سنڌ اسيمبلي ٽٽي وئي، جسٽس (ر) قربان علوي کي نگران وڏو وزير نامزد ڪرڻ تي اتفاق، متحده 50 سيڪڙو وزارتو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪراچي (رپورٽ: رشيد ميمڻ) گورنر سنڌ وڏي وزير جي ايڊوائيس تي سنڌ اسيمبليٽوڙي ڇڏي، حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ نگران وزيراعليٰ لاءِ جسٽس (ر) زاهدقربان علوي جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو، ايم ڪيو ايم نگران سيٽ سرڪار ۾ 50سيڪڙو اهم وزارتون گهري ورتيون، مامرو ايوان صدر پهچيويو، وڏي وزير پاران سنڌ اسيمبلي ۽ ڪابينا ٽوڙڻ لاءِ تيار ڪيل ايڊوائيسڪالهه گورنر کي اماڻي وئي، جنهن تي رات جو ساڍي 11 وڳي گورنر ڊاڪٽر عشرتالعباد صحيح ڪندي سنڌ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اهڙي تصديق گورنر هائوس پاران ڪئيوئي آهي، مليل ڄاڻ موجب وڏي وزير جي ايڊوائيس ۾ لکيو ويو هو ته ڪالهه راتجو 12 وڳي تائين سنڌ اسيمبلي کي ٽوڙيو وڃي ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي کيلکيو وڃي ته ڪابينا ٽوڙڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو وڃي، ايڊوائيس ۾ اهو پڻلکيل آهي ته اسپيڪر کي لکيو وڃي ته اهو اليڪشن ڪميشن کي لکي ته اسيمبليٽوڙي وڃي ان ڪري اسيمبلي جي ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو وڃي، واضح رهي تهسنڌ اسيمبلي جو مدو 4 اپريل 2013ع تي پورو ٿي رهيو هو پر ان کي وزيراعظم جيسربراهي ۾ ٿيل اجلاس جي فيصلي تحت 16 ڏينهن اڳ ٽوڙيو ويو آهي، جڏهن ته راتدير تائين ڪابينا ٽوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو هو. جڏهن ته حڪومت ۽ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ نگران وزير اعليٰ لاءِ جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي جينالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ايم ڪيو ايم پاران نگران حڪومت ۾ 50 سيڪڙو حصو۽ اهم وزارتون گهرڻ سبب معاملو صدر تائين پهچي ويو، صدر آصف علي زرداريسنڌ جي وڏي وزير سميت اهم اڳواڻن کي اسلام آباد طلب ڪري صلاح مشورا ڪيا،ڪالهه پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ گورنر هائوس ۾ نگران حڪومت جي حوالي سان هڪاجلاس ٿيو جنهن ۾ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه،صوبائي وزير آغا سراج دراني، اياز سومرو، شرجيل ميمڻ، ايم ڪيو ايم جياڳواڻن سيد سردار احمد، رضا هارون ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ ٻنهيڌرين وچ ۾ جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي کي نگران وزير اعليٰ بڻائڻ تياتفاق ٿي ويو آهي پر ذريعن موجب ايم ڪيو ايم نگران حڪومت ۾ 50 سيڪڙووزارتون ۽ صحت، تعليم، ناڻي سميت اهم وزارتون گهري ورتيون، جنهن تي پ پ ۽ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڊيڊ لاڪ پيدا ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻنپارٽي سربراهن کي صورتحال کان آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ ذريعن موجب پ پ جيشريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ پ پجي اهم اڳواڻن آغا سراج دراني، اياز سومرو، شرجيل ميمڻ کي اسلام آباد طلبڪري ورتو، جن سان صدر ايم ڪيو ايم جي مطالبن جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا،هوڏانهن ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ رضا هارون چيو تهنگران وزير اعليٰ لاءِ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ اهونگران وزير اعليٰ غير جانبدار هوندو، صدر آصف زرداري پ پ جي قيادت کي پاڻوٽ گهرايو آهي، ۽ اسان نگران وزير اعليٰ جي حوالي سان پ پ جي فيصلي جوانتظار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم نگران حڪومت ۾ 50 سيڪڙووزارتون نه گهريون آهن اهڙي ڳالهه بلڪل غلط آهي.
    زاهد قربان علوي پ پ جو حمايتي آهي: فنڪشنل ۽ هم خيال جو اعتراض
    ڪراچي: مسلم ليگ فنڪشنل ۽ مسلم ليگ هم خيال جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علويجي امڪاني طور نگران وزير اعليٰ ٿيڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته هو پ پ جوحمايتي رهيو آهي ۽ ڌر آهي، ان ڪري سندس موجودگي ۾ شفاف چونڊون نه ٿينديون،ڪاوش“ سان ڳالهائيندي مسلم ليگ فنڪشنل جي پارلياماني ليڊر ڄام مدد علي چيوته اسان مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد سردار احمد کي 3 نالا حسين هارون، اسلمسنجراڻي ۽ خير محمد جوڻيجو ڏنا هئا، جيڪي ٽئي غير جانبدار هئا پر ايم ڪيوايم حڪومت کي ڏنل نالن ۾ اسان جو هڪ نالو به شامل نه ڪيو، هن چيو ته جسٽسرٽائرڊ قربان علوي کي نگران وزير اعليٰ ڪرڻ جا اطلاع ملي رهيا آهن، جنهن جياسان مخالفت ڪريون ٿا، ڇو ته سندس پ پ سان پراڻو واسطو آهي، ۽ جيڪڏهننگران وزير اعليٰ جي وابسطگي ڪنهن پارٽي سان هوندي ته هو شفاف چونڊون نهڪرائي سگهندو، مسلم ليگ هم خيال جي پارلياماني ليڊر عبدالرزاق راهمون چيوته اسان مخالف ڌر جي اڳواڻ کي نالا ڏنا هئا، پر انهن مان هڪ نالو به شاملنه ڪيو ويو، جسٽس علوي پ پ جو حمايتي رهيو آهي ۽ هو اڻڌريو نه آهي ان ڪريسندس جي موجودگي ۾ شفاف ۽ آزاد چونڊون نه ٿي سگهنديون، هن چيو ته نگران سيٽاپ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وچ ۾ پري پلاننگ تحت آندو پيو وڃي، نيشنل پيپلزپارٽي جي پارلياماني ليڊر مسرور جتوئي چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل ۽ اسان گڏجي 3نالا سردار احمد کي ڏنا هئا، پر ايم ڪيو ايم اهي نالا اڳتي نه وڌايا، جنهنتي افسوس آهي. هن چيو ته نگران وزير اعليٰ جي حوالي سان مخالف ڌر جيپارٽين سان صلاح مشورن کان پوءِ ڪو لائحه عمل جوڙينداسين.
    بوهريبرادري سان تعلق رکندڙ جسٽس(ر) زاهد علوي ڪراچي جي پهرئين مسلمان ميئرحاتم علوي جو پوٽو آهي، هو گجراتي، اردو ۽ انگريزي ٻوليون ڳالهائي ٿو
    [​IMG]
    ڪراچي: سنڌ جي حڪمران جماعت پ پ ۽ مخالف ڌر جي وڏي پارٽيمتحده پاران پرڳڻي جي وڏ وزارت لاءِ مختلف نالن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي،اميدوارن جي ڊگهي لسٽ ۾ ڪراچي ڄائي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج رهندڙ جسٽس (ر) زاهد قربان علوي جو نالو سڀني کان مٿڀرو آهي، سنڌ لينڊ ڪاميٽي ۽ صوبائيزڪوات ڪائونسل جي 73 ورهين جي چيئرمين جسٽس (ر) زاهد قربان علوي جو تعلقڪراچي جي بوهري برادري سان آهي هو ڪراچي جي پهرئين مسلمان ميئر حاتم علويجو پوٽو آهي، سندس والد قربان علوي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو دوست هو، سندسخاندان 19هين صدي جي شروع ۾ ايران مان ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو هو، 21 آگسٽ 1941ع تي ڪراچي ۾ اک کوليندڙ جسٽس علوي ميٽرڪ ۽ انٽر سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۽ڪاليج، ايل ايل بي ۽ آءِ آر ۾ ماسٽرز سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي، جسٽس علوي جيمادري ٻولي گجراتي آهي هو اردو ۽ انگريزي پڻ ڳالهائي سگهي ٿو، جڏهن ته سنڌيڳالهائڻ هن لاءِ ڏکيو آهي هو وڏي عرصي تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽجي سينيئر وڪيل طور خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو، 1997ع ۾ کيس هاءِ ڪورٽ جوجج بڻايو ويو، هاءِ ڪورٽ جي جج طور هن گهڻو عرصو سکر ۽ لاڙڪاڻو بئنچن لاءِخدمتون سر انجام ڏنيون، سال 2003ع ۾ ان عهدي تان رٽائر ٿيو، 80ع واري ڏهاڪي۾ هن سنڌ جي ڳوٺاڻي ترقي وارين رٿائن لاءِ عالمي اداري يونيسيف سان پڻڪجهه عرصو ڪم ڪيو، سال 2008ع ۾ کيس صوبائي زڪوات ڪائونسل سنڌ جو چيئرمينبڻايو ويو، بعد ۾ سنڌ حڪومت پاران کيس اڳوڻين حڪومتن جي دور ۾ شهري علائقن ۾سستي اگهه تي الاٽ ڪيل ۽ سال 2000ع ۾ سنڌ اربن لينڊ (ڪينسيليشن آفالاٽمينٽ) آرڊيننس لاڳو ٿيڻ سان زمينن جي رد ٿيل الاٽمينٽ کي مارڪيٽ اگههوصول ڪري بحال ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل سنڌ لينڊ ڪاميٽي جو چيئرمين بڻايو ويو، هنسنڌ حڪومت کي 10 ارب اوڳاڙي ڏنا، جسٽس (ر) زاهد قربان علوي جي ويجهن حلقنجو چوڻ آهي ته هو بذات خود صاف ڪردار وارو ماڻهو آهي، جسٽس (ر) زاهد قربانعلوي 2010ع ۾ صوبي ۾آيل وڏي ٻوڏ ۽ ٽوڙهي بند ٽٽڻ بابت سنڌ حڪومت پارانجوڙيل جاچ ڪميشن جو مک ميمبر هو، هن ڪميشن ۾ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو تهٻوڏ آبپاشي کاتي جي ڪامورن جي گڏيل غفلت جو نتيجو آهي، ڄاڻايل ڪميشن غفلتجو مظاهرو ڪندڙ ڪنهن ڪاموري جي نالي جي نشاندهي نه ڪئي هئي، هو سپريم ڪورٽپاران ڪراچي امن امان ڪيس جي فيصلي موجب ڪراچي ۾ فسادن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جينتيجي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي معاوضي لاءِ سنڌ حڪومت پاران جوڙيلڪاميٽي جو پڻ چيئرمين رهيو، جسٽس علوي کي ڪراچي جي بلديا واري علائقي ۾فيڪٽري کي لڳل باهه ۾ 180 ماڻهو سڙي فوت ٿي وڃڻ واري واقعي جي جاچ لاءِجوڙيل ٽربيونل جو پڻ سربراهه بڻايو ويو هو، هن پنهنجي رپورٽ ۾ سانحي کيبجلي جي شارٽ سرڪٽ جو نتيجو قرار ڏنو هو. هن جاچ رپورٽ ۾ دهشتگردي ياسبوتاز جي امڪان کي رد ڪيو هو، جسٽس علوي کي شاگردي واري دور کان لکڻ پڙهڻ،سير تفريح، سماجي سرگرمين جو شوق هو، هن ڪيترا مضمون ۽ شارٽ اسٽوريز پڻلکيون.
    بشڪريه​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    لاهور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي صدر ميان نواز شريف چيو آهي ته سنڌ ۾ نگران وزير اعليٰ ۽ اپوزيشن ليڊر جي مقرري ملي ڀڳت ۽ 20 هين آئيني ترميم جي روح جي خلاف آهي، جنهن جي خلاف ٻين اتحادي اپوزيشن جماعتن سان گڏجي عدالت ۾ وينداسين، اليڪشن ڪميشن کي به ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هن اهڙو اظهار ٽنڊوالهيار جي اڳوڻي ضلعي ناظمه راحيلا گل مگسي جي ن ليگ ۾ شموليت جي وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ملڪ ۾ ڪنهن به صورت ۾ ايندڙ اليڪشن کي تڪراري بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ اليڪشن جي خلاف ٿيندڙ هر ڌانڌلي ۽ سازش خلاف احتجاج ڪيو ويندو، نگران وزير اعظم جي لاءِ جيڪي نالا ڏنا آهن، ان کان پوئتي نه هٽنداسين، جيڪو نالو نگران وزير اعظم جي نالن ۾ هڪ نمبر تي آهي، ان کي ئي نگران وزير اعظم ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن پارلياماني ڪميٽي ۾ نگران وزير اعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿو ٿئي ته اها ڪا برائي يا عيب ناهي، آئين جي تحت معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو، اسين ڄاڻو ٿا ته ايم ڪيو ايم اليڪشن کان چند هفتا پهرين ڇو اپوزيشن ۾ آئي، بلوچستان ۾ به نگران حڪومت جي حوالي سان خدشا آهن، پاڪستان جي 65 سالا تاريخ ۾ ڪا چونڊيل حڪومت پنهنجو مدو پور ڪري نه سگهي آهي ۽ عوام جي ووٽن سان ئي ٻيهر حڪومت ايندي، جيڪي صحيح هوندا انهن کي عوام پاران چونڊيو ويندو، ملڪ ۾ تبديلي جي شروعات ٿي چڪي آهي، مولانا فضل الرحمان جي نواز ليگ کان وڌيڪ چوڌري نثار سان ناراضگي آهي، مان جلد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندس، پ پ ۽ ان جا اتحادي صوبائي نگران حڪومتن ۾ به وزارتن جي بندر بانٽ ڪري رهيا آهن، رائونڊ ۾ پارٽي جي اجلاس کان پوءِ نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻن سان گڏيل پريس ڪانفرس ڪندي نواز شريف چيو ته ماضي ۾ ڪنهن به جمهوري حڪومت کي آئيني مدت پوري ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، ڪنهن حڪومت کي ٻن ۽ ڪنهن کي اڍائي سالن ۾ ختم ڪيو ويو ۽ ڪڏهن ڪنهن جمهوري صدر جمهوري حڪموت کي ختم ڪيو ته ڪڏهن ڪنهن جرنل اچي جمهوريت ۽ پارليامينٽ جو گلو دٻايو، ٻيو ته ٻيو پر هتي سپريم ڪورٽ کي به برطرف ڪيو ويو، پر هڪ وقت اهو به آيو جو اسان جي حڪومت کي 1993 ۾ ختم ڪيو ويو، ان کانپوءِ عدليه اسان جي حڪومت کي بحال ڪيو ۽ مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن 1999 ۾ ختم ڪيل اسان جي حڪومت جو معاملو عدالت ۾ وڃي ها ته ان کي بحال ڪيو وڃي ها، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فوج جي ڇٽي جي بغير جمهوري حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪئي آهي، ۽ اسان به جمهوريت ۽ ملڪ جي مفاد ۾ پنج سال وڏو صبر ڪيو آهي، اها خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته هاڻي ملڪ ۾ عام اليڪشن ٿيڻ وڃي رهي آهي.۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔بشڪريه
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جسٽس (ر) زاهد قربان علوي سنڌ جو نگران وڏو وزير نامزد، اڄ حلف کڻندو
    ڪراچي ( رپورٽ: ضياءُ قريشي، محڪم الدين راڄپر ۽ مجيد عباسي) سنڌ سرڪار ۽ مخالف ڌر ايم ڪيو ايم سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ جسٽس (ر) زاهد قربان علوي کي نامزد ڪرڻ جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير زاهد قربان علوي کي حلف کڻائڻ لاءِ سفارش گورنر کي موڪلي ڇڏي. سيد قائم علي شاهه ۽ سيد سردار احمد چيو آهي ته اليڪشن شفاف ۽ آزاد نموني منعقد ڪرائڻ نگران وڏي وزير ۽ نگران سنڌ ڪابينا جي ذميداري آهي. قائم علي شاهه چيو ته سياسي پارٽين جو فرض آهي ته نگران حڪومت کي آزاد نموني ڪم ڪرڻ ڏين. ڪالهه وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر سيد سردار احمد وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن آغا سراج دراني، اياز سومرو، ڊاڪٽر موهن لال، ڊاڪٽر صغير احمد، سيد فيصل سبزواري، امداد پتافي، عمران ظفر لغاري، ڪلثوم چانڊيو ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي نگران وڏي وزير لاءِ جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي کي نامزد ڪرڻ واري سمري تي صحيح ڪئي ان کان پوءِ وڏي وزير ۽ مخالف ڌر ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ پرهجوم پريس ڪانفرنس وسيلي جسٽس (ر) زاهد قربان علوي کي نگران وڏو وزير بڻائڻ جو اعلان ڪيو. پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته آئين جي آرٽيڪل 224 (هڪ) اي تحت نگران وڏي وزير بابت قائد ايوان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي گڏجي گڏيل مشاورت سان فيصلو ڪرڻو آهي، ان ڪري اسان گڏجي ڪنهن معاملي ۾ ڦاسڻ بدران گڏيل مشاورت ڪري نگران وڏي وزير جي نالي تي متفق ٿياسين. هن چيو ته آئين اسان کي حڪومت لاءِ 5 سال ڏنا، حڪومت کي 4 سال 11 مهينا گذريا ته وزيراعظم راجا پرويز اشرف چئني وڏن وزيرن جو اجلاس گهرايو جنهن ۾ طئه ٿيو ته چار ئي صوبائي اسيمبليون هڪ ئي ڏينهن تي ٽوڙجن ته جيئن قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن تي ٿي سگهن جنهن سان خرچ به گهٽجندو. ان شيڊول تحت اپوزيشن سان مشاورت ڪئي، هڪ ٻئي جو موقف بهتر طريقي سان ٻڌو. هن چيو ته جسٽس (ر) زاهد قربان علوي جو نگران وڏي وزير لاءِ لکت ۾ تجويز گورنر کي موڪلي ويندي جيڪو آئين مطابق پراسيس کي اڳتي وڌائيندو. ان سوال ته ڪهڙيون قوتون اليڪشن ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿيون جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اسين اليڪشن چاهيون ٿا، نه ته ڪير ٿو ڪرسي ڇڏي ۽ پيار محبت سان ايندڙ چونڊن طرف وڃي رهيا آهيون، هاڻ ايندڙ اليڪشن منصفاڻي ۽ شفاف نموني منعقد ڪرائڻ نگران صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي جيڪي چونڊون اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي تحت ٿينديون. ان سوال ته ڇا نامزد ڪيل نگران وڏو وزير صاف شفاف اليڪشن ڪرائي سگهندو جي جواب ۾ سيد قائم علي شاهه چيو ته زاهد قربان علوي جج رهيو آهي، کيس اليڪشن ڪميشن جي سپورٽ هوندي جڏهن ته سمورين سياسي پارٽين جو فرض آهي ته نگران وڏي وزير کي آزاداڻي نموني ڪم ڪرڻ ڏين. ان سوال ته علوي جو نالو ڪهڙي پارٽيءَ تجويز ڪيو جو جواب ڏيڻ کان لنوائيندي سيد قائم علي شاهه چيو ته اپوزيشن به نالا ڏنا ۽ اسان به ڏنا. هر نالي تي ويچار ٿيو. زاهد قربان جي جج طور يونيڪ پوزيشن رهي آهي، ڪراچي ۾ بدامني بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته موجوده حڪومت ۾ ڪراچي ۾ جيڪي 4 هزار قتل ٿيا آهن اهو وار اينڊ ٽيرر جو نتيجو آهي پنجاب ۾ 19 هزار قتل ٿيا، اتي ڪير نٿو چوي. هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ ڪيترائي ڏوهاري ماريا ۽ پڪڙيا ۽ ڪيترائي ڪيس عدالتن کي موڪليا آهن. ايم ڪيو ايم اڳواڻ اپوزيشن ليڊر سيد سردار احمد چيو ته 5 سال اڳ گڏجي حڪومت هلائڻ جو سفر شروع ڪيو هو جنهن لاءِ صدر آصف زرداري نائن زيرو پڻ آيو هو، سرچاءُ واري پاليسي تحت گڏجي هلڻ مشڪل هو پر الله جو شڪر آهي جو اسان اڄ ان نتيجي تي پهتا آهيون جو اسين تاريخ ٿي رهيا آهيون، اڳ ۾ حڪومت جي پرامن نموني منتقلي ڪڏهن نه ٿي پر اسان نگران حڪومت لاءِ گڏجي فيصلو ڪيو جنهن دوران اختلاف به ٿيا پر هڪ شخص کي نامزد ڪيو. نگران وڏي وزير جي نالي لاءِ مخالف ڌر جي حصن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. هاڻ نگران وڏي وزير ۽ نگران ڪابينا جي ذميداري هوندي ته اها اليڪشن ڪرائي جيڪا جمهوريت جي فتح آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته نگران وڏو وزير ڪنهن جي سفارش مڃڻ جو پابند ناهي، هن کي جيڪو سمجهه ۾ اچي نگران ڪابينا ۾ ماڻهو کڻي.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين ڪير به اچي سنڌ کي ڪهڙو فائدو ٿيندو ؟ ٻارڻ اهو ئي ٻريل آهي۔​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو