جاپاني سمنڊ ۾ اڏامندڙ مڇيون موجود، 30 ميٽرن تائين اڏامي سگھن ٿيون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ٽوڪيو( سنڌ ٽاڪس نيوز) مڇيون اڏامي به سگھن ٿيون ٽوڪيو ۾ ان نظاري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ٽوڪيو ۾ اهڙيون مڇيون ڏٺيون ويون آهن جيڪي اڏامي به سگھن ٿيون جاپاني تحقيق ڪندڙن موجب اسڪويڊ فش نالي هن مڇي جي رفتار تيز ترين آمريڪي “اوسان بولٽ” جي رفتار کان ٿوري ئي تيز آهي يوڪائيڊو يونيورسٽي جي رسرچ ڪندڙ جم ياما موتو جو چوڻ آهي ته اسڪويڊ جي باري ۾ مشهور آهي ته اها مڇي هوا ۾ اڏامندي آهي پر ڪو به ان ڳالھ جي وضاحت ناهي ڪري سگھيو ته اهي ڪيئن اڏامنديون آهن، هن دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ان مڇي جي اڏامڻ جي ميڪانزم بابت پتو لڳائي ورتو آهي. سندس چوڻ آهي ته هي مڇي پاڻي ۾ پنهنجو پڇ تيزي سان گھمائيندي آهي ۽ جھٽڪي سان جيٽ جهاز جيان نڪرندي هوا ۾ ترڻ لڳندي آهي. هي اسڪويڊ فش 11.2 ملي ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان اڏامي سگھي ٿي ۽ ان جي اڏام 30 ميٽرن کان وڌيڪ نه هوندي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن اسڪويڊ جي اڏامڻ جي ميڪنازم جي وضاحت ڪئي آهي. ياماموتو ۽ سندس ٽيم ٽوڪيو جي 600 ميٽر سمنڊ ۾ جاپاني اسڪويڊ مڇين تي مشاهدو ڪيو.
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    حاضر آهي اڏامندڙ مڇين واري وڊيو جيڪا گهڻو عرصو اڳ به دوستن شايد ونڊ ڪئي هئي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو