• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شعر۔۔۔ رهياسين هردم اڪيلا اڪيلا،

سجاد علي خاصخيلي

سينيئر رڪن
خوابن جي دنيا مقدر اسان جو،
نه ڪو ساٿي نه دلبر اسان جو،
زماني ۾ هر دم اڪيلا رهياسين،
نه ڪنهن محفل جا راجا بنياسين،
نه ڪنهن نظر جا تارا بنياسين،
بس جاني پنهنجي خوشين جا ڪاتل بنياسين،
رهياسين هردم اڪيلا اڪيلا،
اداسين جي دنيا مان نه نڪري سگهياسين۔۔۔۔۔۔۔۔
 
ادا۔۔اوهان جي شاعري پڙهي محترم آڪاش انصاري جي شاعري ياد اچي وئي۔۔۔۔

نه ڪي عشق آتش فشان ٿي اُڏاميو...
نه ئي ديپ دِل اوهان جو اُجهاميو...
دکياسين، جلياسين اڌورا اڌورا....
اسان بس رهياسين اڌورا اڌورا.....
 
خوابن جي دنيا مقدر اسان جو،
اداسين جي دنيا مان نه نڪري سگهياسين۔۔۔۔۔۔۔۔
ادا سجاد! سهڻا ڀاءُ، ان حالت مان نڪري اچو ته سٺو ٿيندو ۔۔۔۔سڄڻن جي صلاح وٺو ۔۔۔ پاڻ تي توجهه ڏيو ۽ پاڻ سان عدل ڪريو۔ لک قرب
 
Back
Top