڌرتي قدرتي وسيلن، گئس، سمنڊ، درياهه، تيل، ڪوئلي ۽ ٻين ذخيرن سان مالا مال هجڻ باوجود اسان جي خوشحال سنڌ جا امير ماڻهو اڄ بک بيروزگاري جي زندگي پيا گذارين. هڪ طرف بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب سنڌ جا پڙهيل لکيل نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،ته ٻئي طرف هنن نوابن جون ( جيڪي هن غريب عوام جا حقن جا چور آهن ) عياشيون ختم ئي ڪو نه ٿيون ٿين۔
