• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعريءَ جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي شاعرن کي سلام

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
189613_1919040613933_3627989_n.jpg

اڄ شاعريءَ جو عالمي ڏينهن آهي. مان شاعري ڪري ڪونه سگهيو آهيان ۽ نه ئي ڪري سگهندس، ڇو ته مان شاعر ناهيان. پر شاعري گهڻي پڙهي آهي ۽ ٻڌي آهي. مان اڪثر شاعرن جي تخليقن تي حيران ٿي ويندو آهيان ته هي ڪيئن ٿا اسان جي دلين جو راز ڄاڻن. سندن شاعري ڄڻ ته اسان جي احساسن جي ترجمان هجي ٿي. ڪنهن چيو شاعري وڇوڙي جو ورلاپ آهي! محبت جو آلاپ آهي! پيار جو پويتر احساس آهي! شاعري آتما جو آواز آهي! شاعري روح جو راڳ آهي! ڌرتي جي سونهن آهي! وُٺي جو واءُ آهي! ساجن جي سڪ ۽ وطن جي ڇڪ آهي! شاعري ڪوي جي دل درياءِ مان نروار ٿيل سچ جو آب آهي! شاعري مظلوم جو لڙڪ ۽ بندياڻي جو ٻُڙڪ آهي! شاعري مور جي اکڙين مان ڪريل آنسو برابر آهي، جيڪو ڊيل جي پيٽان وري وجود وٺي ڌرتيءَ تي ٽهوڪا ڪري ٿو! شاعري شاعر جي احساساتي حُسن جو پوپٽ آهي! شاعري سِتمن هٿان ستايل سريرن جو سڏ آهي! شاعري ساجن جي سِنهيرڙن هٿڙن جي اُها ريکا آهي جنهن ۾ عاشقي جي الستي لکيل آهي!
شاعريء جي عالمي ڏينهن تي سڀني سنڌي شاعرن ۽ دنيا جي سڀني ٻولين جي شاعرن کي عقيدت ڀريو سلام پيش ڪيان ٿو. ڪجهه شاعريء بابت خيال دوستن سان ونڊ ڪرڻ چاهيندس.
شاعر هڪ انسان آهي. جيڪو انسانن سان ڳالهائي ٿو، جنهن کي عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور، جوش ۽ نازڪ احساس مليل آهن. سندس روح وسيع آهي، هن جو جذبو ٻين کان وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته سڄي ڪائنات به انهن جذبن ۽ امنگن سان ٽمٽار هجي. (وليم ورڊس ورٿ)
شاعري قدرت جي حقيقت جي ترجماني ڪري ٿي منهنجي نظر ۾ شاعري قدرتي ڏات آهي، جيڪو هرهڪ ماڻهو نٿو ڪري سگهي. (سيد مرتضى ڏاڏاهي)
ڪوبه شاعر ڪڏهن به زور مس سان قلم کڻي تيستائين ڪجهه به لکي نٿو سگهي، جيستائين سندس دل محبت جي ٿڌا ساهه کڻڻ واري مس سان ملي نرم نه ٿي آهي. (شيڪسپيئر)
شاعري درد ۽ پيڙا جي پيٽ ڄائي آهي، هر اهو شخص جيڪو ڀوڳي ٿو ۽ درد سهي ٿو سو شاعر آهي هن جو هر هڪ لڙڪ هڪ شعر ۽ هر دک هڪ نظم آهي. (مائيڪ آندري)
شاعري انسان جي ذهن ۾ پيدا ٿيل پيڙا جو نالو آهي، شاعري حق ۽ سچ جو آواز آهي، شاعري مظلوم قومن جو ڏاج آهي، شاعري بس تاريخ جي گذريل باب هلندڙ وقت ۽ ايندڙ اوندهي طوفان سان ٽڪر کائڻ جو نالو آهي. (افضل قادري)
شاعر اهو آهي، جنهن جي سخن مان سچ، سونهن ۽ سچائي جون وصفون باڪمال طور بکن جنهن جي اندر مان، شعر اڌمو کائي نڪري ۽ جبل جي جهرڻي جيان اڇلون ڏيئي اُڀري پوي. (شمس العلماءَ ڊاڪٽر داؤد پوٽو)

شاعر، معاشري جو بيباڪ نقاد آهي هو اهڙي ته خوبصورتي سان سڀ ڪجهه ادا ڪري ويندو آهي جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن ۾ ذهني هلچل مچائي ڇڏيندو آهي، نڪته چيني ڪندي پنهنجو پاڻ مان به نه گسندو آهي. (مخدوم طالب الموليٰ)

جڏهن ڪنهن شاعر جو جذبو ۽ ان جو فن، ٻئي يڪسان پرخلوص ۽ سچا هجن ته اهوئي خلوص ۽ سچائي، ڪنهن شاعر جون امتيازي خصوصيتون آهن. (فيض احمد فيض)

شاعري، فن نه بلڪ فڪر جو نالو آهي، اهو فڪر جنهن کي نه ته توري سگهجي ٿو ۽ نه ان جو ملهه ڪٿي سگهجي ٿو. شاعري ڪبي ناهي، ٿي پوندي آهي، ڇو ته شاعري اندر جي آواز تي لبيڪ چوڻ جو نالو آهي. (عبدالرحمان)

شاعري پيغمبريءَ جو هڪ حصو آهي، پر جاهلن پنهنجي خر دماغيءَ سبب ان کي ڪفر ڪري ڄاتو آهي. (مولانا رومي رحه)

شاعر، بلبل جي مثال آهي، جيڪا انڌيري ۾ ويهي پنهنجي اڪيلائپ کي ريجهائڻ خاطر مٺڙا ٻول ٻوليندي آهي. (سيلي)

هر اهو ماڻهو شاعر ٿي پوندو آهي، جنهن کي عشق جي چوٽ لڳندي آهي. (افلاطون)

شاعر دنيا جي هر معاشري جي اهم ۽ ذميدار شخصيت هوندو آهي، سندس شخصيت معاشري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، دنيا جا گهڻا انقلاب شاعرن جي زبان مان نڪتل شعر جي ڄڀن مان جنم وٺندا آهن، قومن ۾ سجاڳي ۽ غيرت پيدا ڪرڻ جا ذميوار به شاعر ئي آهن. (تهمينه مفتي)

دولت رام کتري لکي ٿو :
ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو انسان جي سڀ کان عظيم تخليق“ تصور ڪيو وڃي ٿو. شاعري رڳو لفظن جي سٽاءُ جو نالو ناهي، پر شاعري دل جو آواز آهي، سجاڳي جو پيغام آهي، پنهنجي دل جي آواز کي سماجي حالتن کي اظهارڻ ۽ انهن کي لفظن جي مالا ۾ پروڙڻ جو ٻيو نالو ”شاعري“ آهي. شاعر معاشري جو حساس ذهن رکندڙ ڪردار هجي ٿو، تنهنڪري فطرتي طور هو سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ تضادن تي گهرائي سان سوچي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائي ٿو. شاعر قومن جا سفير هجن ٿا جيڪي پنهنجي قومن جي بقا جي جنگ وڙهن ٿا، پنهنجي تاريخي ورثن ۽ تهذيبن مورچن کي بچائڻ ۾ هڪ شاعر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
 
شاعرن جي عالمي ڏينهن تي سونهن سوندرتا سڪ سوز درد پيڙا خوشي غمي يا ڪنهن به موضعو تي لکندڙ شاعرن کي سلام پيش ڪيان ٿو ، اِن اميد سان هن وقت جي شاعرن کان ته اهي ماڻهن لا امن شانتي تعليم تدريس جي لا وڌ کان وڌ ڪم ڪندا رهندا
 
شاعري عشق  حُسن جي ملي
۽ پوء وري وِڇڙڻ جو ٻيو نالو آهي،
ڪو به ماڻهو تيستائين ڪا ذهني تخليق
نه ٿو ڪري سگهي،جيستائين سندس دل
دردکان خالي آهي،پوء اهو درد محبوب جو وِڇوڙي
جي صورت ۾ هجي يا وطن  قوم جي صورت ۾۔۔۔
 
دل کي ڀائيندڙ ۽ روح کي ريجهائيندڙ احساسن جو نالو شاعري آهي ۽ اهي احساس هرطرح جي روح کي انهن احساسن ۾ ڀري وٺندا آهن جيڪي سڀني هواسن کي يڪجا ڪري هڪ ڪري ڇڏيندا آهن،جنهن سان درد خوشي يا وڇوڙو يا وطن جي حب هرطرح جو منظر دل جي اک سان مشابهت رکندو آهي۽ ان کي ڏسي هر دل پنهجو پنهجو احساس محسوس ڪندي آهي،،جنهن جي گهرائپ ۾ وجود گم ٿي ويندو آهي ۽ لفظ ترنم ۾ ادا ٿيڻ لڳندا آهن۽ اهڙي طرح احساسن جا سُرَ ملي پوندا آهن،جن کي جهونگار ملي ويندي آهي ۽ جهونگاريندي جهونگاريندي ساز سهيڙجي ويندا آهن،مطلب هر شئي رقص ڪرڻ لڳندي آهي پر پنهجي پنهجي انداز ۾ ۽ سڀ گڏجي ڌُن ٺاهي وجهندا آهن،اها ڌُن آلاپڻ سان گيت گونجڻ لڳندا آهن ،جيڪي موسيقي جي صورت اختيار ڪري ويندا آهن ۽ موسيقي انسان کي ريجهائي انهن جي جذبن جي ترجماني ڪندي آهي،
 
شاعري روح جو آواز آهي، ۽ ان کي جوڙيندڙ شاعر انتهائي نفيس ٿيندا آهن۔۔ دنيا جي ڪنهن به ٻولي جو ڪو به شاعر هجي پر انهن سڀني احساس ساڳيا هوندا آهن۔۔دنيا جي هڙني شاعرن کي عظيم ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔
 
Back
Top